سنڌي فيصلو ڪن ته نون سڌين سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا رتو ڇاڻ؟ واويلا بند نه ٿي ته قومپرست سنڌ جي ورهاڱي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    سنڌي فيصلو ڪن ته نون سڌين سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا رتو ڇاڻ؟ واويلا بند نه ٿي ته قومپرست سنڌ جي ورهاڱي جا ذميوار هوندا:الطاف حسين
    ڪراچي (رپورٽون: ضياءُ قريشي) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ڪراچي جي واپارين کي رشوت ڏيئي به جديد هٿيارن جا لائسنس حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي قومپرستن جيڪڏهن متحده خلاف واويلا بند نه ڪئي ته پوءِ سنڌ جي ورهاڱي جا ذميوار به هو پاڻ هوندا . ڪالهه ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ڏنل افطار ڊنر ۾وفاقي گھرو وزير رحمٰن ملڪ سان گڏ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو ، سيد خورشيد احمد شاهه، اين پي پي جي صدر غلام مرتضيٰ جتوئي ، ف ليگ جي صوبائي وزير ڄام مدد علي، مير عابد جتوئي، غلام رسول شاهه جيلاني، سينيئر وزير پير مظهر الحق، بارب غوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، امتياز شيخ، آغا سراج دراني، غوث بخش مهر، شهر يار مهر، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فيصل واڍيا، حليم عادل شيخ، شرميلا فاروقي، ناديا گبول، توقير فاطمه ڀٽو، چيف آرگنائيزير اين پي پي نعيم الرحمان خان، رائوف صديقي، عادل صديقي، ڊاڪٽر صغير احمد، رضا هارون، نسرين جليل، هير سوهو ۽ ڊاڪٽر ليلا پروين، بشارت مرزا، ڪرڪيٽر شاهد آفريدي، اداڪاره سعديه امام، اداڪاره زيبا بختيار سميت سنڌ ڪابينا جي پ پ سان لاڳاپيل مختلف وزيرن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب لنڊن مان ٽيليفونڪ کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ڀتي خوري ءِ بدامني کان بيزار ڪراچي جي واپارين کي رشوت ڏيئي به ڪلاشنڪوف ، جي ٿري سميت جديد هٿيارن جا لائسنس حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته سرڪار عوام کي ڪراچي واسين کي تحفظ فراهم ڪرڻ م ناڪام ٿي چڪي آهي انڪري ڪراچي جا واپاري هٿيار خريد ڪري پنهنجو تحفظ پاڻ ڪن ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ دهشتگردن ءِ ڀتي خورن وٽ اهڙا هٿيار آهن جيڪي پاڪ فوج وٽ به ڪون آهن ، هن چيو ته ڀتي خور ڪراچي جي واپارين کي اغوا ڪري قتل عام ڪري رهيا آهن اسان آخري ساهه تائين واپارين جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪنداسين ڪراچي ۾ ڀتي خورن خلاف آپريشن ڪامياب ٿيڻ وارو هو پر رينجرس چيو ته اسان ساٿ نه ڏينداسين بعد ۾ اِهو چئي آپريشن ملتوي ڪيو ويو ته 48 ڪلاڪن ۾ ٻيهر شروع ٿيندو پر اهو آپريشن اڄ تائين شروع ناهي ٿي سگھيو ، هن چيو ته جيڪڏهن ڀتي خور جنگ ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ جنگ ئي سهي واپاري گڏيل ٺهراءُ پاس ڪن ته ڪراچي جي واپارين کي تحفظ لاءِ هڪ لک متحده ڪارڪنن ڏيئڻ لاءِ تيار آهيان . چيوته مون اڳ۾ ٽي وي ءِ فرج وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر انکي غلط سمجهي تنقيد ڪئي وئي اڄ وقت ثابت ڪيو آهي ته آءُ سهي هيس هن چيو ته مون آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي به ڪراچي م دهشتگردي ءِ ڀتي خوري جي ڄاڻ ڏني آهي سپريم ڪورٽ ڪراچي جي واپارين کان زوري ڀتو اڳاڙي جو پاڻ مرادو نوٽيس ڇو ڪو نه ٿي وٺي ؟ الطاف حيسن چيو ته اڃان طئي ناهي ٿيو ته عدليه ءِ پارليامينٽ مان سپريم ڪير آهي فيصلو ڪرڻ جو وقت ايندو ڪنهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگھجي پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي آهي يا عدالتن جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي ؟ جيڪڏهن پارليامينٽ قانونسازي جو اختيار نٿي رکي ته پوءِ پارليامينٽ کي ختم ڪري ملڪ ۾ عدالتي نظام لاڳو ڪيو وڃي .هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهي ٿي ڪيترائي ڀيرا وضاحت ڪري چڪي آهي ته اسان سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون پر ان هوندي به جيڪڏهن قومپرستن جي اجائي واويلا بند نه ٿي ته پوءِ سنڌ جي ورهاڱي جا ذميوار به قومپرست هوندا هاڻ سنڌين کي ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو نون سنڌين سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا رتوڇاڻ چاهين ٿا . الطاف حسين چيو ته رحمٰن ملڪ هميشا چوندو رهي ٿو حالتون ٺيڪ آهن پر آءُ چوان ٿو رحمٰن ملڪ توهان سٺا آهيو پر حالتون ٺيڪ ناهن عوام مهنگائي ءِ لوڊشيڊنگ سبب مري پيو ملڪ کي اندروني ءِ بيروني خطرا آهن چيف جسٽس وزير اعظم کي هٽايو پر بلوچستان ۾ قتل عام ڪندڙن خلاف ڪاروائي نه ڪئي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ان همراهه جي ڪل ڪجهه ٿڙيل آهي
    ڳالهائيندو ڪجهه آهي ۽ سمجهندو ڪجهه ٻيو آهي۔
    پر ها اسان کي ڪو فيصلو ضرور ڪرڻ کپي ۔۔۔۔۔ نه ته اسان جا فيصلا ڪي ٻيا ڪندا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ان همراهه جي ڪل ڪجهه ٿڙيل آهي
    ڳالهائيندو ڪجهه آهي ۽ سمجهندو ڪجهه ٻيو آهي۔
    پر ها اسان کي ڪو فيصلو ضرور ڪرڻ کپي ۔۔۔۔۔ نه ته اسان جا فيصلا ڪي ٻيا ڪندا
     
  4. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف حسين سدائين فساد فهلائڻ لاءِ اهي ڳالهيون ڪري ڇڏيندو آهي پر هاڻي اسان سنڌين کي گڏجي هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو..
     
  5. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هندوستان جو هاٿي چريو ٿي پيو آهي .ان جي رنڀ ان تقريب ۾ ويٺلن مان شايد سيد سڳوري قائم علي شاه کان سواءِ ڪنهن به نه آئي هوندي ،سنڌ جي سنڌين کي نه پر انهن واپارن کي ڏنو ويو آهي جيڪي پوريءَ طرح ان مست هاثيءَ جي لاءِ گاه ۽ چاري جو انتظام ڪري نه ٿا سگهن . سگهارين ڌرين مدد نه هجيس ته هڪ مهينو به ڪراچءَ م رهي نه سگهندو ،اهي سنڌي آهن جيڪي 1843 ع کان وٺي حاڪمنم جون لٺيون کائيندا سهندا اچن ٿا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو