ليمون سونهن وڌائڻ لاءِ به ڪم اچي ٿو

'صحت سرير جي' فورم ۾ اياز احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2012۔

  1. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    ليمون سونهن وڌائڻ لاءِ به ڪم اچي ٿو
    (اياز احمد سومرو)

    قدرت اهڙيون بيشمار غذائون پيدا ڪيون آهن جن سان انسان ڪيترائي فائدا کڻي سگهي ٿو، ليمي جو شمار به اهڙين غذائن ۾ ئي ٿئي ٿو جيڪي قديم زماني کان پنهنجي غذائي ۽ شفائي اثرن جي بدولت تمام گهڻي اهميت جو حامل سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪيلشيم ، وٽامن سي، فاسفورس، حرارا ۽ ٻيون ضروري شيون گهڻي مقدار ۾ موجود هونديون آهن. ليمي جي استعمال سان ڪيترائي فائدا ٿين ٿا.
    پير جون کڙيون ڦاٽڻ: هڪ ليمي جو ڇلڪو پيهي وٺو، ان ۾ هڪ چانهه وارو چمچو گليسرين، هڪ چمچو عرق گلاب ۽ هڪ انچ ڊگهو ڪپڙا ڌوئڻ جو صابڻ جو ٽڪڙو مڪس ڪري ڪريم تيار ڪريو، رات جو سمهڻ کان اڳ پير جي ڦاٽل کڙين تي لڳايو ۽ صبح جو پير ڌوئي وٺو. ڪجهه ڏينهن ۾ ڦاٽل کڙيون صحيح ٿي وينديون.
    وارن جي چمڪ: رُکن وارن ۾ چمڪ پيدا ڪرڻ لاءِ مٿو ڌوئڻ کانپوءِ هڪ مگ پاڻي ۾ هڪ ليمي جو رس ملائي مٿي ۾ وجهڻ کان وارن ۾ چمڪ اچي ويندي آهي.
    نڪ جي ڪارن داڻن جو خاتمو: نڪ تي سٺي ڪولڊ ڪريم سان مساج ڪرڻ کانپوءِ ململ جي ڪپڙي سان ڪريم لاهيو، هاڻ ليمي جي رس واري ڇلڪي کي نڪ تي رڳڙيو ۽ ڪيل مهاسن کي هٿن جي مدد سان دٻائي ڪڍي ڇڏيو.
    پيرن تي ڪارا نشان: پير ڌوئڻ کانپوءِ هڪ ليمي کي ٻن ٽڪرن ۾ ڪٽيو ۽ جَوَ جو اٽو لڳائي پيرن جو مساج ڪريو جو ليمي جو رس پيرن ۾ جذب ٿي وڃي. 5 کان 8 منٽن کانپوءِ پير ڌوئي پيٽروليم جيلي لڳائي ڇڏيو.
    چهري جا نشان: گرمي جي موسم ۾ اُس کان چهري تي نشان پئجي ويندا آهن، ان لاءِ هڪ ليمي جي رس ۾ هڪ چانهه وارو چمچو ماکي ملائي ماسڪ تيار ڪريو ۽ 10 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو ۽ ان کانپوءِ چهرو ڌوئي ڇڏيو، نشان آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳندا.
    سڻڀي چمڙي جي صفائي: سڻڀي چمڙي لاءِ توهان هڪ ليمي جي رس ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو بيسڻ ۽ 2 چانهه وارا چمچا عرق گلاب ملائي ماسڪ تيار ڪري منهن تي هڻو ۽ هڪ 2 منٽن کانپوءِ منهن ڌوئي وٺو.
    ڪنڌ جي صفائي: ڪنڌ اڪثر ڪارو هوندو آهي ان ڪري ان ڪاراڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان هڪ ليمي جو ڇلڪو تقريبن اڌ ڪپ پاڻي ۾ اوٻاري ان کي ٿڌو ڪريو، هاڻ ان پاڻي ۾ 4 کائڻ وارا چمچا بيسڻ يا اوتري ئي مقدار ۾ جَوَ جو اٽو ۽ هڪ چٽڪي هئيڊ ملائي پيسٽ ٺاهيو، ان سان ڪنڌ جو مساج ڪريو ۽ پاڻي سان ڌوئڻ کانپوءِ ڪنهن ڪريم ۾ ڪجهه قطرا عرق گلاب ملائي لڳايو، اهو مساج هر هفتي ڪريو ان سان ڪنڌ جي ڪاراڻ ختم ٿيندي ويندي.
    ننهن جي چمڪ: ليمي جي رس واري ڇلڪي سان جنهن ۾ نمي موجود هجي ننهن جو مساج ڪريو، ننهن صاف ۽ چمڪدار ٿي ويندا.
    ڪارا چپ: هڪ کائڻ جو چمچو کير جي مـَلائي ۾ ليمي جي رس جا ڪجهه قطرا ۽ عرق گلاب جا ڪجهه قطرا ملائي چپن تي مساج ڪريو، خاص طور تي لپ اسٽڪ لاهڻ کانپوءِ اهو مساج ضرور ڪريو، ان سان چپ ڪارا نٿا ٿين.
    ٺونٺ ۽ گوڏو: ٺونٽن ۽ گوڏن جي صفائي لاءِ هڪ کائڻ وارو چمچو سوجي ۾ هڪ عدد ليمي جو عرق ۽ هڪ کائڻ وارو چمچو کير جي مـَلائي مڪس ڪري ڪريم ٺاهيو ۽ ان سان ٺونٺن ۽ گوڏن جو مساج ڪريو، ائين ڪرڻ سان ان ۾ موجود مير آساني سان نڪري ويندي.
    ملائم چمڙي: هڪ چمچو روغن بادام ۽ اڌ ليمي جو رس مڪس ڪري روزانو هٿن ۽ چهري جو مساج ڪريو، ان سان چمڙي نرم ملائم ۽ صاف رهندي.
    چمڙي جي صفائي: مڪئي ۽ جَوَ جو اٽو برابر مقدار ۾ وٺي ان ۾ ليمي جو رس ۽ عرق گلاب شامل ڪريو ۽ اهو روزانو هٿن، پيرن ۽ ڪنڌ تي لڳائي مساج ڪرڻ سان چمڙي صاف ٿي ويندي آهي.
    اکين جي هيٺان ڪارا داغ: ليمي جي ڇلڪن کي پيهي وٺو ۽ انهن ۾ روغن بادام يا پيٽروليم جيلي ملائي اکين جي چوڌاري لڳايو ۽ ڪجهه منٽ مساج ڪرڻ کانپوءِ ململ جي ڪپڙي کي عرق گلاب ۾ پسائي چهرو صاف ڪريو.
    جهريون ختم ڪرڻ: هڪ عدد ليمي جي رس ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو ملتاني مٽي (ميٽ) ۽ هڪ چانهه وارو چمچو کير جي مـَلائي مڪس ڪري ماڪس تيار ڪريو ۽ چهري تي 5 منٽن تائين رهڻ ڏيو، پوءِ چهرو ڌوئي وٺو ۽ ڪا سٺي ڪريم لڳائي ڇڏيو.
    چهري تان سڻڀ ختم ڪرڻ: ميڪ اپ ڪرڻ کان اڳ چهري تي سڻڀ ختم ڪرڻ لاءِ ٿوري بيسڻ ۾ هڪ عدد ليمي جو رس مڪس ڪري ماسڪ تيار ڪريو ۽ ميڪ اپ ڪرڻ کان 15 منٽ اڳ انهيءَ ماسڪ کي پنج منٽن تائين هڻو ۽ پوءِ عرق گلاب لڳائي ميڪ اپ ڪريو. اهڙي طرح ميڪ اپ دير تائين قائم رهندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪارائتو ليک آهي۔

    ليمي جا گهڻا فائدا آهن پر اوهان سونهن وڌائڻ لاء ليمي جي استعمال تي بهترين نسخا ٻڌايا آهن۔
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بهترين ونڊ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو