جيئيءَ سنڌ محترم ساٿيو توهان جي خدمت ۾ تصويرون سڃاڻڻ جي عنوان تحت سنڌ جي فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ٻن شخصيتن جون تصويرون ڏيان پيو انهن جا نالا ٻڌايو۔ مهرباني
هي فوٽو سنڌ سلامت جي سينئر جو آهي هِن فوٽو ۾ چشمو ۽ مُڇون لڳايو اُهي بهWHITE ۾ منهنجو جواب صحيح آهي پر توهان دوستن کي مان نه ٻُڌائيندم سندس نالو.! باقي ڇوڪري ته خبر ناهي :_-s
ادا محمد جمن، اهڙا مشڪل سوال ڪندو ته پوء جواب ڏيڻ ته آسان ڪو نه ٿيندو۔ توهان ڪو اشارو ته ڏيو ها۔۔ پهرين تصوير جو نالو توهان nisar.jpg رکيو آهي، ڇا ان کي اشارو سمجهجي؟
هڪ شخصيت جو نالو ته اسان وٺي ئي ڪا نه ٿا سگهون ڇو جو سائين اسان جي عقل ، علم ادبي حوالي کان تمام سينيئر استاد آهي ان کي ڪير نه سڄاڻي باقي يار ٻئي تصوير جو نالو کڻڻ پاڻ کان چڙهيل ڪم آهي ۽ هميشه مان چڙهيل ڪم پاڻ واري استان رشيد سمون جي بلي ڪري ڇڏيندو آهيان
مان نه ٿو کيڏي سگهان.. اها سراسر بي ايماني آهي ايڏا ڏکيا سوال.... جو فقير به توبهه ڪئي... نه کپي نه کپي اها راند نه کپي.