خريداري جي سوچن ۾ گذاريندين ته خوش هونديايئن بس عيد هيلو ڪي گسائيندين ته خوش هوندين نه لالچ سَيُن جي رکجاءِ نه مرغي جي پرين پيارا پٽاٽن ۾ پلاءُ ملندئي جي کائيندي ته خوش هوندين آھي موسم پلي جي اڄ ڳنر ۽ ساڳ جي سهڻااڇي ماني اڇا چانور کائيندين ته خوش هوندين دڪانن تي چڙهي بيگم ڪري جو ساڻ ٿو ساٿيائين منصور جان کلڙي کلائيندي ته خوش هوندين پائي ڪاٽن پرين ڪپڙا گھمي ٿو ٻانهن لوڏي ڏسنه ٿس طاقت وٺڻ جي اگھ پڇائيندي ته خوش هوندين خوشيون سڀ عيد جون کائي مهانگائي وئي آھياچي جي عيد مونسان تون گڏ گذاريندين ته خوش هوندين اڇي ڏاڙهي اڇو پٽڪو مگر دل پوءِ به جوان آھيگڏي گوڏو ويهي مونڏي نهاريندين ته خوش هوندين سڄو بس سال منٿون مون ڪيون ته پنهنجي ڀورل کي اچي جي عيد تون مونسان گذاريندين ته خوش هوندين بهاني عيد جي گھر ۾ سڀاڻي قافلا ايندا نهاري يار پايا تون رڌائيندين ته جوش هوندين پروڪي عيد جون ڳالهيون ڪبيون هن عيد ۾ “اڪرم”چنڱايون چاشنيون پَرُ جون ڀلائيندين ته خوش هوندين.