سنڌ سلامت جي ذميواردوستن کي صلاح آهي ته تعليم بابت معلومات جو صفحو شامل ڪيو، جنهن ۾ ملڪي يا غير ملڪي تعليمي ادارن ۾ داخلائن بابت معلومات، داخلائن جو طريقه ڪار،تعليمي ادارن جا ظاهر ڪيل امتحانن جا نتيجا ۽ اسڪالرشپن بابت معلومات شامل هجڻ گهرجي۔
اوهان جي تمام سٺي ۽ سهڻي صلاح آهي۔ جلد ان تي عمل ڪبو۔ اوهان دوستن کي به عرض آهي ته ان سلسلي ۾ مواد موڪليو جيئن تعليم لاء ڪو الڳ سيڪشن جوڙي سگهجي۔ اميد ته سڀ دوست وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي مد ڪندا۔
سهڻي صلاح آهي ان تي جلد ڪم ٿيڻ گهرجي ته جئين سنڌي دوستن کي ٻاهرين ملڪ تعليم حاصل ڪرڻ لا آسان طريقا ۽ داخلائن جا طريقا معلوم ٿي سگهن۔
سنڌ سلامت تي اڳ ئي هڪ سيڪشن ” اکر پڙه الف جو“ موجود آهي، خاص تعليم ۽ تعليم سان لاڳاپيل مسئلن لاءِ کليل آهي، دوستن کي گذارش آهي ته تعليم سان لاڳاپيل ليک هن سيڪشن ۾ ونڊ ڪن ۔۔۔ هيٺ ڪلڪ ڪري ڏسندا http://www.sindhsalamat.com/forums/اکر-پڙهه-الف-جو.64/