پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌي ماڻهن کي ڇا ڏنو؟ فياض نائچ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    سنڌ جي ماڻهن جو اهو احساس هر ڏينهن شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي ته هن رياست ۾ کين جائز نمائندگي ڪانه ڏني وئي آهي. اهو احساس پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو سمجھن ٿا ته سندن ئي ووٽن سبب اقتدار جي ايوانن تائين پهچندڙ حڪمران به جيڪڏهن کين سندن جائز حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين ته پوءِ هن رياست ۾ کين حق ڪيئن ملي سگهندا؟ پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ته ان محروميءَ جي احساس کي انتهائي گهرو ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ڪرپشن جي بازار گرم آهي ته ٻئي طرف وري شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال تشويشناڪ حد تائين خراب رهي آهي. ٽئين طرف وري ڪراچي جي ڪجهه مخصوص علائقن کان سواءِ ڪٿي به ڪي ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن. انهن سمورين ڳالهين کان وڌيڪ سنگين ۽ خوفناڪ ڳالهه اها ٿي آهي ته رياست جي اهم ادارن جي اندر سنڌي ماڻهن جو حصو پتي، جيڪو اڳي به نه هئڻ جي برابر هو، موجوده پ پ حڪومت ان کي وڌائڻ بجاءِ گهٽايو آهي.
    سنڌي ماڻهن جي محرومين جو داستان تمام ڊگهو آهي، پر شروع ڪريون ٿا سينيٽ کان، جتي هاڻ سنڌي سينيٽرن جو تعداد ڪل ست وڃي بچيو آهي. مطلب ته هن وقت سينيٽ اندر بلوچن، پٺاڻن، پنجابين سميت سڀني قومن کي ڀرپور نمائندگي حاصل آهي، سواءِ سنڌين جي. خوفناڪ ڳالهه ته اها آهي ته پ پ جي حڪومت اچڻ سان سينيٽ ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي وڌڻ بجاءِ گهٽي آهي. رحمان ملڪ، ڊاڪٽر عاصم، فاروق نائيڪ ۽ فيصل عابدي جهڙن ماڻهن کي سينيٽ جون سيٽون ڏيئي پ پ پنهنجن ووٽرن جي مفادن، خواهشن ۽ سندن آئيني ۽ قانوني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي.
    ڪجهه عرصو اڳ ملڪ جي هڪ سينئر صحافي ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته وفاقي حڪومت جي 49 سيڪريٽرين مان 43 پنجابي آهن، جڏهن ته امتياز قاضيءَ کان سواءِ ڪو به سنڌي سيڪريٽري ڪونهي، جڏهن ته ڪوبه بلوچ وفاقي سيڪريٽري ڪونهي. حالت ته اها آهي ته سنڌ جي موجوده چيف سيڪريٽري راجا عباس ۽ آءِ جي پوليس فياض لغاري جو واسطو به پنجاب سان آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي چيئرمين رٽائرڊ ايئر مارشل رائو قمر سليمان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڏهه رڪني بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڪو هڪ به سنڌي ڪونهي ۽ نه ئي وري سندن ٽاپ مينيجمينٽ ۾ ڪو سنڌي آهي. هن سال جي پهرئين مهيني جي 3 تاريخ تي وفاقي ڪابينا پاڪستان ريلوي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي ريلوي جي وفاقي وزير جي چيئرمين شپ ۾ 16 ميمبرن تي مشتمل بورڊ آف گورنرز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو، ان سان گڏوگڏ ريلوي جي سي اي او آڊيٽر جنرل جي آفيس جي چيف فنانشل آفيسر کي ان بورڊ جو ايڪس آفيشيو ميمبر مقرر ڪيو ويو. انهن ميمبرن مان ڪو هڪ به سنڌي ڪونهي. 1974 ۾ قائم ٿيندڙ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ هيل تائين ڪل 30 ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيا ويا آهن. پيپلز پارٽي جي هي پنجين حڪومت آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪو هڪ به سنڌي آفيسر هن عهدي تي مقرر نه ٿي سگهيو آهي. ڪراچي پورٽ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 19 چيئرمين مقرر ٿيا آهن، جن مان ڪو به سنڌي ڪونهي، جڏهن ته پورٽ قاسم ۾ هيل تائين 21 چيئرمين مقرر ٿيا آهن، جن مان سواءِ مير افسر دين ٽالپر جي اٺ مهينن واري دور جي، ٻيو ڪو به سنڌي چيئرمين مقرر نه ٿيو آهي.
    وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد جي ادارن ۾ ته سنڌي ماڻهن جي مقرريءَ جو ڪو تصور ئي ڪونهي. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾فرخند اقبال کي هن وقت 26 هون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، سندس ماتحتي ۾ 6 رڪني بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي، ان بورڊ ۾ ڪو به سنڌي ڪونهي ۽ 1960ع ۾ جنرل يحيٰ خان جي مقرري کان وٺي ڪو به سنڌي چيئرمين مقرر ڪونه ٿيو آهي. سنڌ ملڪ جي تيل ۽ گئس جي پيداوار جو 65 کان 70 سيڪڙو ڏئي ٿي. تيل ۽ گئس جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارن، جهڙوڪ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، پاڪستان اسٽيٽ آئل، آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ، سئي سدرن ۽ سئي ناردرن ڪمپني- انهن سمورن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ انتظاميا ۾ اصولي طور 70 سيڪڙو سنڌي هجڻ گهرجن پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جو چيئرمين هدايت الله پيرزاده ۽ ايم ڊي عاصم مرتضى خان سميت بورڊ توڙي ٽاپ مينيجمينٽ ۾ ڪو به سنڌي ڪونهي. اهڙي طرح سهيل وهاج صديقي جي چيئرمين شپ ۾ جوڙيل پاڪستان اسٽيٽ آئل جي 7 رڪني بورڊ آف مينيجمينٽ ۾ ڪو به سنڌي ڪونهي. آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جو چيئرمين چوڌري ايم شفيع ارشد ۽ ايم ڊي محمد مسعود سميت 12 رڪني بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڪل هڪ سنڌي آهي. سئي سدرن گئس ڪمپني جي چيئرمين سليم عباس جيلاني ۽ ايم ڊي عظيم اقبال صديقي تائين 14 رڪني بورڊ آف گورنرز ۾ ڪو به سنڌي ڪونهي. تيل ۽ گئس جي حوالي سان ٻيو اهم ادارو آهي آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا)، جنهن جو چيئرمين آهي سعيد احمد خان. ساڻس گڏ ٽي ٻيا ميمبر آهن، انهن ۾ به ڪو سنڌي ڪونهي. اهم ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن ادارن جا بورڊ ۽ مٿين سطح جي انتظاميا سنڌين جي ووٽن وسيلي سينيٽر ٿيندڙ پيٽروليم واري موجوده وزير ڊاڪٽر عاصم جوڙيا آهن. واپڊا جي موجوده چيئرمين محمد شڪيل دراني سميت اٿارٽي ۾ شامل چئن ٻين ميمبرن ۾ ڪو به سنڌي ڪونهي. ايئن ئي توانائي بابت ريگيوليٽري اداري نيپرا ۾ به ڪو سنڌي ڪونهي. ٻيو ته ڇڏيو، ذوالفقار آباد رٿا جو ايم ڊي به ليفٽيننٽ جنرل افتخار کي مقرر ڪري پ پ حڪومت سنڌي ماڻهن بابت پرويز مشرف ۽ ٻين تعصب پرست حڪمرانن جي پيروي ڪئي آهي.
    پ پ جي سرڪار کي به ٻين حڪومتن وانگر ڪو هڪ به اهڙو سنڌي نظر ڪونه آيو، جنهن کي هو پاڪستان جي ڪرڪيٽ يا هاڪي جي قومي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهن. سنڌ جي هر ڳوٺ، واهڻ ۽ وستي ۾ لکين نوجوان ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال ۽ ٻيون رانديون ڪن پيا ۽ انهن مان ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي پاڪستان جي نمائندگي جي نالي ۾ مئچ فڪسنگ جهڙا ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين کان سٺي راند ڪن پيا پر هن رياست ۾ سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائي کين مڪمل طرح نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ پ پ جي پنجن حڪومتن به رياست جي ان روش جي پيروي ڪندي سنڌي نوجوانن لاءِ راندين جي قومي ٽيمن ۾ شموليت واري بندش کي برقرار رکيو آهي. نه صرف اهو پر صدر، وزير اعظم ۽ ٻين اعلى حڪومتي شخصيتن جي غير ملڪي دورن ۾ صحافين جا وڏا وفد سرڪاري خرچ تي ساڻن گڏ ويندا آهن پر هن ملڪ ۾ انهن دورن ۾ سنڌي صحافين کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويندو آهي. موجوده پ پ سرڪار ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني آمريڪا، چين، ترڪي، برطانيا، هندستان، ايران، سعودي عرب، جرمني، فرانس سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا آهن پر انهن دورن ۾ هن رياست جي سنڌي صحافين کي نظر انداز ڪرڻ واري روايت تي مڪمل عمل ڪندي کين انهن دورن کان بلڪل پري رکيو ويو آهي. ايئن ئي ٻيا ڪيترا ئي ادارا آهن، جتي سنڌي ماڻهن کي سندن جائز نمائندگي ڪانه پئي ملي ۽ ان حوالي سان پ پ سرڪار سنڌي ماڻهن جي مفادن جي رکوالي ڪرڻ ۽ کين سندن جائز نمائندگي ڏيڻ ۾ نه صرف مڪمل طرح ناڪام وئي آهي پر هن ان حوالي سان ڪا ڪوشش به ڪانه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مسئلو سندن ايجنڊا ۾ شامل ئي ڪونهي.
    هي ته ڪجهه اهڙن ادارن جو ذڪر ڪيوسين، جن بابت مقررين جا اختيار پ پ حڪومت وٽ هئا پر ٻيا ڪيترائي ادارا اهڙا آهن، جن لاءِ پ پ سرڪار اهو چئي سگهي ٿي ته اهو سندن اختيار ۾ ڪونهي ته هو اتي سنڌي ماڻهن جي جائز نمائندگيءَ کي يقيني بنائي سگهي پر حقيقت ۾ انهن ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جو نه هجڻ هن رياست جي لاءِ هڪ وڏو سوال آهي. مثال طور، هن وقت جيڪو ادارو سڀ کان وڌيڪ سرگرم آهي ۽ اخبارن جي شهه سرخين جو مرڪز بڻيل آهي، يعني سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، اتي هن وقت 18 ججن مان ڪو هڪ به سنڌي ڪونهي. ٻيو ته ڇڏيو پر ڪجهه عرصو اڳ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صرف ٻه جج هئا، پوءِ جڏهن سنڌي وڪيلن احتجاج ڪيو، تڏهن وڃي ڪجهه وڌيڪ سنڌي جج رکيا ويا. توڙي جو اهو انگ به سنڌي ماڻهن جي جائز نمائندگي کان گهٽ آهي.
    هاڻ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي پنجين حڪومتي دور جا پنج سال پورا ڪري عوام وٽ ويندي ته اهو سوال يقينن ضرور پيدا ٿئي ٿو ته هيءَ رياست سنڌي ماڻهن کي مسلسل نظر انداز ڪرڻ واري جنهن روش تي عمل پيرا آهي، پ پ جون پنج ئي حڪومتون ان حوالي سان ڪجهه به ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. پ پ مشرف جا اٺ سال گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ڪئي پر حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ هنن ان ڪئنال لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکي ان ۾ پاڻي ڇڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. سنڌي ماڻهو 40 سال پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان پوءِ به هن رياست ۾پاڻ کي نڌڻڪو ۽ لاوارث محسوس ڪري رهيا آهن، ته پوءِ آخر اهي ڇو اهو نه سوچين ته هاڻ کين پنهنجي نمائندگيءَ لاءِ ڪي ٻيا رستا ۽ گس ڳولهڻ گهرجن ۽ ساڳئي وقت خود پ پ لاءِ به اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته 40 سالن تائين سياست ڪرڻ، ذوالفقار علي ڀُٽي، محترمه بينظير، مير مرتضى ڀُٽي، شاهنواز ڀُٽي سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادتن کان پوءِ به جيڪڏهن اها پنهنجي ووٽرن جي آئيني ۽ قانوني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته پوءِ کيس سياست ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي جواز رهي ٿو ۽ خود هن رياست جي واڳ ڌڻين کي به سوچڻو پوندو ته پنج هزار سالن جي تاريخ ۽ قومي شعور رکندڙ پنج ڪروڙ ماڻهن جي قوم کي اهڙي نموني مسلسل نظر انداز ڪرڻ جا نتيجا اڄ يا سڀاڻي بهرحال سٺا نه نڪرندا.
    fayaznaich@gmail.com
    The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو