• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نسخو معجون شفائي برائي ڪمر درد

اياز احمد سومرو

سينيئر رڪن
نسخو معجون شفائي برائي ڪمر درد
دال چيني 70 گرام، موچرس 50 گرام، سلاجيت 10 گرام، سمڊ ڦيڻ 50 گرام ، فلفل دراز 30 گرام، گوند ڪتيرو 40 گرام، پپلا مول 30 گرام، لونگ 30 گرام، ماکي 500 گرام، روغن بادام 100 گرام
ترڪيب . سمڊ ڦيڻ جي کل لاهيو ۽ تمام دوائن کي باريڪ سفوف ڪيو، سفوف ڪرڻ کان پوءِ سڀئي دوائون روغن بادام ۾ ملايو، سٺي نموني ملاڻ کان پوءِ ماکي ملائي خوب زوردار طريقي سان مڪس ڪيو.
مقدار خوراڪ. اڌ چمچو چانهه وارو صبح ۽ شام خالي پيٽ اڌ گلاس ماني کانئڻ کان ٻه ڪلاڪ پهريان هڪ گلاس نيم گرم کير سان هڪ مهينو مسلسل.
فائدا. هي معجون ڪمر درد ۽ جوڙن جو سور نئون هجي يا پراڻو مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، شوگر جا مريض به بنا ڪنهن خوف جي استعمال ڪري سگهن ٿا.
 
ٍجزاڪ الله ادا

تمام بهترين ڏس پنڌ اهي

ادا ڇا هي نسخو توهان جو آزمايل آهي ؟


جاري رکجو

سدائين گڏ
 
سائين جن کي هٿ بڌي عرض آهي ته منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو ڳالهه غلط يا خراب لڳي ته معاف ڪجو.
عرض هي آهي ته
نسخا اهي شيئر ڪريو جيڪي اوهان جا خود آزمايل ۽ مفيد هجن ڪٿي ايئن نه ٿي جو دوا اندر ۽ دم ٻاهر

ونڊ جاري رکو وڏي مهرباني.
 
ادا محمد عامر سومرا صاحب، هي ٻئي نسخا منهنجا آزمايل آهن۔ مون وٽ جيڪي مريض ايندا آهن ۽ جيڪي نسخا مان تجويز ڪندو آهيان اهي ئي اوهان ڀائرن سان ونڊيان پيو۔ ناراض ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي۔ ڳالهه آهي يقين جي۔ سدائين گڏ۔ ساٿ سلامت سنڌ سلامت
 
ادا سٺي ونڊ ۽ جاري رکو، پر اھي سڀ شيون گڏ ڪري نسخو ٺاھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ٺھيل ٺُڪيل نسخو ڪٿان ملي ته ملڻ جو ھنڌ ٻڌايو؟؟؟
 
سائين سولنگي صاحب، نسخو پسند ڪرڻ جي مهرباني۔ ادا ڪابه مشڪل نه آهي، تمام سولو آهي۔ ٿوري ڪوشش ڪريو۔ باقي اگر مان ائين چوان ته مون وٽ موجود آهي ته اها ڳالهه دڪانداري چمڪائڻ واري ٿيندي۔ اگر اوهان اسلام آباد ۾ رهو ٿا ته توهان مون سان ملو، توهان دوائون وٺي اچو مان توهان کي ٺاهي ڏيندس بغير ڪنهن فيس جي۔
 
Back
Top