هي هڪ ننڍو حساب آهي جنهن مقصد صرف عنوان آهي۔۔ ۔ جيڪڏهن ڪو دوست جواب موڪلي ته مهرباني ڪري وضاحت به ڪري۔۔۔
ادا، منهنجي سوچ موجب اهو درجو هن ريت لکڻ گهرجي: (5+5)x(5+5) ڇو ته مٿين طرح لکڻ صحيح ناهي۔ ان جو جواب 100 ٿيندو۔
ابا علي وڄائي ڇڏيئي۔۔اهو جواب پڪ سان ڀوڳ ۾ ڏنو اٿئي ۔۔ اهڙي قسم جا حساب رشيد اڳ ۾ به ڏئي چڪو آهي۔۔ ڪافي دوست سمجهائي به چڪا آهن بشمول ناچيز جي۔۔ هڪ دفعو وري ياد ڏيارڻ لاء ته اهڙي حساب ۾ سڀ کان پهريان ضرب ۽ ونڊ حل ڪبو آهي، بعد ۾ جوڙ ۽ ڪٽ۔۔ 5+5x5+5 پهريان ضرب ڇڏايو۔۔ 5+25+5 هاڻ جوڙ ڪريو۔۔ جواب 55 ته ڪو نه ٿو اچي پر وري به مٿو هڻوس، توهان جي ڳالهه جي نفي به ڪيئن ڪجي۔۔ حساب سولو آهي ان ڪري مون جهڙا ٻيا دوست به شايد پنهنجي عقل کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔۔
مٿيون درجو جنهن ريت لکيل آهي، اهو صحيح ناهي. سڀ ممڪن جواب:(1) اهو درجو هن طرح به درست طور لکي سگھجي ٿو:5+5(5+5)ان ريت هجڻ جي صورت ۾ جواب 55 ٿيندو. (2) پر جيڪڏهن درجو هن ريت لکبو ته5+(5X5)+5ان ريت هجڻ جي صورت ۾ جواب 35 ٿيندو. (3) پر جيڪڏهن درجو هن ريت لکبو ته5+5X(5+5)ان ريت هجڻ جي صورت ۾ به جواب 55 ٿيندو. (4) پر جيڪڏهن درجو هن ريت لکبو ته(5+5)X(5+5)ان ريت هجڻ جي صورت ۾ به جواب 100 ٿيندو.
سنگت جي جوابن مان هڪ ڳالهه ته طئي ٿي وئي ته جواب 75 ناهي۔۔۔ ٻي ڳالهه به ثابت ٿي ته جڏهن به ٻروچ کي گهرائڻو هجي ته اهڙا حساب موڪلجن۔۔۔ هاڻي جي وٺون ڳالهه علي علي جي ته سندن ذهن سوچيو ۔۔۔ سڌي ڳالهه سوٽي جي۔۔۔ ادا رياضت ٻرڙو جي ڳالهه به درست ٿئي ها جي وچ ۾ ڏنگيون هجن ها۔۔۔ پر هتي ته ڏنگيون ئي ناهن۔۔۔ ۽ اها ئي ڳالهه کي ڪسوٽي بڻائي ٿي۔۔۔ اهڙن حسابن کي ٽئين درجي ۾ هڪ اصول تحت سيکاريو ويندو آهي ته سڀ کان پهريان ضرب ڇڏائبي۔۔۔ ان ڪري انعام جو حقدار آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ترسو۔۔۔ ٻروچ جي سوچ ۽ سندس لفظن کي ٻيهر ڏسڻ تي دل ٿي گهري۔۔۔ گڏ دوستن کي هڪ دفعو وري موقعو ٿو ڏجي۔۔۔
ادا علي علي جڏهن بلڪل نه مڃان نه مڃان واري ڳالهه ڪئي ته کيس جواب لاءِ گوگل سان رجوع ڪرڻ جو چيم ۔۔۔۔
جنهن کان پوء تڪڙو ٻئي سوال جو جواب ڳولي ورتائين ۔۔۔ اتفاق سان سڪائيپ دوران سندس سڪرين شيئر ٿيل هئي ۽ هو نقل ڪندي پڪڙجي پيو۔۔۔
ادا ڪيئن به هجي پر جواب ته صحيح ڏنو سين نه ويسي به اسان پڙهيا ئي ڪمپوٽر تي آهيون سو جواب به ڪمپوٽر کان ئي گهرندا آهيون باقي ذهن پهجنو ته جڏنهن ڪمپوٽر سان ياري رکي سين ان ڏينهن ئي جواب ڏئي ويو هو ههههههههههههه
ادا علي علي جڏهن بلڪل نه مڃان نه مڃان واري ڳالهه ڪئي ته کيس جواب لاءِ گوگل سان رجوع ڪرڻ جو چيم ۔۔۔۔ ذيشان رشيد ته ساڳو ئي ڏنگي واري ڳالهه ڪئي!