”اسان جي سنڌ هن وقت خطري ۾ آهي.“ اِهي اکر آئون ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندو پئي آيو آهيان، پر هاڻ انهن اکرن جو ته صرف پڙاڏو رهجي ويو آهي، جيڪو ٿورو ٿورو گونججي اچي پيو، ۽ بس! پوءِ آهستي آهستي اُن جي گونج ختم ٿيندي پيئي وڃي. ائين ئي اڄ اسان سنڌين جي اندر مان، اسان جي دلين مان، ۽ اسان جي روحن مان سنڌ جي محبت، سنڌ جي چاهت، ۽ سنڌ جي سِڪ نڪرندي پيئي وڃي. پر ان ۾ آخر دوش ڪنهن جو آهي؟ اسان جو . . . ؟ يا واڳ ڌڻين ۽ اڳواڻن جو ؟؟؟؟ ڇا هِن معاملي ۾ اُنهن ماڻهن جو دوش آهي، جيڪي اَن جي داڻي داڻي ڪاڻ پنڻ تي مجبور آهن، يا وري اُنهن جو جنن جا ٻار ٻچا غربت جي ڪري انگ اگھاڙا ۽ پيٽ بکيا سُتا آهن. يا پوءِ يقينن اُهي ماڻهو ئي انهي ڳالهه جا دوشي آهن، جنن جا اِجھا ته شايد موجود هجن، سندن زمينون به موجود هجن مگر انهن تي سندن ڪوبه حق نه آهي. اُهي يا ته ڪنهن وڏيري جي بوجھه هيٺان دٻجي، پسجي ۽ گھٽجي ويا آهن يا وري ڪنهن سرڪاري ڪاموري جي هٿ چڙهي لُٽجندا وڃن. خوشحاليءَ جا خواب ۽ آزاديءَ جا ساڀيان انهن جي لاءِ ڪا معنى ڪانه ٿا رکن. چون ٿا ته ”پيٽ هزار مسئلن جو حل آهي.“ مگر جڏهن پيٽ ئي خالي هجي، جڏهن اکين نه اَن ڏٺو هجي، ۽ نه ئي پيٽ ڪو داڻو ، ته اُن وقت ڪيئن ٿا اُهي سونهن ۽ ساڀيان، سچائي ۽ آزادي جا خواب ڏسي سگھن. ۽ اهڙي ماحول ۾ ته هُو انهيءَ ڳالهه کي بلڪل به گوارا نه ڪندا، جنهن ماحول ۾ خواب ڏسڻ هڪ گناهِ عظيم هجي. جتي امن جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجھڻ جي برابر آهي. جتي حقن جي گھُر ته پري، پر صرف اِهو ٻڌائڻ ته ڪڏهن اسان جا اِهي حق هوندا هئا، به گناهه آهي. ته انهي اهڙي ڌرتيءَ تي ڇا هُو بکيئي پيٽ آزادي جا خواب ڏسي سگھن ٿا؟ چوندا آهن ته سنڌ ۾ ڪنهن زماني سونا سنڱ ۽ سلا ٿيندا هئا. هتي جي خوشحالي ڏسي ٻاهرين حڪمرانن جي وات ۾ گِگھي پئجي ويندي هئي. سنڌ جا جوڌا جوان . . . ! مگر اڄ اِهو زمانو ڪٿي . . . . ! اسان جا جوان ڪنهن اونڌي کائيءَ ۾ ڪِرندا پيا وڃن. اسان جو سماج انهن نوجوانن کي آهستي آهستي ذهني اپاهج ۽ معذور بڻائيندو وڃي. سنڌ جا بهادر ۽ دلير جوان! ، جڏهن ڪنهن يار دوست جي ٿوري چُنگ لڳائڻ تي وڃي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ڪاري چئي قتل ٿا ڪن، ته اُن وقت ڌرتيءَ تي پيل رت ٺينڊيون هڻندو، اسان جي بي وسي ۽ لاچاري تي ٽهڪ ڏيندي ۽ پنهنجي پاڪدامنيءَ جا نوحا چوندي چوندي نيٺ سُڪجي ٿو وڃي.! ۽ شابس هجي اسان کي! جو اهڙي ڪڌي ڪم کي به غيرت جو نانءٌ ٿا ڏيون. مون ڪٿي پڙهيو آهي ته جڏهن يونان جو سڪندر مقدوني پنهنجي لشڪر سان گڏ دنيا فتح ڪرڻ نڪتو هو، ۽ جنهن وقت اُن جي فوج سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ته اُهي وونئڻ (ڪپهه) جي فصل ڏسي حيران ٿي ويا....! ۽ انهي حيرت مان ئي سنڌين فائدو ورتو ۽ سنڌ کي هڪ غاصب لٽيري کان بچائي ورتو. مگر افسوس! جو سنڌي هر موڙ تي سنڌ جي حفاظت نه ڪري سگھيا. جڏهن به غلاميءَ جا ڪارا ۽ ڀيانڪ ڪڪر سنڌ جي مٿان ڇانيا ٿي ته ڪجھه عرصي کان پوءِ سنڌين وري به اُنهن ڪارن ڪڪرن کي نيڪالي ڏيئي ٿي ڇڏي. مگر هاڻ! ته سنڌي اِنهن ڪارن ڪڪرن کي ئي آسمان سمجھي ويٺا آهن. گذريل هڪ سَو سال جي اندر دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا. ڪيترائي مُلڪ تباهه ٿي ڪري وري نئين سر تعمير به ٿي ويا. مگر سنڌ پنهنجي ماضي کان هڪ قدم به اڳتي وڌي نه سگھي، بلڪه پاڻ ٻه ٽي قدم پوئتي هٽي ويئي. سڄي دنيا ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيردارانه نظام جو خاتمو اچي ويو، مگر اڄ به سنڌ ۾ وڏيرا ماڻهن جي جان ۽ مال جا مالڪ بڻيو ويٺا آهن. هوچي منهه، لينن ۽ ٻيا ڪيترائي انقلابي اڳواڻ دنيا ۾ پنهنجو وارو وڄائي هلي به ويا. ۽ سنڌ جو سيد . . . . ويچارو سيد! جنهن سنڌ جي آزادي جا خواب پئي ڏٺا. شايد اڄ به سندس روح انهن خوابن ۾ ئي مگن هوندو. گذريل سَو سالن ۾ ڪيترائي نوان مُلڪ وجود ۾ آيا. سويت يونين جو خاتمو ٿيو. مهاڀاري لڙائيون ٿيون. ڪيتريون ئي جانيون انهن ۾ ضائع ٿيون. ۽ پوءِ . . .! انسان اُنهن مان سبق سکندي ڪجھه نِيم ٺاهيا، ڪجھه اصول ۽ قاعدا ٺاهيا، امن جي حاصلات لاءِ .! مگر سنڌ وري به بدامني جو شڪار رهي. ڪيترن ئي مُلڪن تان سامراجي قبضا ختم ڪري کين خودمختياري ڏني ويئي، پر سنڌ وري به غلام رهي. 1947 ۾ هڪ ٻيو سامراج نازل ٿيو. سنڌ انگريز جي غلامي مان پنجابين ۽ مهاجرن جي غلامي ۾ هلي ويئي ۽ تاريخ ۾ هڪ دفعو وري سنڌ کي ٻٽي غلامي ڏيکاري ويئي. 1947 واري جنگ کان پهرين جي جدوجھد! جنهن ۾ سنڌ اڪيلي ئي انقلاب جي در جو ڪڙو پيئي کڙڪايو. سنڌين انگريزن خلاف جدوجھد ڪئي، مگر وري به اِنهي جدوجھد کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پنهنجن پنهنجن مقصدن ڪاڻ استعمال ڪيو. سنڌين جو استحصال ته تڏهن کان ئي شروع ٿي ويو. جڏهن سنڌ جي آزادي واري جدوجھد کي مسلم ليگي آزادي جو نانءٌ ڏنو ويو ۽ جڏهن ”آزاد سنڌ“ جي تصور کي چالاڪيءَ سان ”پاڪستان“ جو نانءٌ ڏنو ويو هو. مگر هاڻ ڇا؟ تاريخ جا پنا ڦلهورڻ جو ڪهڙو فائدو! اسين اڳ ۾ به غلام هئاسين ته اڄ به غلام آهيون. اسان جي ٻهراڙي جا مور مڙس، ڀٽائي جي بيتن جا محور سانگي ۽ ماروئڙا، اڄ به ڪنهن ڄام جي ظلم جو شڪار آهن. مگر فرق صرف ايترو آ، جو اڄ جا ڄام وڌيڪ طاقتور ۽ بي رحم آهن. اڄ جي ماڊرن سويلائزڊ (Modern Civilized) سوسائٽي ۾ ته هر انسان کي آزادي جو حق آهي. مگر سنڌ ۾ ته وڏيرن ۽ جاگيردارن جون پنهنجون خانگي جيلون پڻ موجود آهن. خير! اُنهن کي ته جيل رکڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي! سرڪار جون سڀيئي جيلون پڻ اُنهن جون ئي ته آهن. جنهن کي وڻي، تنهن کي پيا پورائن ۽ جنهن کي چاهن ٿا ته آزاد ڪرايو ڇڏين. انصاف ته سنڌ ۾ گذريل سَو سالن کان اغوا ٿيل آهي. ۽ هاڻ ته هرڪو انهيءَ جي بغير زندگي گھارڻ جو عادي ٿي ويو. چيو وڃي ته سنڌ پنهنجي مرضيءَ سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪيتري قدر سچائي آهي، انهي جو اندازو ته توهان سڀني کي ضرور هوندو. ڪنهن فرد يا ڪجھه فردن کي انهيءَ ڳالهه جو حق ڪنهن ڏنو هو جو هُو اسيمبلين ۾ ويهي ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي ايندڙ نسل جي مقدر جو فيصلو ڪن؟؟! ۽ اڄ اُهو علامه اقبال وارو پاڪستان ئي ڪٿي آهي؟ هِتي ته صرف پرماريت ۽ مارا ماري جو دور آهي. هِن مُلڪ تي اڄ به جنرل ۽ سِول پنجابي ڳجهن جيان لامارا پيا هڻن ۽ سنڌين جا ماس پٽيو پيا کائن. ويچارو مصورِ پاڪستان علامه اقبال! جنهن جا شعر اڄ خود اُنهيءَ تي چٿرون پيا ڪن . . . ته تُون هي ڪنهن قوم لاءِ لِکيا آهن! اُنهي قوم جي لاءِ جنهن جو صرف هڪ ئي اصول ۽ نِيم آهي ته ٻين کي پنهنجي راهه تان هٽائي ڪري پنهنجي روزي روٽي حاصل ڪريو. جنن جي ڊڪشنرين ۾ وطن جي حب ۽ وطن جي چاهه نالي سان ڪو لفظ ئي موجود نه آهي. جوانون ڪو مِري آهِ سرد دي،ڦر اِن شاهين بچون ڪو بال و پر دي.! ڳالهه ته سنڌين جي آهي!. ٻين کي ته پنهنجو مٿو ڍڪڻ جي لاءِ ڪٿان نه ڪٿان جاءِ ضرور ملي ويندي، مگر سنڌي پنهنجي سنڌ کان علاوه ڪيڏانهن ويندا؟ جيڪڏهن سنڌ جي رهي سهي دولت به لُٽجي ويئي ته پوءِ آزادي جا ساڀيان ۽ خواب ڪهڙي معنى رکندا؟ سنڌو دريا، جي هميشه لاءِ سُڪي ويو ته پوءِ ڇا دنيا ۾ سنڌ نالي سان ڪو خطو وجود ۾ رهندو به يا نه؟ اِهي اُهي سوال آهن جيڪي ذهن ۾ هڪ عجيب پيڙاءُ ٿا پيدا ڪن. جنن تي سوچڻ به محال لڳي ٿو.! مگر اِهو ئي اسان جو مستقبل آهي! اسان پنهنجي سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ جنهن ڌرتيءَ جي سيني کي کيڙي ڪري اسان پنهنجو اَن ۽ پنهنجي کاڌ خوراڪ حاصل ٿا ڪيون، اُنهيءَ ڌرتي کي اسان ڇا ڏنو؟ ڇا ڪڏهن اسان اُنهي ڌرتي جي اولاد لاءِ ڪجھه سوچيو آهي، جيڪي سرد راتين ۾، لڱ ڪانڊاريندڙ ٿڌ ۾، ليڙون ليڙون ڪپرن سان ڪنهن فٽ پاٿ تي يا وري ڳوٺن ۾ ڪنهن ڇڳل جھڳيءُ ۾ سمهندا آهن؟. اسين ڇا آهيون؟ اسان جي شناخت ڇا آهي؟ ڇا سنڌي هجڻ ايترو بي معنى آهي جو اسان اِن کي پنهنجي شناخت ٺاهڻ کان به ڪيٻائڻ لڳا آهيون. اچو ته رياڪاريءَ کي ڇڏي ڪري سڌي سڌي نموني پنهنجي سنڌ کي چئي ڏيون . . . . اچو ته پنهنجي جيجل جي سامهون اعترافِ جرم ڪريون. اسين پنهنجي ڌرتيءَ جا ڏوهي آهيون. جيجل! اسان کي معاف ڪج! هاڻ اسين تُنهنجي حفاظت نٿا ڪري سگھون. اسين بزدل ٿي ويا آهيون. ها! مٺڙي سنڌ! اسين بزدل ٿي ويا آهيون ۽ تُون پوڙهي ٿي ويئي آهين. اسين پنهنجن پنهنجن ڪاڪ محلن ۾ گم ٿيڻ ٿا چاهيون. اسين پنهنجي دل جي تاج محلن ۾ روپوش ٿي رهڻ ٿا چاهيون. اسان کي شرم ٿي اچي، جڏهن ڪو اسان کي سنڌيءَ ٿو چوي. ڇاڪاڻ ته هاڻ اسان کي ائين چورائڻ جو حق ئي ناهي.! جيجل! تُون اڃا ڇو ايتري پُراميد آهي؟ تنهنجي اکين مان نااميدي جا ڳوڙها ڇو نٿا وهن؟ هاڻ ته ڪو به دودو، هوشو ۽ مخدوم بلاول پيدا ناهي ٿيڻو.! پوءِ ڇو تون ايتري خاموش ۽ ڳنڀير ٿي ويئي آهي؟. . . ڇا تون کي اڃا به هِن نئين نسل مان ڪا اُميد باقي آهي؟؟؟؟؟؟ جيڪڏهن ها ته جيجل مون کي معاف ڪج! اسين پنهنجن ڏکن ۽ پيڙائن ۾ محو آهيون. اسين پهرين کان ئي ڦٽيا پيا آهيون. اسان جي دلن ۾ هزارين غم آهن. مگر افسوس جو! جيجل اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڪوبه غم ناهي! اسان کي معاف ڪج! هاڻ اسان مان اُميد رکڻ ڇڏي ڏي! مگر پوءِ به جيجل! تنهنجي ڪارڻ گھڙيءَ لاءِ هي دعا ضرور ڪريون ٿا ته ڌڻي تنهنجي ٿڃ ۾ ايتري طاقت عطا ڪري جو تون وري ٻيهر ڪو دودو، يا ڪنهن هوشو کي ڪو ٻيو روپ، ڪيو ٻيو جنم ڏيئي سگھين! مگر ڪاش ! ائين ٿيئي! سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ڏکوئيندڙ ۽ شرمائيندڙ ليک ۔۔۔ مٿي هن ليک جي شروعات ۾ هڪ سوال آهي ته آخر ” ڏوهه ڪنهنجو” مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي ته مونکي پنهنجو ڏوهه به نظر آيو ۔۔۔ ۔۔۔الله پناهه ۾ رکي سنڌ کي ۔۔۔ آمين