مولانا رح فرمائن ٿا ته انسان جون خود غرضيون ۽ غير ضروري خواهشون ڪيئن هن جي روح جي ارد گرد لپيٽبيون ٿيون وڃن ۽ ڪيئن ان جي مٿان هڪ اهڙو غلاف چاڙهي ٿيون ڇڏن، جيڪو هن جي روح لاءِ موت جو سبب ٿو بنجي. ان جو بهترين مثال ريشم جي ڪيڙي جو آهي. جيڪو پنهنجي وات مان پنهنجي ٿڪ جي تار ڪڍندو پنهنجي ئي مٿان ويڙهندو ٿو وڃي. هن جي اهائي ٿڪ هڪ ريشمي غلاف آهي جنهن کي ڪويا چئبو آهي. آخرڪار اهو ڪيڙو انهيءَ کي غلاف ۾ ٻوساٽجي مري ويندي آهي. اهائي حالت انسان جي آهي ته عيش عشرت ۽ شهوتن جي ريشمي غلافن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڪوڙيندو ٿو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار روح مرده ٿي ٿو وڃي. هن تشبيهه ۾ خوبي اها آهي ته ان سان عمل ۽ انهن جا نتيجا ۽ انهن جي ڪيفيت واضح ٿي وڃي ٿي. بدعملن جي سزا انسان تي ٻاهران ڪٿان ڪانه ٿي اچي. بلڪ اهڙا عمل خود روح جو گهيرو ڪندا. ان لاءِ جهنم بنجي ٿا وڃن. نيڪ عمل پاڻ ئي پنهنجي جزا ۽ بد عمل پاڻ ئي پنهنجي سزا بنجي ٿا وڃن. (شيخ سعدي رح)
بهترين فهم جنهن سان اصلي منزل جي پروڙ پئجي سگهي ٿئي۔ ادا عرس پريو توهانجي پنهنجي انداز۾ ”توهان جا لک لائق“