مون کي تنهنجي ڪاوڙ به پياري پئي لڳي.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    گهر ۾ جيڪڏهن سٺي زال هجي ته بيابان ۾ جهوپڙي به شاهي محلات کان بهتر ٿي پوندي آهي. گهر ۾ ٻارن ٻچن جي پرورش جي لاءِ مڙس ۽ زال چلهه گرم ڪرڻ لاءِ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪنڊا گڏ ڪرڻ ۾ به خوش رهندا آهن. هڪ مزدور چيلهه تي ڳرو بار کڻي ٿو ته جيئن مزدوري وٺي گهر وڃي ٿو ته هڪ دلبر جي دل خوش ڪري سگهي. لوهار پنهنجي جسم تي ڪارنهن جا داغ برداشت ٿو ڪري ته جيئن گهر جي حور لاءِ زندگيءَ جو سامان مهيا ڪري سگهي. هڪ دڪاندار گوڏا کوڙي صبح کان شام تائين دڪان ۾ ويٺو ٿو رهي ته جيئن گهر ۾ پنهنجي محبوب لاءِ ضرورت ۽ زيبائش جو سامان مهيا ڪري سگهي. هڪ دڪاندار گوڏا کوڙي صبح کان شام تائين دڪان ۾ ويٺو ٿو رهي ته جيئن گهر ۾ پنهنجي محبوب لاءِ ضرورت ۽ زيبائش جو سامان مهيا ڪري سگهي. هي سڀ عشق جا ڪرشما آهن. هي سڀ ڪوششون، مادي آهن ۽ انهن کي توهان هيٺئين جهان ۾ شمار ڪري ٿا سگهو ليڪن عشق جي ڪري هي سڀ ڪوششون بلند ٿي روحاني عالم جو جز بنجي ويون آهن. ڇو ته محبت ڪا مادي شيءَ نه آهي. اهو مٿانهين عالم جو فيضان آهي. مال ۽ اسباب سڀ جماد ۽ مرده شيون آهن ليڪن انهن سڀني جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن زنده هستيءَ لاءِ هوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن عشق جو مقصود ڪنهن نه ڪنهن قسم جي زندگيءَ ۾ آهي ته پوءِ عشق کي اهڙي هستيءَ سان ڇو نه ٿو لڳائين جيڪا سراپا زنده ۽ زندگي بخشيندڙ آهي؟ مال متاع هجي يا انساني محبوب، جسماني حيثيت ۾ مرده آهن يا مرده ٿيڻ وارا آهن. اصل محبت فاني جسم کي محبت نه آهي، محبت کي هميشه رهڻ واري زندگيءَ سان لڳايو جيڪا سڀئي پائدار محبتن جي جامع آهي. انسان جي انسان سان محبت ته گهڻو ڪري زوال ۾ اچڻ واري شيءِ آهي. جيڪڏهن ظاهري حسن لازوال نه آهي ته پوءِ ظاهري عشق ڪيئن دائمي ۽ باقي رهي ٿو سگهي؟ حق کان سواءِ جيڪڏهن ٻين محبوبن ۾ وفا هجي ها ۽ انسان جي محبت پائدار هجي ها ته پوءِ ماءُ پيءُ سان تنهنجي محبت ۾ ڪڏهن به فرق نه اچي ها، ليڪن وڏي عمر ۾ والدين سان محبت ۾ ڪيڏي نه سرسري رهجي ويندي آهي. انساني زندگي ۾ اڪثر محبت بي رخي يا نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت نفرت بدلجي محبت ٿي پوندي آهي. ٻار اسڪول وڃڻ کان گهٻرائيندو آهي، سبق کان بيزار هوندو آهي ۽ استاد کي ايترو ته ظالم سمجهندو آهي جو ان جي مرڻ جو دعائون ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته مري نه ٿو ته ڪم از ڪم بيمار ئي ٿي پوي ته موڪل ملي سگهي، ليڪن ٿوري عمر وڏي ٿي ته ماءُ جي کير سان محبت نه رهي ۽ علم جي چسڪي اسڪول ۽ استاد سان محبت پيدا ڪري ڇڏي.
    دنيا ۾ ڪابه هستي پنهنجو ذاتي حسن ڪانه ٿي رکي جتي به حسن نظر ٿو اچي اهو ازلي حسن جو پاڇو آهي. حسين شيون يا هستيون اهي آهن جن تي هميشه رهڻ واري سج (الله تعاليٰ) جا شعاع پئجي رهيا آهن. جن هن تي سون جو تهه چاڙهيو آهي، جيئن شعاع هٽيو تيئن ان شيءِ جو عارضي حسن غائب ٿي ويو.
    تشبيهات رومي
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نادر عباسي

    نادر عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    224
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سيلزمين ڪمپيوٽر ڪمپني
    ماڳ:
    دبئي
    بهترين ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي

    بهترين ونڊ آهي مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    بهترين ۽ لاجواب الفا ظن سان اسان جي هن اڳڻ جي محنتي ؤ سچي هڏ ڏوکي ميمبر عشق جي تعارف پيش ڪيو آهي۔اسان کي بلڪل به خبر نه هئي ته سائين عرس پريو صاحب فلاسفر به آهن۔ عشق جي هن قسم جو تعارف اسان اڳ ۾ ڪڏهن نه ٻڌو آهي نه پڙهيو آهي۔ ڇا ته الفاظ ؤ احساست آهن ۔ماشاالله۔ لڳي ٿو ته پريو صاحب به هن فورم جي جادوگر ذيشان رشيد صاحب جي ڪمپني ۾ الفاظن جو جادوگري جو فن سکي ورتو آهي۔ ادا عرس پريو توهانجو هي ليک اسان کي تمام گهڻو پسند آيو۔ٻئي قسط جو شدت سان انتظار رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻي چونڊ۔ ڇا ته لفظن جي سونهن آهي ۽ ڇا ته سچ لکيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو