امڙين جو عالمي ڏينهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    جِيجل منهنجو جيئاپو

    پنهنجي ٻوليءَ ۾، ميان! جي تون چوندين ماءُ،
    تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيــنـدِي ٻِـي ٻـولــي ڪـٿــي!
    هر سال مئي مهيني جو ٻيو آچر، جِيجل امڙين يعني ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ (Mother’s Day) آهي. امڙ زمين ۽ آسمان ته ڇا، ڪائنات جي عظيم هستي آهي، جنهن سان ڪا به ٻِي هستي ڀيٽي نه ٿي سگھجي. جيڪو اهڙو ڀيٽ ڪندو سو ڄڻ ته چرياڻُ چئبو، ڇاڪاڻ ته امڙ اهڙو وجود آهي، جنهن جهڙو دنيا ۾ ٻيو ڪو وجود ناهي، ٻِيو هر وجود ثانوي آهي. امڙ جي عظمت هر هستيءَ کان اُتم آهي، ٻي ڪا به شَيءِ ان جي عظمت سان ڀيٽي نه ٿي سگھجي. ٻئي طرف ٻيءَ هر شَيءِ جي ڪا نه ڪا ڪٿ ڪري سگھجي ٿِي، پر امڙ جي محبت جِي ڪَٿ ڪري ئي نه ٿي سگھجي.... ماءُ جي محبت جو پُورو احساس ان ماڻهوءَ کي ئي هوندو آهي، جنهن کان ماءُ ننڍي وهيءَ ۾ ئي وڇڙي ويندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو سڄي ڄمار ماءُ جي محبت لاءِ تڙپندو رهندو آهي. ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي: ”ماءُ جي محبت ۾ گهِرائيءَ جو سمنڊ آهي، جنهن جي ماپڻ جو ڪو اوزار، ڪا ڪَل ناهي.“ اڃا به ڏسجي ته ماءُ جي محبت ڪائنات وانگر ڪشادي، وسيع ۽ کُليل آهي، ان جي اڳيان ڪا محدودائپ ناهي. هر هڪ ڪشادائي ان اڳيان گھَٽ آهي. امڙ جي محبت اڳيان نُوري سال يعني لائيٽ اِيئر جا فاصلا به ڪمتر آهن. ماءُ جي مٺڙي نظر هر ننڍي مفاصلي کان ويجھي به آهي، ته هر وڏي مفاصلي کان وڏِي به آهي. ان نظر جي پنهنجائپ ٻِيءَ هر پنهنجائپ کان مٿاهين آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ماءُ جي ممتا ميسر آهي، ان کي ڄڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نعمت مليل آهي....

    امڙين کي محبت جي ڀيٽا رڳو ڪنهن هڪ ڏينهن تي پيش نه ٿي ڪري سگھجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ جو پل پل امڙين کي ارپيون تڏهن به سندن لاثاني محبت جي موٽ نه ٿا ڏئي سگھون، پر هي ڏينهن ان ڪري مائرن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان پنهنجين مصروف زندگين مان، ڪمن ڪارين جي گھڻائيءَ مان، هڻ وٺ جي گذرندڙ حياتيءَ مان، سال جي 365 ڏينهن مان جيڪڏهن صرف هڪ ڏينهن امڙين لاءِ وقف ڪيون ٿا ته اهو به سندن محبتن جي موٽ ۾ هڪ تحفو آهي. هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماءُ جي اهميت کي چِٽو ڪرڻ آهي، جيڪا زندگيءَ جي ڀڄ ڊُڪ ۾ ڪٿي وڃائجي يا رهجي وئي آهي. اها اهميت جيڪا اسان نظر انداز ڪري ڇڏي آهي ۽ جنهن کي ياد ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. امڙين کي محبتن جِي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ يعني ”مائرن جي عالمي ڏينهن“ لاءِ اٺين مئي ڪا مقرر تاريخ ناهي، پر هر سال مئي مهيني جي ٻئي آچر تي هيءُ ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ ملهائجي ٿو. حاصل ڪيل ڪجھ ڄاڻ موجب، مختصر طور اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته 1876ع ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ورجينا جي هڪ ڇوڪرِ ائنا جاروز سان هن جي ماءُ ايني ميريءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن ماءُ جهڙيءَ هستيءَ لاءِ ڪو هڪ ڏينهن ئي ملهايو وڃي، جنهن ڏينهن هن کي پيار، ٻاجھ ۽ محبتن جي ڀيٽا ڏجي، ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي....... ائنا پنهنجيءَ ماءُ جي حياتيءَ ۾ ته اهڙو ڏينهن منظور ڪرائي نه سگھي، پر ماءُ جي وفات جي ٻن سالن کان پوءِ 1907ع کان هوءَ ان ڏينهن ”مائرن جي عالمي ڏينهن“ جي پڌرائيءَ يا منظوري ڪرائڻ لاءِ گھڻي سرگرم ٿي وئي. نيٺ 1911ع ۾ تنهن وقت جي آمريڪي صدر اهڙو اعلان ڪيو ته هر سال مئي مهيني جي ٻئي آچر تي ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ويندو. ان سان گڏ هن ان ڏينهن تي موڪل جو اعلان پڻ ڪيو....
    اسان ڄمون ٿا ته مختلف ماڻهن سان اسان جا ڪيئي رشتا ٺهي پون ٿا: ڪو پيءُ، ڪا ماءُ، ڪو ڀاءُ ته ڪا ڀيڻ، ڪو چاچو ته ڪو مامو، ڪو سَوٽ ته ڪا ماساتِ ۽ ٻيا ڪيئي انيڪ رشتا. پر ڏسبو ته انهن سڀني رشتن مان جيڪو رشتو سڀ کان ويجھو، مڙني کان پيارو هجي ٿو، سو ماءُ جو رشتو ٿئي ٿو. ماءُ جي رشتي جهڙو ٻيو ڪو رشتو آهي ئي نه. ڇو ته اها ماءُ ئي آهي جيڪا تڪليفون سهي اسان کي پنهنجي پيٽ ۾ سانڍي ۽ سنڀالي ٿي ۽ وڏيءَ پيڙا سان اسان کي هن دنيا ۾ آڻي ٿي. جيڪڏهن ماءُ جهڙي هستي نه هجي ته اهو پيدائش جو عمل ڪيئن ٿئي! ان ڪري ئي ماءُ کي تخليقڪار جي به حيثيت حاصل آهي. سنڌ جي نالي واري هڪ شخصيت ماهتاب اڪبر راشدي به آهي. ”مائرن جي عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان سندس چوڻ آهي: ”هر ملڪ، پوءِ اهو ڪهڙي به رنگ، نسل ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ هجي، اهو هن ڏينهن کي ڪڏهن به مِس نه ڪندو، ڇو ته ماءُ تخليقڪار آهي. خدا تعالى جيڪي به رشتا خلقيا آهن، انهن ۾ هيءُ بي غرض رشتو آهي. اسان کي صرف هيءُ ڏهاڙو ملهائڻ نه گھرجي، پر ماءُ جي رشتي کي سمجھڻ به گھرجي. ماءُ کي صرف ’آءِ لَو يُو‘ چوڻ سان ان جو حق ادا نه ٿو ٿئي، پر ان کان پيرن تي هٿ رکي دعا به وٺڻ گھرجي.“
    سائين منهنجا! ماءُ دعائن جو در هوندي آهي، جتان اولاد لاءِ سدائين پيون دعائون ٻُرنديون آهن، پوءِ ڀلي ته اها اولاد سڌريل هجي يا اڻ سڌريل. ماءُ جي دل اهو ناهي ڏسندي، ته پٽ يا ڌيءَ ڪيئن آهي، اها ته هر لمحي، هر پل پنهنجي اولاد جو ڀلو چاهيندي آهي....
    اهو ماڻهو خوش نصيب آهي جنهن جي ماءُ حال حيات آهي، ۽ اهو ماڻهو هڪ وڏي نعمت کان محروم آهي جنهن کان ماءُ وڇڙي وئي آهي يا جنهن ماءُ کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ اهو ماڻهو ته تهائين بدنصيب ۽ انتهائي نفرت لائق آهي جنهن پنهنجيءَ ماءُ کي تڪليف ڏني آهي، کيس ڪو هڪڙو به اهنج رسايو آهي يا نظر انداز ڪيو آهي. جڏهن اسان جي ماءُ اسان کي نظر انداز نه ٿي ڪري، ته اسان ڪيئن ٿا اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري سگھون! جيڪڏهن اسان کان اهڙي ڪا خطا ٿي آهي، ته اسان کي گھرجي ته بنا دير پنهنجيءَ امڙ جي پيرن ۾ ويهي، سندس مٺڙا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جھلي، کانئس ڀلي ته معافي نه به وٺون، رڳو کيس اهو چئون ته تون منهنجي جيجل آهين، جنهن مون کي جيئاپو ڏنو آهي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو آهي، آب حيات جهڙي ٿڃ پياري آهي، مان تنهنجي ئي ڪري اڄ موجود آهيان، مون کي پنهنجي جھوليءَ ۾ پناهه ڏي.... اوهان يقين ڪيو ته ماءُ اوهان کي اُف به نه چوندي ۽ اوهان کي پنهنجيءَ هنج ۾ سُڪون سان سمهاري، وري به اوهان لاءِ دعائون گھرندي. هن کان اهو سڄو اَڍنگو ورتاءُ وسري ويندو جيڪو اوهان ساڻس رکيو هوندو....
    سنڌ جي نالي واري ليکڪه سلطانه وقاصيءَ جو چوڻ آهي: ”اولاد لاءِ اهو چوندَس ته پنهنجي ماءُ جو خاص خيال رکن. جيڪڏهن اوهان هِن جهان ۽ اڳئين جهانَ ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته ماءُ سان محبت ڪريو، سندس خدمت ڪريو، ته جنت جي چاٻي اوهان وٽ ئي رهندي.“
    هونءَ به جنت ماءُ جي قدمن ۾ آهي. ان جو مقصد ۽ مطلب آهو ئي آهي ته ماءُ جي پيرن کان مٿاهان نه ٿيو، ان اڳيان نوڙت سان پيش اچو ۽ سندس خدمت ڪريو. جنهن جي دل ۾ ماءُ جي جڳهه آهي، ڄڻ ان جي دل ۾ ڪائنات جي اتم ۽ مهان هستيءَ جي جڳهه آهي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف پيار ڀريل آهي.
    ”مائرن جي عالمي ڏينهن“ جي نسبت سان امڙ، جيجل بابت چونڊ چوڻيون، منتخب قول ۽ ڪجھ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون:
    * پڙهيل لکيل استاد اڻ پڙهيل مائرن جا شاگرد رهي چڪا آهن.
    * مائرن جي آڏو اظهار دانش نه ڪندا ڪيو. مائرون دانش تسليم نه ڪنديون آهن. اهي سادگيءَ تي مسڪرائي ڏينديون آهن.
    * مائرن جي جھوليءَ ۾ معصوم ٻارن واريون تصويرون هر چَوڪ تي هنيون وڃن ته ڪو گمراهه نه ٿيندو.
    * جيڪڏهن مائرون نه هجن ته انسان جو وجود چند سالن ۾ ختم ٿي وڃي.
    * دنيا جي بهترين شَيءِ ماءُ ۽ صرف ماءُ آهي.
    * ماءُ جو غصو فرضي هوندو آهي.
    * عورت جو حسين ترين روپ ماءُ آهي.
    * ماءُ اها هستي آهي، جنهن جي دامن ۾ ڪنڊا به ڪِرن ته گلَ ٿي پوَن.
    * ماءُ جي جھولي انسان جو پهريون اسڪول آهي.
    * ماءُ خوشبوءِ جو اهڙو گل آ، جيڪو ڪڏهن به مرجھائجي نه ٿو.
    * ماءُ جي خوشبو گل جيان آهي، جنهن سان گھر ٻهڪندو رهي ٿو.
    * ماءُ جي لولي مٺو ۽ افضل گيت آهي.
    مائرن جي عالمي ڏينهن جي لحاظ کان ڪيئي ايس ايم ايس پڻ آيا اٿم. انهن ميسيجن ۾ پڻ ماءُ جي عظمت ۽ محبت بيان ڪيل آهي:
    * مشهور ڪهاڻيڪار وفا اسلم شيخ ميسيج ڪيو:
    ”ايڪ دِن زندگي ني مجھ سي سوال ڪيا، تم اپنِي مان ڪا ساٿ ڪب تڪ چاهتي هو؟“
    ”مين ني ايڪ آنسو سمندر ۾ گرا ديا اور ڪها جب تڪ تم اس ڪو ڍُونڍ نه لو.“
    اس پر سمندر ڀي رو پڙا، اور ڪها: ڪاش ميري ڀي مان هوتِي.
    * نالي واري شاعر ساجد سنڌيءَ سهڻو شعر لکي موڪليو:
    ”لوگ مسجدون ۾ جنت تلاش ڪرتي هين غالب!
    فرصت اتنِي نهين هوتِي ڪه، قدم مان ڪي چُوم لين..........
    * سائنس جي هڪ شاگرد آفتاب چانڊيي شعر لکي موڪليو ته
    جب ڀي ميري دل ڪِي مسجد ۾ تيري يادُون ڪِي آذان هوتِي هي اي مان!
    مين اپني ئي آنسئون سي وضو ڪرڪي تيري جِيني ڪِي دعا ڪرتا هُون.
    * سڄاڻ ساٿي پرور ملاح لکي موڪليو ته
    ”منهنجيون سڀ ارڏايون امڙ جي پيرن ۾،
    منهنجيون سڀ وڏايون امڙ جي پيرن ۾،
    مان ڀلي ٻين لئه خانُ هجان،
    منهنجا پٽڪا، ٽوپيون امڙ جي پيرن ۾،
    دنيا ڳولي بهشت کي هن جهان ۾،
    منهنجِي جنت جيجل جي پيرن ۾.
    ***
     
  2. عامر علي عطار

    عامر علي عطار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Mehar, Sindh, Pakistan
  3. عامر علي عطار

    عامر علي عطار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Mehar, Sindh, Pakistan
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    پهريون الفاظ جيڪو مون ڳالهايو هو،اهو "ماء" هو۔
    تنهنجي پيار مون کي ٺاهيو ته محسوس ڪيان پاڻ کي شهزادو۔
    مان هميشه شڪايت ڪندو هوئس،مان هميشه شين لاء چوندو هوئس
    تو هميشه اسان جا ڳوڙها آگهيا،تو هميشه اسان لاء قرباني ڏني
    تو ڪڏهن نه کاڌي هڪ به ماني اسان کانسواء
    مان توسان پيار ٿو ڪيان ماء،۽ هميشه ڪندو رهندس

    بلال مصطفي ميمڻ
     
  6. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.​

    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.


    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي،
    آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو