576 اٽيچمينٽ ڏسو پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب پهاڪن جي پيڙهه دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڀيرومل مهر چند جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي ۽ سنڌ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي۔ سندس مهربانيون۔ ڪتاب مان چونڊ : هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
واهه واهه ٿي وئي، اصل وڏڙن کان اهڙا پهاڪا انهنجي ڳالهين منجهه ٻڌندا رهندا هئا سين، هڪ هڪ ڪري اسان جا وڏڙا به ڌڻي در وڃي رسيا هاڻ ڪو شش ڪبي ته اهي پهاڪا پنهنجي ٻولي ۾ شامل ڪري عام استعمال ڪبا ته جئين اسان جا ايندڙ ٻارڙا اهو ڪجهه سکي وٺن، جئين اسان پنهنجن وڏن کان ڪجهه سکيو۔ انهن پهاڪن جي آڌار تي۔
”اڱر ﻛﻮﺳﺎ ﺗﻪ ﻫﭣ ﺳﺎڙﻳﻦ، ﺟﻲ ﭤﮅا ﺗﻪ ﻫﭣ ﻛﺎرا ﻛﻦ.“ﻫﻲُء ﭘﮭﺎﻛﻮ ﺣﺎﻟﺖ ڏﺳﻲ ﭼﻴﻮ اﭤﻦ. ﭨﺎﻧﮉو ﻫﭣ ۾ ﮐﮣﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﭣ ﺳﮍﻧﺪو ۽ ﺟﻲ ﭨﺎﻧﺪو وﺳﺎﺋﻲ ﭤﮅو اﮜﺮ ﻛﺮي ﮐﮣﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﭣﮐﻲ ﻛﺎرﻧﮭﻦ ﻟﮙﻨﺪي. ﻣﺮاد ﺗﻪ ﺑﮁﮍو ﻣﺎﮢﮭﻮ، ﻧﻪ دوﺳﺖ ﭼﮝﻮ ﻧﻪ دﺷﻤﻦ ﭼﮝﻮ. اﻫﮍي ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ، ﺟﮭﮍي ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ. ُ ﺳﻤﻦ ﭘﺮﻳﺖ ﺳﻮان ﻛﻲ، دوﻧﻮن ﺑﺎﺗﻴﻦ دک، ﮐﻴﺠﻲ ﺗﻪ ﻛﺎﭨﻲ ﭘﺎﺋﻮن، رﻳﺠﻬﻲ ﺗﻪ ﭼﺎﭨﻲ ﻣﮏ. ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺘﻮ ﺟﻲ ﻛﺎوڙﺑﻮ ﺗﻪ ﭴﻨﮕﻬﻪ ﭰﺎڙﻳﻨﺪو ۽ ﺟﻲ رﻳﺠﻬﻨﺪو ﺗﻪ اﭼﻲ ﻣﻨﮭﻦ ﭼﭩﻴﻨﺪو.