ڌرڻا، نه ڌرڻاليکڪ : امير حمزو ميراڻي ڪافي وقت کان وٺي پاڪستان ۾، پاڪستان جي مختلف حصن ۾ جلوس، ڌرڻا ۽ هڙتالون ٿي رهيون آهن. ڪاٿي پارٽيون ڪٽڪ گڏ ڪيون وتن، ته ڪاٿي ننڍڙيون ٽوليون آواز پيون ڪن ته ڪاٿي اڪيلو ماڻهوءَ پڙ ڪڍيو ويٺو آهي. انهن جلوسن، ڌرڻن ۽ هڙتالن جا ظاهري ۽ باطني مقصد پنهنجا، پنهنجا هوندا آهن. اهو هيئن ته “جنهن وٽ جهڙو خيال، تنهن وٽ تهڙو حال” تنهنڪري انهن جي مقصدن تي ڳالهائي نه ٿو سگھجي. باقي گڏيل طور تي ايترو چئي سگھجي ٿو ته انهن جلوسن ڪڍڻ، ڌرڻن هڻڻ ۽ هڙتالن ڪرڻ جو عام مقصد، پنهنجي ڳالهه پڄائڻ ۽ ٻڌائڻ هوندو آهي. پوءِ اخبارن ۾ ڪنهنجي آواز کي هڪ ڪالم جيتري جاءِ ملندي آهي ته ڪنهنجي ڳالهه ٽن ڪالمن جي خبر ٿي پوندي آهي ته وري ڪنهن جا واويلا پوري باڪس جي جاءِ والاريندا آهن. پوءِ رياست يا ٻئي دنيا انهن ڏي ڌيان ڏيئي يا نه ڏيئي، سا هڪ جدا ڳالهه آهي. هونئن ته ڏاڍ ۽ ڏاڏر کي نه قبوليندي هر دور ۾ ڌاڙ، گھوڙا ٿيندي ئي رهي آهي، ايئين نه چئجي ته ڪڏهن، ڪنهن نه ڪُڇيو آهي، باشعور هميشه پئي لُڇيو آهي. ويجھي وقت ۾ ڏسبو ته سنڌ اندر لڳاتار ماڻهن جا ڪٽڪ گڏبا رهيا آهن. ڪڏهن اڳواڻن سڏي، پئي گڏيو آهي ته ڪڏهن ماڻهن پاڻ پئي پتوڙيو آهي. سنڌ جي سبب تي سوچيندي لکجي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌ جي حقن جي پاسداري ڪندڙ جيترون ئي پارٽيون آهن، سي سموريون ماڻهن سان آهن، ۽ سموريون پارٽيون پنهنجي، پنهنجي نظريي سان ماڻهن جا ميڙ ڪوٺائن ٿيون. يعني پارٽين جا پليٽ فارم آهن ۽ پليٽ فارم تي ماڻهو بيٺا ۽ ويٺا آهن. سڀ پارٽيون پنهنجي پروگرام مطابق ميڙ ڪوٺائن ٿيون ۽ ميڙن ۾ ماڻهو پهچن ٿا. يعني جيتريون پارٽيون تيترا ماڻهن جا ميڙ، هيڏي به ماڻهو ته هوڏي به ماڻهو. جلوسن، رَيلين، ڌرڻن جي مقدار کي ڏٺو وڃي ته پنهنجن حقن جي حفاظت جي لاءِ لوڪ ڏاڍو لوڙي رهيو آهي. جھٽ کن لاءِ ويهي ويچار ڪجي ته ماڻهو پارٽيءَ جي ميڙ ۾ پڄي ڪيئن ٿو؟ فرد پنهنجا ڪم ڇڏي ٿو، پنڌ جا ڪشالا ڪري ٿو، ڳرا ڪرايا ڀري، اوجاڳا ڪري اڳواٽ پهچي ٿو ۽ ساڳي ئي طرح واپس موٽي ٿو، ٻه ڏينهن کن سفر ۽ اوجاڳي جا ٿڪ ڀڃي پوءَ پنهنجي روزاني ڪم ڪرڻ جهڙو بڻجي سگھي ٿو. پارٽي اڳواڻن جو اهو حال آهي ته هلندڙ جلوس ۾ تقرير ڪندي، ايندڙ جلسي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏين ٿا. ماڻهو هلندڙ ميڙ کان موٽندي، ورندڙ جلسي جي تياريءَ ۾ لڳي ويندا آهن. اهڙي مشق ڪافي وقت هلي ته پو ماڻهن جو حشر ڇا ٿيندو؟ انهيءَ مشق سان ته ماڻهو ويچارا ٿڪجي پوندا! . جي اها پڪ ٿي وڃي هن ميڙاڪي کان پوءِ مسئلو حل ٿي ويندو، ته پو اهڙي ميڙ ۾ وڃڻ ستن ثوابن جي برابر سمجھي ماڻهو پهچي وڃي. پر، هتي ته سوال ئي پيدا نه ٿو جو ڪا ڳالهه ٻڌي وڃي. هتي دانهن، ڪوڪ ٻڌڻ ته پري رهيو ابتڙ رياستي فتوى ماڻهن جو پيڇو ڪندي نظر ايندي آهي. تنهنڪري اڳواڻن کي کپي ته پنهنجي ساٿ لاءِ ڪا سهنجائي سوچين، ڪاٿي ايئين نه ٿئي ته ماڻهو ٿڪجي، ٿڪجي ميڙن ۾ اچڻ، وڃڻ ئي ڇڏي ڏين. ڇونه اهڙو ڪم ڪجي، جنهن سان افرادي قوت ٿڪجڻ کان به بچي وڃي ۽ سندن حقن جي پاسداري به ٿيندي رهي. جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ سان سوچيو ۽ سمجھيو وڃي ته هر قسم جو واعظ، لائوڊ اسپيڪر هاڻي بي اثر ٿي چڪو آهي. هر ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن جلسي يا ميڙ ۾ ڇا ٿيندو آهي. هڪ اڳواڻ مائيڪ تي جذباتي انداز ۾ رياستي ادارن ۽ اعلـى اختيارين کي پنهنجو مـﺆقف ٻڌائيندو آهي، ۽ ميڙ ۾ موجود ماڻهو ان کي ٻڌاندا آهن. غور ٿو ڪجي ته سڄي تاريخ جلسن ۽ تقريرن سان ڀري پئي آهي. ها، اڳ ۾ تقريرون اثر ڇڏينديون هيون، ڇو. جو ڪڏهن، ڪڏهن ٿينديون هيون. هاڻي هر ڏينهن هڪ تقرير آهي، تنهنڪري تقرير، ٽريڪٽر تي هلندڙ ڪلامن وانگي ٿي پئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو تقريرن ۾ اثر گھٽ ۽ ان کي ٻڌڻ تي خرچ ۽ ڏکيائي وڌيڪ ٿي پيش اچي. رياستي توجه ۽ عام جي انياءَ کي سامهون رکندي اهڙا قدم کڻجن، جن تي خرچ به نه اچي، اهنجائي به نه ٿئي ۽ نا انصافي خلاف با اثر آواز به اٿندو رهي. اسان کي جلسي جي ڪاميابي نه گھرجي، اسان کي ماڻهن جو نظرياتي ايمان گھرجي. جيڪڏهن ڪو، فرد ڪنهن سان نظرياتي طور تي گڏ ناهي ته هو توهان سان گڏ ناهي، ان جو توهان وٽ اچڻ، توهان جو ان وٽ وڃڻ نسورو نقصان آهي. اڄڪلهه جيڪي به جلسا ٿيا آهن، تن ۾ جيترا ماڻهو هوندا آهن، سي جيڪڏهن سڀ نظرياتي هجن ته پو ٻيو ڇا گھرجي. پو ته ڪنهن ڪشالي ڪٽڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، پر اهي سڀ نظرياتي نه هوندا آهن. يقينن ايڏن وڏن سارن جلوسن ۾ تمام گھڻا ماڻهو رَونشي ڪوڏيا هوندا آهن، تمام ٿورڙا ماڻهو نظرياتي هوندا آهن. سنڌ جي حقن جي پاسدار سڀني پارٽين کي کپي ته هو جلوس، ڌرڻا ترڪ ڪري نظرياتي ذهن ٺاهڻ جو ڪم ڪن. پنهنجن نظرياتي ميمبرن کي بسترو ٻڌرائي، سيڌو سامان ساڻ ڪرائي، پختو ڪري گھر، گھر، ڳوٺ، ڳوٺ، پاڙن ۽ شهرن ۾ موڪلين، جيئن اهي وڃي ماڻهن کي نظرياتي تعليم ڏين. اهي تنظيمي رڪن ڄاڻو، پڙهيا، لکيا ۽ سهپ وارا هجن، ماڻهو ڀلي انهن کي ڪيڏا به گٿا لفظ ڪڍن ته به هو ماڻهن سان پنهنجائپ ۽ بردباري سان پيش اچن. سنڌ جا باشعور ماڻهو، پنهنجن ماڻهن وٽ وڃن، انهن کي تفرقي کان پري رهڻ جي ڳالهه ڪن، انسانيت جو سبق سيکارين، پنهنجن حقن کان واقف ڪن، کين مستقبل جا درد ٻڌائن ۽ بردبار ٿيڻ جي صلاح ڏين ۽ ڌرتيءَ جي ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ اهميت ٻڌائن، اهو ٻڌائن ته سنڌ امن جي ڌرتي آهي تنهنڪري سنڌيءَ کي هميشه امن پسند ئي رهڻو آهي. ڪنهن به شورش جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، نه ئي سنڌي ماڻهوءَ کي شورش جڳائي ٿي. نه جلسي جي ضرورت آهي نه ڌرڻن ڏي ڌيان ڌرڻو آهي، صرف ۽ صرف نظرياتي ماڻهو ٺاهڻو آهي. پوءِ بس ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتي ڌڻين جا سڀ اولا لهي پوندا. ماڻهوءَ وٽ ڪو هٿيار، ڪا طاقت نه هجي ته نه هجي پر ووٽ جهڙي طاقت ان وٽ آهي، ان کان وڌيڪ ان وٽ ٻيو ڇا هجي. جڏهن هن وٽ نظرياتي سوچ هوندي ته هو ڪنهن به روايتي ووٽ وٺندڙ وڏيري، پير، سردار، منهندار کي ووٽ ڏيندو ئي ڪونه. هو ووٽ ان کي ڏيندو، جيڪو ان جي حقن جو پاسدار هوندو، جنهن کان هو پاڻ پڇي به سگھندو. تعجب ٿو ٿئي ته قومي ڪارج تي ڪم ڪندي سياستدان کي هيڏو سارو وقت ٿيو آهي، هن مهل تائين ڪا اهڙي حڪمت عملي نه جڙي سگھي آهي، جنهن سان نظرياتي ماڻهو تيار ٿي سگھن، انڪري اڄ تائين سنڌي ماڻهو دڳ سان نه وڃي رهيو آهي. مڃيون ٿا ته اسان جو تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو آهي، اسان جي تمام گھڻي دير ٿي وئي آهي. پر پوءِ به اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، درست دڳ ته ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي. ڪيترن ئي ملڪن ٻڙيءَ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ اڄ ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. سو، اسان کي به ايئين ئي ڪرڻو آهي، موجوده حالتن ۾ هلندي ۽ ايندڙ وقت کي ڏسندي اهڙو ڪم ڪجي جنهن سان اسان کي سمورا مقصد حاصل ٿي وڃن. 22 مئي 2012 تي محبت سنڌ ريلي نڪتي، جنهن ۾ 11 ماڻهو مري ويا 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ۽ رياستي قانون ڪجھ نه ڪري سگھيو. انهيءَ محبت سنڌ ريليءَ، جنهن ۾ هڪ اڏول عورت غزالا بتول به شهيد ٿي وئي. اهڙي نظرياتي با حوصله خاتون کي جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ڏي موڪلجي ها ته سمورو ڳوٺ سڌاري اچي ها، پر اسان اها همت واري ڌرتيءَ ڌيءُ وڃائي ويٺاسي. اهڙيون ڪيتريون سلجھيل سنڌ نياڻيون ۽ سنڌي جوان آهن جن کي جيڪڏهن قوم کي شعور ڏيڻ جو ڪم سونپيو وڃي ته اهي اسان کي انهن ريلين، جلوسن ۽ ڌرڻن کا تمام گھڻو نتيجو ڏئي سگھن ٿا. اسان جا وڏا جلوس هجن، وک وجھڻ جي جاءِ نه هجي، ٽي، ويءَ تي تمام وڏي ڪوريج ملي، اخبارن ۾ اٺ ڪالميون خبرون لڳن، پر انهن ميڙن ۾ جيڪڏهن، اهي ماڻهو موجود هجن جيڪي ڪڌين ريتن، رسمن جا پاسدار هجن، قرآن سان پرڻو ڪرائيندڙ هجن، سڱ چٽين ۾ ڏياريندا هجن، ڪارو، ڪاريءَ جي عمل ۾ ملوث هجي، جيڪي چورن ۽ ڌاڙيلن منجھان هجن، جيڪي اوڙي، پاڙي سان اچائيندا هجن، پنهنجن، پراون کي ڏکائيندا رهندا هجن. وڏيرن ۽ پوليس وارن جا يار هجن، ڪڪڙن ۽ ڪتن جا شوقين هجن. اهي، ماڻهو گڏيل قومي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪارگر ڪيئن ٿا ٿي سگھن. اهڙا انسان دشمن ماڻهو کوڙ سارا پارٽين ۾ شامل هوندا آهن، ۽ ميڙاڪن ۾ ڪلف واري ڪاٽن پائي، ٽيڪسيون ڪرائي سڀ کان اڳ ۾ اتي بيٺا هوندا آهن، اڳواڻ سمجھندا آهن ته هي اسان جا ڪم وارا ڪارڪن آهن. اهو ئي سبب آهي جوجلسا گھاٽا هوندا آهن ۽ ووٽ صفا ڇڊا هوندا آهن. ۽ سنڌ ساڳي ئي سور ۾ مبتلا هوندي آهي.
بس سائين انهن ڌرڻن اڃان ته ڪجهه ناهي ڏنو پر انهن ڌرڻن وسيلي اسان پنهنجا مسئلا ۽ آواز ماڻهن تائين پهچايون ضرور ٿا۔ واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو۔ سٺو مضمون