هو ئي هو، حق هوئي هو ... شمشير الحيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
190054_10151085728843948_1955430622_n.jpg

شمشير الحيدري
حمد
هُو ئي هوُ، حق، هُوئي هو!
ازل حقيقت، ابد حقيقت، حال حقيقت –هُو ئي هُو،
وحدت اندر ڪثرت وارو خيال حقيقت _هُو ئي هُو،

وڻن ولين ۾، گلن ڦلن ۾، ڪک پن اندر هُو ئي هُو،
مٽيءَ پاڻيءَ، سورج چنڊ ستارن اندر هُو ئي هُو:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُو ئي هُو.

ماڻهن پکين حيوانن جي ساهن اندر هُوئي هُو،
ڪاري ڳوري، شاهه گدا، جي روپن اندر هُو ئي هو:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو.

مسجد مندر گرجا اندر هُو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو،
محلن جهُوپن منجهه سراسر هو ئي وسي ٿو، هُو ئي هوُ:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو​
 
آخري ترميم:
ماڻهن پکين حيوانن جي ساهن اندر هُوئي هُو،
ڪاري ڳوري، شاهه گدا، جي روپن اندر هُو ئي هو:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو.

بيشڪ هر هنڌ، هر نظر ۾ هو ئي هو آهي ۔۔۔۔۔ رب پاڪ جي ثنا ۽ حمد وڻيو ۔۔۔
 
مسجد مندر گرجا اندر هُو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو،​
محلن جهُوپن منجهه سراسر هو ئي وسي ٿو، هُو ئي هوُ:​
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو۔​

سائين شمشيرالحيدري جي بهترين شاعري ، نثار سائين واه واه​
 
Back
Top