• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسين حال هيڻان اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي : شمشير الحيدري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
شمشير الحيدري


اسين حال هيڻان
اوهان جي خدائي
وڏي ڳالهه آهي
هلي پئي اڃان
زندگيء جي لڙائي
وڏي ڳالهه آهي
انڌيرن ۾ پلجي
پئي روشنائي
اڃان وقت کي پيئي
ڳولهي سچائي
وڏي ڳالهه آهي
اوهين حسن تي
پنهنجي نظرن جا پهرا
اڃان تيز ڪريو
ڪريون پيا اسين
عشق جي رهنمائي
وڏي ڳالهه آهي
زماني جا منصور آهيون
اسين خوب مشهور آهيون​
اسان سورين تي​
نظر بند جهڪائي​
وڏي ڳالهه آهي​
نگاهون کڻي داد جي لاء​
مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت​
اوهين آهيو سهڻا​
اوهان جي اهائي​
وڏي ڳالهه آهي​

 
اوهين حسن تي
پنهنجي نظرن جا پهرا
اڃان تيز ڪريو
ڪريون پيا اسين
عشق جي رهنمائي
وڏي ڳالهه آهي
ڇا ته لفظ آهن، ڇا ته تخيل آهي ۔۔۔ سلام اي سنڌ جا سهڻا شاعر!!!!
 
واه واه وڏي ڳالهه آهي وڏي ڳالهه آهي،
تمام خوبصورت الفاظ عابده پروين جي آواز به موهي وڌي

لاجواب ونڊ
 
Back
Top