• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

83 ملين کان وڌيڪ فيس بوڪ کاتا جعلي ۽ بوگس آهن...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
6a0133f3a4072c970b0163060a20af970d-550wi
سي اين اين تي شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ جي مطابق 950 ملين فيس بوڪ کاتن مان 7۔8 فيصد فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جا کاتا جعلي آهن۔۔۔ اها تعداد لڳ ڀڳ 83 ملين ٿئي ٿي۔۔
فيس بوڪ طرفان مليل انگن اکرن مطابق ڪمپني پنهنجي استعمال ڪندڙن جي معلومات هر وقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي۔۔ ته جيئن جعلي يا بوگس کاتن کي معلوم ڪري سگهجي۔۔
ان 83 ملين کاتن منجهان 8۔4 فيصد کاتا ڊپليڪيٽ آهن ۔۔۔ جيڪي رڪن پنهنجي کاتي سان گڏو گڏ اهي کاتا به هلائي رهيا آهن۔۔۔
4۔2 فيصد کاتا اهڙا آهن جن کي اصل ۾ فين پيج هجڻ گهرجي ها جيئن پالتو جانورن جي نالي جا پروفائيل يا وري مختلف ڪمپنين جي نالن جا پروفائيل جن کي اڃان تائين فيس بوڪ فين پيج ۾ تبديل نه ڪيو ويو آهي۔۔۔
جڏهن ته 5۔1 فيصد کاتا اسپيمرز جا آهن ۔۔۔
فيس بوڪ طرفان اهي انگ اکر باقائدگي سان ڏنا ويندا آهن ۽ جعلي ۽ بوگس ۽ سپيمرس کاتن کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي۔۔ پر انهن جي معلومات، تصويرن ۽ وڊيوز کي ڊيليٽ نه ڪيو ويندو آهي۔۔
ياد رهي ته بوگس کاتي جو مالڪ هڪ دفعو انتظاميه طرفان ڊيليٽ ٿيل کاتن کي ٻيهر حاصل ڪري نه سگهندو آهي۔۔۔
 
ها ابا اڃان به وڌيڪ هوندا۔

انهن بوگس کاتن جا اسان به ڏنگيل آهيون۔ اهڙا کاتا فوري طور بند ڪري ڇڏڻ گهرجن۔
 
Back
Top