ادا منھنجي ميموري ڪارڊ کي ونڊوز فارميٽ نٿي ڪري۔۔۔۔۔۔۔ھي آپشن ٿو اچي... windows was unable to complete the format پيو ڪو سافٽوير ھجي ته ونڊ ڪجو۔۔۔۔۔ 535 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا مون کي لڳي ٿو ته توهان جي ڪارڊ ۾ وائرس آهي ۽ اهو توهان جي ڪمپيوٽر ۾ به اثر انداز ٿي ويو آهي۔ توهان ڪنهن ٻي دوست جي ڪمپيوٽر ۾ لڳائي فارميٽ ڪريو پر ان ڪمپوٽر ۾ انٽي وائرس لڳل هجي ۽ اپڊيٽ به ٿيل هجي۔
ادا! هي طريقو آزمائي ڏسو۔ سڀ کان پهريائين ماءِ ڪمپيوٽر کي رائيٽ مائوس کان ڪلڪ ڪري ”مئنيج“ ۾ اچو۔ 537 اٽيچمينٽ ڏسو ان کان پو وري ”ڊسڪ مئنيجمينٽ“ ۾ ايندا ته اوهان کي ساڄي طرف کان هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن نظر ايندا، جنهن جي هيٺان اوهان جو ميموري ڪارڊ پڻ هوندو، ان کي رائيٽ مائوس کان ڪلڪ ڪري، فارميٽ ڪندا۔ 538 اٽيچمينٽ ڏسو اميد آهي ته هن طرح سان اوهان جو ڪارڊ فارميٽ ٿي ويندو۔