تاجل بيوس سنڌڙي منهنجي سانئڻ! توسان ناتو شال نڀايان : تاجل بيوس

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
تاجل بيوس
سنڌڙي منهنجي سانئڻ!
توسان ناتو شال نڀايان.
ناتو شال نڀايان،
الا جهوليءَ چنڊ جهلايان.
ساهه به تو ۾، شاهه به تو ۾،
تو ۾ سڀ ڪجهه پايان.
تنهنجي مٽِيءَ منجهه ملان جي،
ڀاڳ ڀليرا ڀانيان.
ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا،
سنڌوءَ کي سُور سُڻايان.
مٺڙي تنهنجو کير پياريل،
مرڪي شال ملهايان.
دار ڏسان ديوانو بڻجي،
”اناالحق“ الايان.
مون ۾ تون موجود ازل کان،
”بيوس“ ڪيئن سڏايان.
isKwUxfduwXpQ.jpg
 
هن بيت کي پڙهندي ائين ڀانيم ڄڻ جيجل جي لولي ۾ جُهولِي رهيو هجان، ڇا ته لفظن جو سرور ۽ وري منهنجي سنڌ جي ڳالهه ، بس ڄڻ امڙ جي جهولي ۾ لولي لڳي۔
تنهنجي مٽِيءَ منجهه ملان جي،
ڀاڳ ڀليرا ڀانيان.
 
Back
Top