سنڌ جي غلامي جو ڪارو ڏينهن....!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2012۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    پاڪستان هڪ اهڙي رياست آھي جڏهن کان وجود ۾ آيو آھي ته هر مظلوم سامراج هٿان ظلم جو شڪار بڻيو آھي، 1947 کان وٺي هن وقت تائين جيڪڏهن تاريخن جا ورڪ اٿلائيندا ته اوهان کي مظلوم ماڻهون ظلم جي انتها هيٺ نظر ايندا،
    جيڪو ملڪ ٺھيو ئي ٺڳي جي بنياد تي هجي ته ڀلا ان ملڪ مان انصاف جي اميد ڪيئن ٿي رکي سگھجي.؟
    هن ملڪ جي جهڙي رياست ٺڳي واري آھي تهڙا ئي حڪمران به سندس ٺڳ آهن، ڪڏهن به ڪنهن به حڪمران خاص طور سنڌ کي ڪو سُک يا ترقي نه ڏني آھي
    سنڌ جهڙي سونهاري ڌرتي جيڪا پنهنجي قدرتي معدني وسيلن سان مالا مال آھي ته اتي وري مظلوم به سنڌ ئي آھي، اڄ جي دور ۾ جيتري ترقي سنڌ ۾ هئڻ گھرجي يا هن رياست کي ڏيڻ گھرجي بجاء ان جي سنڌ جا نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي ڏينهون ڏينهن خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوَن هر آئي ڏينهن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيو ڇڏي يا وري پنهنجي زندگي جو انت آڻيو ڇڏي.
    ڀلا آخر اسان خاموش ڪيستائين ويهنداسين ڪيستائين هن رياست جا ظلم سهندا رهنداسين، اسان ۾ ايتري برداشت ڪيئن ۽ ڪٿان ٿي اچي جو هر ڏينهن اسان هڪ نئون زخم سهيو پنهنجي نماڻي دل کي ايضايو ڇڏيون
    چون ٿا سنڌي سٻاجھڙا آهن، پر اسان جي ٻاجھ هر ماڻهون جي لهجي مطابق ان طريقي سان هئڻ گھرجي اسين جيترا مظلوم آھيون اوترا ئي محبتي پڻ آھيون، تڏي تي آيل دشمن کي به مهمان بڻائي دل ۾ گھر جيتري جاء ڏيو ڇڏيون
    ها! اسان جي محبت هئڻ گھرجي پر انهن ظالمن سان نه جيڪي سنڌ جا هوندي به سنڌين کي سُک نه ڏئي سگھن
    ڏٺو وڃي ته هر شروع ٿيندڙ سال ۾ هن ملڪ جا حڪمران هر نئون واعدو ڪندا آهن، ته اوهان کي نوڪريون به ڏينداسين، اوهان کي گھر به ڏينداسين، پر جڏهن مقصد پورو ٿئي ته سڀ ڪجھ وسريو وڃي واعدا به ياد نٿا رهن.
    اسان جي مظلوميت اسان جي خاموشي ئي اسان تي ظلم ۽ جبر جو هڪ وڏو پارٽ آھي. جيڪڏهن اسان پنهنجا چَپ کوليون ۽ هن ظالم ملڪ جي ظالم حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايون ته اسان جي بهادري دليري کي ڪير به نٿو ٺڪرائي سگھي ڇاڪاڻ ته سنڌين جي بهادري ڏاهپ ملڪين مشهور آھي.
    اڄ پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن يعني سنڌ جي غلامي جو ڏينهن آھي، اڄوڪي ڏينهن تي هي رياست سنڌ جي نالي تي آزاد ٿي هئي ۽ پوء ٺڳي ڪري هن ملڪ کي پنجابين حوالي ڪيو ويو ساڳي سنڌ ساڳي ئي مظلوم رهي،
    جنهن ملڪ جا مارو خوشحال نه هجن ڀلا اهو ديس ڪيئن آزاد چئجي سگھي ٿو...؟؟
    اڄ جي ڏينهن هر غيرتمند سنڌي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو هن رياست کي پنهنجو ملڪ تسليم نه ڪندي هن مان بيزاري جو اعلان ڪري. پنهنجي گھرن تي ڪارا جھنڊا چاڙھي، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هن رياست مان بيزاري جو اعلان ڪري ـ
    عرفان عالماڻي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. هوشو هيمون

    هوشو هيمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2012
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    چمڙا پوش
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ديشي صاحب ، مان تواريخ جو شاگرد نه آهيان مونکي ڪا خاص ڄاڻ به ڪونهي ، ٻڌو اٿم تي سنڌ اسيمبلي ئي پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي هئي !! ۽ پاس ڪرائڻ ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سيد غلام مرتضى هو جنهن پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڏينهن رات هڪ ڪري پاڪستان ٺهڻ ۾ مدد ڪئي !! جي ايئن آهي ته ؟؟؟؟؟؟ پوءِ روئڻ ڪهڙو ؟؟ خبر ناهي ته سيد غلام مرتضى ڪٿي آهي ؟ ان کان هلي پُڇجي ته سيد بادشاه پنهنجي وَڍي جو ڪو علاج ، ڪو دارون درمل ؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا عرفان ديشي،
    آئون توهان جي ڪجھ ڳالهين تي متفق نه آهيان۔ ادا ناراض نه ٿيجو هي فارم محبت ۽ پيار فهلائڻ جو فارم آهي ته پوئي هتي نفرتون فهلائڻ مان ڇا فائدو۔
    پاڪستان هرگز هرگز ٺڳي ته نه ٺهيو آهي ان ڳالھ تي سائين جي ايم سيد پاڻ راضي هو ۽ پنهنجون خدمتون پڻ سرانجام ڏنائين۔
    زمين جو ڪوبه حصو خراب نه آهي ان کي خراب اسين انسان ڪندا آهيون۔ پاڪستان ملڪ هڪ نيڪ مقصد سان ٺهيو هيو ته مسلمانن جي رياست الگ هجي پر ملڪ ٺهڻ کان پوئي هتي جي ماڻهن جي نيت ۾ کوٽ اچي وئي ان ڪري اسان جي ملڪ جي هن وقت اها حالت آهي۔ شايد اسان جي تقدير ۾ اهو لکيل هو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستان الحمدلله 27 رمضان جي ڏينهن مطابق 14 آگسٽ 1947 تي آزاد ملڪ حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو،
    اسان کي خوشي آهي ته اسين هڪ مسلمان ملڪ ۾ ساھ کڻو ٿا اسان کي مڪمل آزادي آهي ، ملڪ اسان لا ڪنهن سرمائي کان گهٽ ڪونهي ، آزادي جي قدر وارن کي ان جي اهميت جي ڀلي ريت ڄاڻ هوندي ، باقي تنگ نظري سان ڏسڻ وارا هميشه پاڪستان تي ڪيڙا ڪڍندا رهيا ۽ کڏندا رهندا ، ۽ انهن جي انهن حرڪتن سان پاڪستان جو ڪو به ڏوھ نه آهي ، پاڪستان ما مثال آهي ته ان جي عوام ۽ حڪمران اولاد مثل آهن ، جيڪر اولاد نااهل ۽ خراب آهن ته ان ۾ ما جو ڪوبه ڏوھ نه هوندو آهي ، ما ڪڏهن به نه چاهيندي ته ان جا پٽ ان جي بدنامي جي ڪارڻ بڻجڻ ، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته نافرمان اولاد ڪري ڪي ماڻهو پنهنجي ما کي گهٽ وڍ ڳالھائن ٿا ، اڄ ڪلھ وري ميسيجن ذريعي پڻ اها ناپاڪ جسارت ڪئي پئي وڃي ، الله سڀني کي درست سوچ ۽ حب الوطني سان سرشار ڪري ، آمين !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سوال : پاڪستان ٺاھڻ ۾ اوھان جو وڏو ھٿ ھو، پوءِ ڪھڙا سبب آھن جو ھاڻي اوھان پاڪستان جي مخالف ٿي بيٺا آھيو؟

    سائين جي ايم سيد : پاڪستان ٺاھڻ لاءِ جيڪي سبب ھئا تن جو پسمنظر معلوم ڪرڻ ضروري آھي.
    ھڪ ته سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ بعد ھندن جي مستقل مفاد (واپاري، ڪاموري ۽ ڪارخانيدار) اسان کي اسميبليءَ ۾ سنڌي عوام جي فائدي ۽ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وڌي.

    ٻيو ته سنڌ مان چونڊجي آيل مسلمان ميمبرن جي گھڻائي ، ذاتي اقتدار (ڪرسي) ۽ مفادن خاطر پاڻ ۾ لڙندي رھي. جنھنڪري ڪو خاطر خواھ ڪم ٿي نه سگھيو. ان کان تنگ ٿي، وزارتن کي بدلائيندا رھياسون، پر ان مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، نيٺ مجبور ٿي ، اسان غلطيءَ سبب انھن سڀني ڳالھين لاءِ صرف ھندو مستقل مفاد (واپاريءَ، ڪاموري ۽ ڪارخانيدار) کي جوابدار سمجھي ، مسلم عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ھندن خلاف برڇا ٿيل جماعت “ مسلم ليگ ” ۾ شريڪ ٿي. “پاڪستان” قائم ڪرڻ کي سڀني مشڪلاتن جو حل سمجھيو . ان لاءِ چئن غلط نظرين جو شڪار ٿي وياسون.

    (1)مسلمان مذھب ۽ عقيدن جي بنياد تي ھندن کان جدا قوم آھن، ان ڪري مسلمانن جي حڪومت ٺھڻ بعد سڀ اقتصاديءَ ۽ سماجي خرابيون دور ٿي وينديون.

    (2)پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌي جدا ملڪ ۽ قوم جي حيثيت ۾ پنھنجي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ ڪُشش ڪري سگھندا.

    (3)اسلامي نظام حڪومت جملي خرابين جو حل ٿي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته گھٽ علم ۽ تجربي ھئڻ ڪري مون کي اِھو وھم ويٺل ھو ته اسلام مڪمل “ زندگيءَ جو قانون” پيش ڪري ٿو.

    (4)قومون مذھب جي بيناد تي ٺھن ٿيون. ان ڪري ھندو ۽ مسلمان ٻه جدا قومون آھن.”

    اڳتي ھلي تجربي ۽ علم حاصل ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته اھي چارئي نظريا خوشفھميءَ ۽ غلط بنيادن تي ٻڌل ھئا ۽ جيڪي دنيا جي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي غلط ثابت ٿي چڪا ھئا.

    مسلمانن جو جدا قوم وارو تخيل غلط ھو. جيڪڏھن مسلمان جدا قوم ھجن ھا ته سڄيءَ دنيا جا مسلمان ھڪ قوم جي حيثيت ۾ ھڪ ئي ملڪ ۾ گڏ رھن ھا. پر ائين نه ھو. مسلمانن ۾ 350 مذھبي فرقا پيدا ٿي ويا ھئا. جن مان ھڪڙن پاڻ کي بھشتي ۽ سچا ٿي سمجھيو ۽ ٻين کي دوزخي ۽ غلط ٿي سڏيائون. سندن نظام ھڪ ڪو نه ھو. ھر ھڪ مسلمان ملڪ ۾ مسلمان جدا جدا ٻولين، قومن ۽ حڪومتن ۾ ورھايل ھئا. مثال طور:ـ مصري ، ايراني ، افغاني، يمني، انڊونيشيائي، تڪر ۽ سنڌي وغيره

    جڏھن پاڪستان جو ٺھراءُ 1940ع ۾ لاھور ۾ مسلم ليگ اجلاس پيش ڪيو ويو ھو ته ان ۾ ڄاڻايل ھو ته :“ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ رياستون آزاد ۽ خودمختيار رھنديون.” پر اڳتي ھلي ان ٺھراءُ جي ڀڃڪڙي ڪري انھن کي ھڪ ملڪ جي حيثيت ۾ پنجاب ۽ مھاجر جي مستقل مفاد جي لاءِ ڪم آندو ويو. مون جڏھن 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان بابت ٺھراءُ پاس ڪرايو، ته به انھيءَ نقطه نگاھه کان ته سنڌ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ رھندي. پر ائين نه ٿيو ۽ سنڌ کي مھاجر ۽ پنجابي پنھنجي استحصال لاءِ ڪم آڻڻ لڳا. ان وقت گھٽ علم ۽ تجربي جي ڪري آءُ پڻ انھيءَ راءِ جو ھئس ته اسلام انساني زندگيءَ لاءِ مڪمل قانون پيش ڪري ٿو ۽ ان ڪري ماڻھن جا جملي مسئلا ۽ مشڪلاتون حل ٿي سگھنديون پر اڳتي ھلي معلوم ٿيو ته اسلام جي مُلا واري تعبير غلط ھئي. اسلام جي تشريعت زماني بدلجڻ ڪري گھڻي قدر منسوخ ٿي چڪي ھئي. اسلام جي اھڙي ڪابه تعبير ڪانه ٿي پيش ڪئي وئي جنھن مطابق اھو جملي خرابين جو حل ٿي سگھيو ٿي. مذھب جي بنياد تي قومن ٺھڻ وارو نظريو به غلط ثابت ٿي چڪو ھو. مذھبت بين الااقوامي نظريا ھئا ۽ قومون محدود علائقن ۾ مختلف ماڻھن ۽ قومن (نسلن) جي گھڻي وقت گڏجي رھڻ ڪري ھڪ ملڪ ، زبان، تاريخي روايتن، ڪلچر ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي ٺھيون ٿي . مذھب ، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي قائم ٿيل قومن جو نظريو زماني جي ڪسوٽيءَ تي رد ٿي چڪو ھو. ھن وقت دنيا ۾ “اقوام متحده” جي جن اصولن تي قومون تسليم ڪيون وڃن ٿيون. تن ۾ ملڪ، زبان، ڪلچر ، تاريخي روايتون، سياسي ۽ اقتصادي مفاد شامل آھن. ھاڻ پاڪستان ٺھڻ بعد تجربي مان معلوم ٿيو آھي ته اسان سنڌي ، مھاجر ــ پنجابي سامراج جي ڪالوني بنجي چڪا آھيون!ـ

    رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سوال: توھان گانڌيءَ جي عدم تشدد واري فلسفي ۾ ايمان رکو ٿا. پوءِ منزل گاھه مسجد جي تحريڪ ۾ ڪيئن حصو ورتو؟
    جواب: سائين جي ايم سيد
    اسان جدوجھد جو آغاز بنا تشدد واري ھلچل سان ڪيو ۽ جڏھن اسان کي جيلن ۾ واڙيو ويو ته بعد ۾ عام ماڻھن تشدد واري رھه
    ورتي. ساڳي طرح (Quit India Movement) وقت گانڌيءَ جيءَ سان به ساڳيءَ صورتحال ھئي.ھو عدم تشدد جو امي ھو پر عوام ان وقت وس کان نڪري ويو، جڏھن اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. الله بخش مون کي ۽ منزل گاھه جي ٻين اڳواڻن کي جيل اماڻي ڇڏيو. نتيجي ۾ ڪاوڙيل ماڻھن دڪان ساڙيا ۽ ھندن کي ماريو جڏھن ته ھندن واري موٽ ۾ مسلمانن کي ماريو.
    موجوده پاڪستان جي آئين موجب سنڌ کي نه جدا آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت حاصل آهي ۽ نه ان جوجدا قومي وجود برقرار آهي. موجوده آئين ۾ اسان هڪ وڏيءَ پنجابي قوم جي قبضي هيٺ اقليت طور غلام رکيا ويا آهيون. سنڌ جا مفاد ۽ پنجاب جا مفاد ساڳيا ناهن، پر متضاد آهن. جا ڳالهه هنن لاءِ فائدي واري آهي، سا اسان جي نقصان جو ڪارڻ بنبي ۽ جيڪا اسان لاءِ فائدي واري آهي، سا هنن کي نقصان رسائيندي. هن آئين مطابق چونڊن ۾ حصو وٺڻ پنهنجي اقليت ( ٿورائي ) کي تسليم ڪرڻ، قومي وجود جي انڪار کي قبول ڪرڻ ۽ سنڌين جي جدا ملڪي حيثيت تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي. اسان جي مسئلي جو حل چونڊن وسيلي نه پر آزاديءَ جي جدوجهد وسيلي حاصل ٿي سگھندو. تنهن ڪري چونڊن لاءِ سوچڻ به پاڻ کي گمراهه ڪرڻ ۽ پاڻ کي غلط مفروضن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو. انڪري جيئي سنڌ جو ڪو به ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺندو!ـ
    رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد

     
  7. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    پيغمبرِ سنڌ، سائين جي ايم سيد

    پاڪستان غلط بنيادن تي برپا ٿيل ھو ان جي درست ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه آھي، ان جو علاج صرف ان کي ختم ڪري سنڌ کي آزاد ڪرڻ ۾ مضمر آھي، ھن جو مثال مسجد ضرار جھڙو آھي جنھن کي رسول اڪرم ڊاھرائڻ مفيد ڄاتو ھو .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجا ابا ڏاڏا سنڌي هيا، آ سنڌي آهيان ۽ منهنجي اولاد سنڌيت تي فخر ڪري ٿي ۔۔۔ منهنجي ابن ڏاڏن جو ملڪ سنڌ هيو، منهنجو ملڪ سنڌ آهي ۽ منهنجي اولاد انشاء الله سنڌ ۾ ئي دفن ٿيندي ۔۔۔

    اسين مسلمان پاڪستان کان اڳ آهيون، اسين اڳ به مسجدون ٺاهي نماز پڙهندا هياسون، اڄ به اسانجون مسجدون اسان وٽ محفوظ آهن ۽ انشاء الله آئينده به اسانجون مسجدون آباد هونديون ۔۔۔

    پاڪستان جي سبب نه ته اسين مسلمان ٿيا آهيون ۽ ئي نه پاڪستان اسانجي ابن ڏاڏن کي مسلمان ڪيو هو ۔۔۔

    لعنتي آهن اهي ماڻهون جيڪي پاڪستان کي دين سمجهن ٿا ۔۔۔ پاڪستان هڪ معاهدي جو ملڪ آهي ۽ معاهدا ٽٽندا رهندا آهن۔

    پاڪستان هڪ غلطي آهي پو چاهي اها غلام مرتضي ڪئي يا غلام رسول ڪئي ۔۔۔ اسان ان غلطي کي قبول نٿا ڪريون ۽ جيڪي ملان پاڪستان کي دين سمجهن ٿا انهن جي آخرت انشاء الله هڪ ڏينهن خراب ٿيندي جيئن ڪيترن ئي نالائق بنگالين جي خراب ٿي آهي ۔۔۔ جن اسلام جي نالي ۾ لکين بنگالي مارائي ناڙ ڪيا هيا ۔۔۔

    پاڪستان اسانجي دين جو حصو هر گز به ناهي ۔۔۔ ۽ جيڪي ماڻهون پاڪستان کي دين جو حصو سمجهنٿا ۔۔۔ رب العالمين انهن کي جهنم جي باهه ۾ ساڙيندو، ڇاڪاڻ ظالم ۽ شيطان جا ساٿي جهنم ڀيڙا ڪيا ويندا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    تعجب! ھن مُلڪ ۾ سُک جو ساھ کڻڻ به مشڪل آھي پوءِ به دوست چون ٿا جيئي پاڪستان انھن دوستن کان ھڪ سوال اول پاڪستان ھُيو يا سنڌ؟ اسان اول پاڪستاني ھئاسين يا سنڌي اسان جي قوم پاڪستاني آھي يا سنڌي؟ مڃيندا به ته اسان سنڌي آھيون پر اسان جي ڌرتي ڌوڙ پاڪستان ئي آھي افسوس! جڏھن ته مٿي ڪجھ دوستن سائين جي ايم سيد کي قصور وار چيو آھي، ان ماڻھون کي قصور وار ٿا چون جيڪو اسان جي ڌرتيء جو سچو سپوت ھُيو، جنھن سنڌ خاطر جيل ۽ تڪليفون ڪاٽيون، سائين پنھنجن ڪتابن ۾ ھر ڳالھ واضع ڪئي آھي سندن دوستن جي ڪجھ سوالن جا جواب عرفان ھن موضوع ۾ مٿي ڏنا آھن، وڌيڪ ڪجھ لکندس ته دوست ناراض ٿي ويندا، اسان جو مقصد سنڌيت آ نه ڪي نفرت۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو