• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

.. چانهه پيئندڙ ماڻهن کي بُرا خواب ڪونه ايندا آهن

چانهه پيئندڙ ماڻهن کي بُرا خواب ڪونه ايندا آهن
جاپاني ماهرن ٻڌايو آهي ته چانهه پيئندڙ ماڻهن کي ننڊ ۾ بُرا خواب ڪونه ايندا آهن. جاپان ۾ ني هون يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي ماهرن ٻڌايو آهي ته جيڪي ماڻهون ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرو چانهه پيئندا آهن انهن جو بُرو خواب ڏسڻ جو خدشو 50 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.

ريسرچ موجب چانهه ۾ موجود ڪيميڪل دماغ کي پرسڪون رکندا آهن ۽ ذهني ڊپريشن گهٽ ڪندا آهن جنهن سبب پرسڪون ننڊ ايندي آهي.

هڪ ٻي ريسرچ ۾ هڪ ڊچ کوجي ٻڌايو آهي ته 80 سيڪڙو عورتن کي بُرا خواب ايندا آهن. ان ماهر هڪ هزار ماڻهن تي ريسرچ ڪئي آهي
 
لڳي ٿو ان تحقيق واري کي ڪنهن چانهن واري ڪمپني ڪجه پيسا باسيا هوندا نه ته چانهن ۾ به ڪو فايدو آهي مون ڱي نٿو لڳي باقي جي ڳاله آهي بري خوابن جي ته مهنجي خيال ۾ جيڪو پتي ۽ کنڊ ۽ ڱير جو خرچ برداشت ڪندو هوندو ان کان پڇو حال ته ان ڱي برا خوب چن ٿا ي نه باقي مون جهڙي مفت ۾ پيئڻ واري کي ته هونئن به ڪونه ايندا
 
Back
Top