• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسلام ۾ مشورو ڪرڻ جي تلقين

عرس پريو

سينيئر رڪن
قرآن ڪريم ۾ مؤمنن جي هڪڙي صفت اها بيان ڪئي ويئي آهي ته هو فيصلو هڪ ٻئي جي مشوري سان ڪندا آهن، مولانا رحمت الله عليه هن تلقين جي مثنويءَ ۾ ڪيترين جاين تي وضاحت ڪئي آهي، فرمائن ٿا ته عقل جيڪڏهن هڪ چراغ آهي ته ان سان اهو لازمي آهي ته ڏهن ويهن يا ان کان زياده چراغن جي روشني هڪ بتيءَ کان ڪجهه زياده هجي. جن ملڪن آئين ساز مجلسون مشوري لاءِ قائم ڪيون ته انهن جو اهو عقيدو هو ته جڏهن مختلف خيال ماڻهو ڪنهن معاملي ۾ ويهي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ته فيصلو صحيح هجڻ جي زياده قريب هوندو. هي ڪنهن قوم جي بي حد بدقسمتي آهي جو ان جي مجلس شوري ۾ گهڻو ڪري خود غرض، شيطانن جا ڀائر ۽ دجال جا گڏهه ئي جمع هجن، پر جيڪڏهن گهڻن ماڻهن سان مشورو ڪيو وڃي ته ان جو قوي امڪان آهي ته گهڻا نه ته ٿورا مشورا ڏيڻ وارا اهل نظر حق ڳالهائيندڙ به هوندا.
تشبيهات رومي
 
Back
Top