مانوارو سڄڻو اميد اٿم ته سڀ جو سڀ سُکيا هوندا پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن سميت ،الله جل شانه ڪنهن کي به ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري آمين ثم آمين ۔ جڏهن 1971 ع ۾ پي وي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پنجين درجي جي امتحان جو نتيجي واري ڏينهن تي سائين مرحوم احمد بخش ميمڻ ( الله سائين جنت الفردوس ۾ غريق رحمت ڪرين ) پنهنجي ڪلاس شاگردن کي ڪٺي ڪري خوشي خوشي مان (سو فيصد ڪامياب نتيجو ) ڪئي کَٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون ۔ انهن مان هڪ ڳاله اڄ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ونڊ ڪري رهيو آهيان جي اوهان سڄڻن کي هي ونڊ پسند اچي ته گذارش آهي منهنجي مانواري استاد مرحوم لاءِ هڪ عدد سوره فاتحه پڙهندا ۔ پيارا ٻارڙو اڄ جڏهن اوهان ڪامياب ٿي ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مونکي ڇڏي ويندو ته مونکي ڏک ضرور رسندو پر منهنجو اهو ڏک خُوشين ۾ اوهان تبديل ڪري سگهوٿا جڏهن اوهان اڳتي وڃي دل و جان سان محنت ڪري اوهان وڌيڪ سٺي تعليم حاصل ڪري ڪنهن بهترين منزل تي پهچندو ، منهنجون دعائون هميشه هميشه اوهان سان ساڻ هونديون ، ها !! پر ياد رکو جڏهن اوهان ڪنهن مرتبي تي پهچو ٿا ته اسانجون ( پيءُ ماءُ ۽ استاد) دعائون اوهان جي چوڌاري حفاظتي پردو ، ڀت هوندي آهي جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت ٽوڙي نه ٿي سگهي !! پرغريب ۽ مظلوم جي آه انهي ديوار ۾ ٽنگڙا ضرور ڪندي آهي ، جڏهن ٽنگڙا گهڻا ٿيندا ته اها ديوار ،اهو پردو نيٺ ڦاٽڻ ۽ ڊهڻ شروع ڪندو اُتي اسانجون دعائون بي بس ٿينديون آهن ، مان اوهان سڀني کي هدايت ڪريان ٿو ته غريب ۽ مظلوم جي آه کان هميشه بچندا رهجو ۔
رضوان جمالي صاحب سلام واقعي اهي دعائون اسان لاء سڀ ڪجهه آهن ۽ اسان لاء حفاظت آهن۔ دعا آهي ته رب پاڪ اهڙن ڪمن کان بچائي جنهن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪنهن غريب جي دل ڏکي يا هن کي ڪا تڪليف پهچي۔