عرس پريو
سينيئر رڪن
سڄي رات سرگوشين ۾ گذري
صبح جو هلياسين ستارا سمهاري
سڄي رات دل کي اکين ۾ ويهاري
ڏٺوسين ته ڪيئن حسن ماري جياري
سڄي رات هليون گلابن جون ڳالهيون
هئي ماڪ مرڪن جي چپڙن ڪناري
سڄي واٽ گلگون، سڄي واٽ گلبو
عجب هو بدن باغ هرهڪ نظاري
زمانا لنگهي ويا، سمڪ ئي نه پئي
اتي ئي رهياسين اکين ۾ نهاري
سڀئي پيار ساري سنڀاري کنياسين
وري ڪير هو پوئتي پيو پڪاري
محبت جي ميلي ۾ ڪل ئي نه پيئي
ڪٿي يار آياسين دلڙي وساري
شمشيرالحيدري