وزن ڪيئن گهٽ ڪجي؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ اياز احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2012۔

  1. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    وزن ڪيئن گهٽ ڪجي؟
    (اياز احمد سومرو)

    برٽش هارٽ فائونڊيشن مطابق جديد تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته جن ماڻهن جو وزن گهڻو آهي جيڪڏهن انهن ۾ ٿوري ڪمي ڪئي وڃي ته پنهنجي صحت کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، ايتريقدر جو مختلف بيمارين جي دوائن کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا، وزن تي ضابطو آڻي نه صرف جسماني صحت بهتر بڻائي سگهجي ٿي، پر چستي ۽ توانائي به وڌي ٿي ۽ اهڙي طرح طبيعت ۾ اعتماد پيدا ٿيندو آهي ۽ زندگي کي به وڌيڪ لطف اندزو ڪري سگهجي ٿي، هاڻي سوال اهوٿو اڀري ته وزن ڪيئن گهٽ ڪجي؟ ۽ ان جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ جواب اهو آهي ته وزن گهٽائڻ لاءِ سنجيدگي سان ابتدا ڪئي وڃي ۽ غذا ۽ ورزش ٻنهي تي خاص وقت ڪڍي ڌيان ڏنو وڃي ۽ اهو ڪم ڪو خاص ڏکيو نه آهي ڪنهن انسان جي صحت لاءِ جتي غذا جو تعلق آهي ته ماني ، چانور، سايون ڀاڄيون ۽ ميوا گهڻا کائو، کير مان ٺهيل شيون، گوشت مڇي، سڻڀ ۽ کنڊ واريون شيون گهٽ کائو، هفتي جي پنج ڏينهن ۾جيڪڏهن اڌ اڌ ڪلاڪ روز ورزش ڪئي وڃي ته دل جي بيمارين جو به خطرو گهٽ ٿئي ٿو، اهڙي طرح ورزش ڪيو جو جسم ۾ گرمي پيدا ٿي وڃي، پگهر اچڻ شروع ٿئي ۽ ساهه جي رفتار ٿوري تيز ٿي وڃي، پر ايتري به تيز نه جو ڳالهائڻ مشڪل ٿي وڃي، بهتر اهو آهي ته غذا ۽ ورزش ٻئي گڏ شروع ڪيو احتياط سان، کائڻ ۾ سڻڀ گهٽ رکو، کائڻ ۾ جيڪي سڻڀيون شيون آهن جيئن ته گيهه، مکڻ، انهن شين جي جڳهه تي زيتون جو تيل، ڪنولا، تِرن جو تيل ۽ سورج مکي جو تيل استعمال ڪيو وڃي ته بهتر آهي. کير جي ڪريم کان پرهيز ڪريو. کائڻ ۾ جڙي ٻوٽيون استعمال ڪريو، پر کاڌي کي لذيذ ڪرڻ لاءِ ان ۾ لوڻ گهڻو نه وجهو، بس ذائقي مطابق ئي هجي، فروٽ ۽ ڀاڄين تي وڌ کان وڌ زور ڏيو ۽ گوشت گهٽ استعمال ڪريو، پر ٿي سگهي ته هفتي ۾ هڪ دفعو مڇي ضرور کائو، ڪرسپي بسڪيٽ ۽ ڪيڪ وغيره کان پاسو ڪريو، جيڪڏهن کائڻ تي دل چوي ته پوءِ اهڙيون شيون ڳوليو، جيڪي گهٽ سڻڀ ۾ تيار ڪيون ويون هجن، يا ته انهن کي گهر ۾ ئي تيار ڪرائي وٺو ته جيئن توهان کي يقين ٿي وڃي ته اهي سڀ شيون گهٽ سڻڀ رکن ٿيون ۽ هاڻي ٻڌايو ته جيڪي توهان کي ڳالهيون مٿي ٻڌايون ويون آهن انهن تي عمل ڪرڻ ڪٿي ڏکيو ته ناهي...؟؟ ۽ جيڪڏهن ڏکيو آهي ته ان ۾ گهٻرائڻ جي ڳالهه نه آهي. پنهنجي صحت کي ٺيڪ رکڻ لاءِ ۽ جسم کي صحيح مقدار ۾ رکڻ لاءِ ٿورو برداشت ته ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن صحت بخش غذا ۽ ورزش کي پنهنجو معمول بڻايو ته ماهرن جو اهو خيال آهي ته توهان پنهنجو وزن گهٽائي پنهنجي صحت کي قائم رکي سگهو ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار واهه واهه ۔۔۔۔۔ ان ئي مرض ته منجهايو آهي، هاڻي وزن وڃي پيو وڌندو

    ورزش ٿئي ڪانه، ماڻي ۽ خوراڪ ۾ ڪمي ٿئي ڪانه ۔۔۔۔۔۔ ڪو ٻيو سولو حل ٻڌايو ادا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ساڳي ڪار اسان سان به آهي اهڙا نسخه اسان کان ٿيندا ڪون باقي ٻيو ڪو سولو طريقو هجي ته عنايت ڪندا ، لک ٿورا قيمتي ونڊ جا
     
  4. ساجد جمالي

    ساجد جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    يار واهه واهه ۔۔۔۔۔ ان ئي مرض ته منجهايو آهي، هاڻي وزن وڃي پيو وڌندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو