• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪارو ڪاري آخر ڪيستائين ؟؟؟؟؟؟؟؟

نادر عباسي

سينيئر رڪن
پيار جي ڇانون ۾ ڪي 2 ساٿي مليا،جون جي سج جيان ڳوت وارا جليا .... مون کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي آ ته اگر 2 انسان پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گڏ گھارڻ ٿا چاهن ته پو انهن کي ڇو نٿو گڏ جيئڻ ڏنو وڃي؟؟ آخر ڪار زندگي ته هن ٻن انسانن کي ئي گھارڻي آهي نه ؟ ته پو ان ضد کي ڇا چئجي ؟ ڪوڙي انا يا ڪوڙي غيرت جيڪا اسان صرف ڪمزور ،لاچار عورتن تي ئي استعمال ڪندا آهيون... آخرڪار غيرتي پٽ جو آهيون.....لعنت آ اهڙن غيرتن تي جيڪي پاڻ ته هر ايندڙ ويندڙ عورت کي ٻلي وانگر پيا ڏسندا، طرح طرح جا گندا جملا بي هڻندا پيا، پر پنهنجي ڀين ، ڌي، جي سچن ،پاڪ جذبن جو قدر نه ڪندي ڪاري آهين چوڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن.....560 اٽيچمينٽ ڏسو
 
ها ادا صحيح پيو چوين ۔۔۔ پر ان ڳالهه کي مختلف زاوين کان ڏسڻ جي ضرورت آهي۔
 
Back
Top