• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشن راهون

مان هان صدا ڪنهن سائل جي
بي ڏوهي گهات ۾ گهايل جي
اڻ پورا احساس جنهين جا
مان ڪوڪ ٻڌان تنهن ڪوئل جي
جت داد نه ٿي فريادي جو
پو منظر سڀ بربادي جو
پو ڪيئن چوان ڳل ڳانيئڙا
اي اوپرا منهنجا جانيئڙا
هو دور ته دونهي پئي آ دکي
هي سو ئي ڏسي جنهن نظر تکي
مان روز ٻيجل ٿي ٻاڪاريان
۽ آزادي کي پيو ساريان
هو نيٺ ته ايندي يٺ ته ايندي
ڳلين ڳوٺن کي ڇوليندي
پو بي وس باندي ڪين هوندو ڪو
۽ نه بک افلاس ۾ پو مرندو ڪو
 
Back
Top