پاڪستان الحمدلله 27 رمضان جي ڏينهن مطابق 14 آگسٽ 1947 تي آزاد ملڪ حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو، اسان کي خوشي آهي ته اسين هڪ مسلمان ملڪ ۾ ساھ کڻو ٿا اسان کي مڪمل آزادي آهي ، ملڪ اسان لا ڪنهن سرمائي کان گهٽ ڪونهي ، آزادي جي قدر وارن کي ان جي اهميت جي ڀلي ريت ڄاڻ هوندي ، باقي تنگ نظري سان ڏسڻ وارا هميشه پاڪستان تي ڪيڙا ڪڍندا رهيا ۽ کڏندا رهندا ، ۽ انهن جي انهن حرڪتن سان پاڪستان جو ڪو به ڏوھ نه آهي ، پاڪستان ما مثال آهي ته ان جي عوام ۽ حڪمران اولاد مثل آهن ، جيڪر اولاد نااهل ۽ خراب آهن ته ان ۾ ما جو ڪوبه ڏوھ نه هوندو آهي ، ما ڪڏهن به نه چاهيندي ته ان جا پٽ ان جي بدنامي جي ڪارڻ بڻجڻ ، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته نافرمان اولاد ڪري ڪي ماڻهو پنهنجي ما کي گهٽ وڍ ڳالھائن ٿا ، اڄ ڪلھ وري ميسيجن ذريعي پڻ اها ناپاڪ جسارت ڪئي پئي وڃي ، الله سڀني کي درست سوچ ۽ حب الوطني سان سرشار ڪري ، آمين !