ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ جو استعمال

'صحت سرير جي' فورم ۾ اياز احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2012۔

  1. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ جو استعمال
    (اياز احمد سومرو)

    اڪثر عورتون چهري تان غير ضروري وار صاف ڪرڻ لاءِ ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ جو سهارو وٺنديون آهن، پر ان سلسلي ۾ سندن اڪثريت صرف هڪ ٻئي کي ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنديون آهن ۽ اهڙي عمل ۾ اهم ڳالهين کي به نظرانداز ڪيو ويندو آهي، ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ جو مقصد چهري تان غير ضروري وار صاف ڪرڻ ته ضرور آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ان ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ هجي ته ڪهڙا وار غير ضروري آهن، اڪثر ننڍي عمر جون ڇوڪريون صرف ٽي وي چينل تي ڏسي ڀرون ٺاهڻ لڳنديون آهن ۽ تجربو نه هجڻ ڪري اهي ڀرون اهڙي انداز سان بگاڙي ڇڏينديون آهن جو چهرو خوبصورت نظر اچڻ بجاءِ بدصورت نظر اچڻ لڳندو آهي، ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن به ميڪ اپ کان پهرين غير ضروري وارن کي صاف نه ڪريو جيڪڏهن هاڻي ٿريڊنگ ڪئي آهي ته فوري طور تي چهري تي ڪنهن به قسم جو ميڪ اپ يا ڪريم لڳائڻ کان پرهيز ڪريو. ٿريڊنگ دوران وارن کي پاڙ کان ڇڪي ڪڍيو ويندو آهي، جنهن سبب انهن جي پويان وارا سوراخ رهجي ويندا آهن جن تي ميڪ اپ جي صورت ۾ انهن ۾ ڪيميڪل ملي ۽ ڪاسميٽڪس سان ڀري چمڙي جي مجموعي خوبصورتي ۽ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ ٿريڊنگ ۽ ٽويزنگ کانپوءِ فورن ميڪ اپ کان پرهيز ڪريو، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته ٿريڊنگ کان فورن پوءِ ٻاهر نڪرڻ کان به پرهيز ڪريو ٻي صورت ۾ سوراخن ۾ آلودگي جمع ٿيڻ جي صورت ۾ چهري تي داغ ، داڻا ٿي سگهن ٿا، اهڙي طرح ٿريڊنگ کانپوءِ چهري جا اهي حصا جن جا وار صاف ڪيا ويا هجن اهي عام طور تي ڳاڙها ٿي ويندا آهن، ۽ عجيب نظر اچڻ لڳندا آهن ان لاءِ ڪنهن به محفل ۾ شرڪت ڪرڻ کان پهرين ٿريڊنگ کان پرهيز ڪريو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون لاء ته هي معلومات بلڪل نئين آهي۔ اوهان جا قرب ج سهڻيون ڳالهيون اسان سڀني سان شيئر ڪندا رهو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو