ڇا پير پاڳارو متبادل قيادت ثابت ٿيندو؟ پيپلز پارٽي گذريل وڏي عرصي کان سنڌ ۾ اڪثريت رکندڙ اڪيلي پارٽي ئي رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ انهيءَ پارٽيءَ کي بيگم نصرت ڀٽو سنڀاليو. جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اوج تي اچي وئي. پيپلز پارٽي لاءِ اهو مشهور رهيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڇڏيندڙ ڪنهن به ڪارڪن کي ڪٿي به اها عزت ملي نه سگهندي آهي جهڙي پيپلز پارٽي ۾ انهيءَ کي حاصل هوندي هئي، پر محترمه جي شهادت کان پوءِ سڄو معاملو ٽڙي پکڙجي ويو آهي. پيپلز پارٽي جا جيالا سائيڊ لائين ٿي ويا آهن يا انهن کي هٿ وٺي سائيڊ لائين ڪيو ويو آهي. محترمه کان پوءِ پيپلز پارٽي ۾ نظرياتي ڪارڪنن کي خاموش ڪرايو ويو آهي يا اهي پاڻ خاموش ٿي ويا آهن. محترمه جي شهادت جو خال ڀرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. آصف علي زرداري حادثاتي سياستدان آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪنهن به قابل سياستدان سياسي رهنمائي نه ڪئي آهي جهڙي طرح بينظير ڀٽو جي رهنمائي ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي اڪثريت هاڻي پيپلز پارٽي کان پري ٿي وئي آهي هن وقت حڪومت ۾ موجود ڪيترائي ايم اين اي ۽ ايم پي اي حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ حڪومت کان ڌار ٿي ويندا ڇو ته پيپلز پارٽي عوام کي ڪجهه به ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي جڏهن ته بک بدحالي، غربت ۽ بيروزگاري جو ذميوار به عوام پ پ جي حڪومت کي قرار ڏئي رهيو آهي جيڪا ڪارڪنن جي عزت محترمه جي دور ۾ هوندي هئي اڄ اهي ڪارڪن انهيءَ ڪري خاموش ٿي ويا آهن ته اصل ڪارڪنن کي نه بلاول ڀٽو زرداري سڃاڻي ٿو ۽ نه آصف علي زرداري. انهيءَ ڪري ڪارڪنن ۽ پ پ جي حڪومت ۾وڏي وٿي پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته عوام پڻ هن حڪومت کان سخت ناراض آهي ڇو ته عوام محترمه جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ چاهي پيو جڏهن ته هن حڪومت ق ليگ سان ٺاهه ڪري محترمه جي قاتل جا پيرا کڻڻ واري واٽ ئي بند ڪري ڇڏي آهي اهڙي دور ۾ سنڌ جو عوام چاهي پيو ته انهيءَ کي ڪا اهڙي قيادت ملي جيڪا عوام جي اهنجن ڏکن تڪليفن کي سمجهي انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اها اهڙي شخصيت هجي جنهن تي سنڌ جو عوام اعتماد ڪري سگهي ۽ اها شخصيت آهي سنڌ ۾ راجا سائين صبغت الله شاهه راشدي. سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي جيڪڏهن ڪا متبادل شخصيت ٿي سگهي ٿي ته اهو اڪيلو ئي پير پاڳارو آهي. پرجيئن ته پير پاڳاري جي چوڌاري ڪجهه اهڙيون قوتون آهن جيڪي سندس ڪمن ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻيل آهن. جيڪي اڳين پير پاڳاري کي به ڪنگري هائوس تائين محدود رکڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن پير پاڳارو انهيءَ بندشن کان ٻاهر نڪري عوام وٽ اچي ٿو ته اها اميد ڪئي پئي وڃي ته عوام انهن کي ڀرپور موٽ ڏيندو. پر انهيءَ جي لاءِ سڀ کان پهريان پير پاڳاري کي پنهنجي آس پاس موجود محلاتي سازشون ڪندڙ ڌرين کان ٻاهر نڪرڻو پوندو عوام وٽ وڃڻو پوندو، عوام جون ڳالهيون ٻڌڻيون به پونديون ۽ عوام کي ڳالهيون ٻڌائڻيون به پونديون. پير پاڳاري کي تڪڙن بنيادن تي سنڌ جو دورو ڪرڻو پوندو. جهر جهنگ ۾ وڃي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. ڇو ته هن وقت پير پاڳاري جهڙي طرح سنڌ ۾ کلي طرح ڪمشنري نظام جي حمايت ڪئي آهي ۽ جڏهن ته ٻين ڪيترن نظام جي حمايت ڪئي آهي ۽ جڏهن ته ٻين ڪيترن سنڌ دوست مسئلن تي کليل طور تي سنڌ جي عوام جي مفاد وٽان ڳالهيون ڪيون آهن جنهن جي ڪري عوام جو ڌيان پير پاڳاري ڏانهن آيو آهي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته نالي جو اثر هر ماڻهو جي شخصيت تي ضرور ٿيندو آهي انهيءَ ڪري موجوده پير پاڳاري جي سنڌ دوست ڳالهين کي کليل دل سان حمايت ڪرڻ آهي انهيءَ سنڌ جا ماڻهو هن مان سورهيه بادشاهه واريون سڪون لاهن ٿا. سورهيه بادشاهه جي نظريي ”وطن يا ڪفن“ مان سورهيه بادشاهه کي پنهنجي زندگيءَ ۾ آزاد وطن ته ڏسي نه سگهيو پر پنهنجي نظريي تي ڪار بند رهندي شهادت جو جام نوش ضرور ڪيو هو. جيتوڻيڪ ان دور ۽ هن دور ۾ سنڌ جون حالتون به برقرار آهن ان ڪري هن پير پاڳاري کي تحريڪ اتان ئي شروع ڪرڻي آهي. جتان سورهيه بادشاهه ڇڏي ويو هو. پيپلز پارٽي سنڌين کي پنهنجو ووٽ بئنڪ سمجهندي ڪڏهن به انهن جي نه حالتون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. موجوده حڪومت هندستان کي سنڌ طاس مجاهدي تي عمل ڪرائي نه سگهي ۽ نه اڄ تائين پنجاب کان به سندس کي پنهنجي حصي جو پواڻي ڏياري نه سگهي جڏهن ته پ پ حڪومت ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ تونسا وٽ ڊيم ٺاهي ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائشن آهي نه ٿل ڪئنال کي بند ڪرايو ويو نه تڪراري ڪئنال چشما جهلم لنگ ڪئنال کي بند ڪرايو ويو پر هاڻي ته اهو اعلان ڪرايو پيو وڃي ته اسلام آباد کي به سنڌ جي حصي مان پاڻي ڏنو وڃي ۽ بلوچستان کي به سنڌ جي حصي مان يارنهن هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي ڇا سنڌ جي عوام جو اهو مينڊيٽ آهي ته اهي پنهنجي جسم مان ٽڪرا ڪٽي ٻين کي کارائين اهڙو ئي حشر ڪراچي ۾ به پربا آهي يعني عيد کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ مڪاني نظام 1979 جي ڀيٽ ۾ مڪاني نظام 2012 آڻين ٿا جنهن سان سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ٿيندو جنهن ۾ شهرن ۾ آمر مشرف وارو mڪاني نظام هوندو جنهن ۾ شهرن کي ميٽروپويلٽن سٽي قرار ڏئي شهري نظام حڪومت ۽ ٻهراڙين ۾ ساڳيو پراڻو ڪمشنري نظام لاڳو ڪرڻ آهي. جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. موجوده حڪومت کي سنڌ جي 40 سيڪڙو عوام ووٽ ڪيو هو. جڏهن ته 60 سيڪڙو عوام پنهنجي ووٽ جو حق محفوظ رکيو هو. جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کان پري ٿيندي نظر پئي اچي پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام جي مفادن جي ڀيٽ ۾ کيس پنهنجا سياسي مفاد عزيز آهن وفاق ۾ متحده قومي موومينٽ جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ نين تڪ بندين جون ڳالهيون نه ٿي ڪري ۽ اهي تڪ بنديون ٺاهيون ئي پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ ويون هيون پر افسوس جو پيپلز پارٽي نه انهيءَ تي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿي ۽ نه سنڌين جا ووٽ گهٽ ڪرڻجي معاملي تي ڪجهه ڪڇي ٿي رحمان ملڪ ڪراچيءَ ۾ متحده جي ڪا ونگار وهي رهيو آهي جنهن سان ڪراچيءَ مان سنڌين جا ووٽ پنهنجي اباڻي تڪن ڏانهن منتقل ڪيا ويا ٻيو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ طرف اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ لکين ووٽ وڌايا ويا جڏهن ته لياري ۽ ملير ۾ سنڌين جا لکين ووٽ گهٽائي اردو ڳالهائيندڙن جا ووٽ برقرار رکيا ويا آهن مزي جي ڳالهه اها آهي ته رحمان ملڪ سنڌين جي ڪوٽا تي هر ڀيري سينيٽر چونڊجي ٿو جڏهن ته اهو ڪاپاري ڌڪ به سنڌين کي ڏئي ٿو ۽ متحده سان اهڙي ونگار وهي ويو آهي. رحمان ملڪ ٻهراڙين ۾ سنڌين جا ووٽ گهٽ ڏيکاري ڪراچي ۽ حيدرآباد م وڌيڪ ووٽ ڏيکاري ايم اين اي ۽ ايم پي اي جون سيٽون وڌائڻ لاءِ هڪ چال کيڏي آهي ته جيئن هو ڪنهن به طرح شهرن ۽ ٻهراڙين جون سيٽون برابر ڪرائي سگهي ته ايندڙ دور ۾ سنڌ جو گورنر ۽ وڏو وزير ٻئي شهرن مان چونڊجي سگهن يعني سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي اڪثريت ۾ هئڻ جي باوجود اسيمبلين ۾ اقليت ٿي وڃن. ڇا سنڌ جو عوام اهڙيون وڏيون سازشون ڪندڙ ڌرين کي بخش ڪندو؟ ڇا اهڙا ڏوهه بخش ڪرڻ جهڙا آهن؟ اهڙي سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي عوام هاڻي سمجهي ورتو آهي ته هو پيپلز پارٽي جي ساک برقرار رکڻ لاءِ هر ڀيري هاڻي سنڌ قربانيون نه ڏيندي آخر ڪيترو وقت اڳ پاڪستان جي نالي تي قربانيون وٺي گهر گهاٽ زمينون ۽ شهر ڦرايا ويا ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي نالي تي اسيمبليون، پاڻي ۽ باقي رهيل وسيلن جي به سنڌ قرباني ڏئي؟ آخر ڇو؟ انهي ڪري هاڻي سنڌ جي عوام سوچي ورتو آهي اهي ڌريون جيڪي سنڌ لاءِ قربانيون ڏين ٿيون سنڌي ماڻهن انهن کي پنهنجو اڳواڻ ڇو نه مقرر ڪري جن جي شخصيت به بي داغ هجي جنهن جو ڪردار به اعليٰ هجي. ڪن ڌرين وٽ سياست ۾ هر شئي جائز هئڻ واري فامولو ڀلي اهميت جوڳو هجي پر هن ڀيري سنڌ جو عوام ائين ٿيڻ نه ڏيندو هن ڀيري صورتحال اهڙي مختلف هوندي جيڪا 1988 واري هئي جنهن ۾ سڀ پ پ مخالف ڌريون هارائجي ويون هيون پر هاڻي اهي سڀ ڌريون هارائجي وينديون جيڪي سنڌ جو سودو ڪندڙ هونديون، جن ماءُ جي ٿڃ وڪرو ڪري مفاد ماڻيا هوندا. انهيءَ ۾ ڪونه شڪ نه آهي ته سنڌ هن وقت چئني طرفن کان مصيبتن جي گهيري ۾ آهي هر طرف کان واڳون وات پٽيو سنڌ ڳڙڪائڻ جي لاءِ تيار بيٺا آهن. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي هڪ سنڌ دوست قيادت جي سخت ضرورت آهي سنڌ ۾ هڪ سياسي بحران آهي سنڌ ۽ سنڌ جو عوام هڪ سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي انهيءَ کي اهڙي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اهڙي ماڻهوءَ جي انتهائي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي هر محاذ تي تحفظ فراهم ڪري جنهن تي سنڌ جون سڀ سياسي ڌريون اعتماد به ڪنديون هجن ۽ اهو واقعي اهڙي احترام جو لائق به هجي سنڌ ۾ اها اڪيلي شخصيت صرف پير پاڳارو ئي آهي جيڪڏهن پير پاڳارو سنڌ جي اڳواڻي ڪري ٿو اها سنڌ جي خوشنصيبي هوندي پر جيڪڏهن هن دور ۾ به پير پاڳارو اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا نه ٿو ڪري ته اها سنڌ جي عوام جي بد نصيبي هوندي.