نوجوان نسل ۾ فيس بڪ جو جنون

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    نوجوان نسل ۾ فيس بڪ جو جنون
    سڌ سماءَ ۽ رابطن جي جديد ايجادن سبب معلومات ۽ ترقي جو سفر سالن کان ڪلاڪن ۾ سوڙهو ٿي ويو آهي. ان ئي طرح سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽس انسانن جي فاصلن کي آڱرين جي پورن تائين آڻي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ فيس بُڪ وڇڙيل دوستن ۽ مٽن مائٽن کي ملائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فيس بڪ هڪ سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽ آهي جيڪا 2004ع ۾ منظر عام تي آئي. فيس بُڪ کي وجود ۾ آڻيندڙ هڪ 19 ورهين جو نوجوان مارڪ زوڪر برگ آهي جنهن جو شمار اڄ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.

    فيس بڪ کان اڳ به گهڻيون سوشل سائيٽس موجود هيون پر جهڙيءَ ريت فيس بڪ جو استعمال تيزيءَ سان وڌيو آهي ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي، ان جو هڪ اهم ۽ بنيادي سبب ان جو پرائيويسي سسٽم آهي جيڪو ٻين سائيٽن ۾ موجود ناهي.

    عام طور اسان جو نوجوان نسل پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ ڪيترن ئي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو جنهن ۾ فيس بڪ جو استعمال سڀ کان پهريون ۽ گهڻو آهي. اڄ ڪلهه فيس بڪ جو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي پيو. شايد ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ان ذريعي سولائي سان تفريح ملي وڃي ٿي.

    مختلف ماڻهو فيس بڪ مختلف طريقن سان استعمال ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهو پنهنجي خوشي ۽ غم جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسٽيٽس اپ ڊيٽ ڪن ٿا ته ڪجهه ماڻهو واندڪائي واري وقت ۾ گيم ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو پنهنجي دوستن پيارن سان چئٽ ڪن ٿا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته فيس بڪ کي رڳو تفريح لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ان جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، سو هي ته سوشل نيٽ ورڪس سان مفت اشتهار ڏنا ويندا آهن، ماڻهو پنهنجا نوان خيال شيئر ڪن ٿا ۽ تازي صورتحال تي روشني وڌي وڃي ٿي.

    ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردياڻي رباب ملڪ جو چوڻ آهي ته هوءَ فيس بڪ ان ڪري استعمال ڪري ٿي ته فيس بڪ ذريعي نهايت آسانيءَ سان نوٽيس ملي وڃن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي دوستن سان چئٽ ڪري سگهجي ٿي. فيس بڪ کان اسان ٻين نيٽ ورڪس کي به ڪينڪٽ ڪري سگهون ٿا مثال طور: Messenger, Skype, windows live, yahoo

    هڪ شاگرد سلمان شيخ جيڪو 5 سالن کان فيس بڪ استعمال ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته فيس بڪ ذريعي نوجوان مختلف نيٽ ورڪس ۽ گروپن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، گروپ هڪ ٻئي سان ابلاغ لاءِ ڪتب اچي ٿو جنهن تي مختلف Events ترتيب ڏنا وڃن ٿا ۽ ايئن اسان هڪ ٻئي کي گڏ آن لائن ڪري معلومات هڪ ٻئي ۾ ورهائي سگهون ٿا. هن نيٽ ورڪ جو استعمال ڪلب، ڪمپني ۽ پبلڪ سيڪٽر ۾ به تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي.

    ريسرچ اهو تجويز ڪيو آهي ته فيس بڪ ڪيترن ئي ڪمن سان گڏ هڪ ٻئي جا خيال ۽ نظريا سمجهڻ لاءِ به آهي ۽ ان ذريعي معاشري جي ڀلائي ۽ سٺن ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.


    [​IMG]
    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا تمام بهترين لکڻي آهي ان کان علاوه جيڪا ويب سائيٽ جي لنڪ توهان ڏني آهي اها به تمام سهڻي ۽ بهترين آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو