• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”عنوان“ واري هيڊنگ بابت گُذارش

ابو واصف

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سٿ کي سلام هجن! ڪافي ڏينهن کان هڪڙو خدشو ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ جڳهه وٺي رهيو هو، اهو ان وقت ڪَرُ کڻي بيٺو، جڏهن مون ”ايڊاب فوٽوشاپ جي سکيا“ جي شروعات ڪئي. اهو مسئلو هيءُ اهي ته ڪنهن به ٿريڊ ۾ جيڪو عنوان لکجي رهيو آهي، ان جي پوائنٽ سائيز تمام ننڍي آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ اسين عام اکرن جي پوائنٽ سائيز يا اکر رنگين ته ڪري سگهون ٿا، پر منهنجي خيال کان ائين ”عنوان“ واري ٽاپڪ ۾ اهو سلسلو موجود ناهي. ڇا اهو بهتر ٿيندو ته ”عنوان“ واري ٽاپڪ کي باءِ ڊيفالٽ پوائنٽ سائيز وڏي رکي وڃي ۽ ڪلر به بدلايو وڃي، ته جيئن هو باقاعده نمايان جڳهه ۾ واضح ٿي بيهي. مهرباني فرمائي مون کي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ڏياريندا.
 
مهرباني ادا ابو واصف قيمتي صلاح ڏيڻ لا۽ توهان جي صلاح نوٽ ڪئي وئي آهي

توهان جي اهڙي قيمتي صلاحن مشورن جي انتظار رهندو

سدائين گڏ مٺا
 
اسلام عليڪم،
ادا ابو واصف، توهان جي اهڙين بهترين تجويزن تي انشاءَالله منتظم اعلي ضرور عمل ڪندا

وسلام
 
Back
Top