ڊائري جو ورق
چڱا ڪن چڱايون
نثار ابڙو
______
پاڙي وارن جي نئين تازي چوني سان ليپيل ڀت تي شاه ڀٽائيءَ جي روضي مبارڪ جي تصوير ڪوئلي سان ٺاهي رهيو هوس ...
پويان آواز آيو ... “اڙي بابا ! ڇا پيو ٺاهين؟”
ڇرڪي پويان نهاريم ... سائيڪل تي ويٺل اڻڄاتل شخص تي نظر پئي ...
“ شاه ڀٽائيءَ جي روضي جي تصوير پيو ٺاهيان”
“پڙهندو آهين؟ “
“ نه”
“ ڇو ؟ “
“ داخلا نٿي ملي ... ڪجھه مهينا بيمار هيس ... چون ٿا اڳلي سال اچجو ... داخلائون بند آهن ! “
“ ڇا پاس ڪيو اٿي؟ “
“ پنجون درجو “
“چڱو سڀاڻي گورنمنٽ پائلٽ اسڪول اچجانءِ ... پنهنجي والد سان “
“بابا ته ڪونهي “
“ ٻي ڪنهن وڏي کي وٺي اچجانءِ “
“ جي ماما کي چوندس “
“ منهنجو نالو مصري خان ڊرائينگ ماستر آهي ... مونسان اچي ملجو “
“ ٺيڪ آهي سائين “
هو هليو ويو،
ٻي ڏينهن داخلا ملي وئي
مون اڄ سنڌي ادب ۾ ماسٽر پاس ڪئي آهي ... ٿورا ناهن ٿورا سائين مصري خان ڊرائينگ ماسٽر جا ...