• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعادت حسن منٽو ۽ هي جاهلن جو مُلڪ

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سعادت حسن منٽو هڪ بهترين ليکڪ جنهن جي مٿان هتان جي انڌي حڪومت ۽ بلڪل نابين ڪورٽن هن جي لکڻين مٿان 60 واري ڏهاڪي ۾ پابنديون هڻي ڇڏيون هيون ته سعادت حسن منٽو پنهنجين لکڻين ذريعي فحاشي ڦهلائي رهيو آهي ۔ ان وقت جي مُلن مذهبي ٺيڪيدارن گڏجي هن خلاف فتوىٰ جاري ڪرايون ۔ اڄ 55 سالن کان پوءِ هنن جاهلن مجهولن کي سمجه آئي آهي ته نه ٻيلي سعادت حسن منٽو ته بلڪل صحيح هو ۔ ڪاله 14 آگسٽ تي 2012 ع تي 55سالن کانپوءِ کيس پاڪستان جو اعلىٰ سول اعزاز نشان پاڪستان سان نوازيو ويو۔
اهڙي عمل تي سواءِ ماتم جي ٻيو ڪجه به نه ٿو ڪري سگهجي ۔
 
سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن جي مترجم، تعليمدان ۽ ڏاهي عطا محمد ڀنڀري صاحب اڄ سول اعزاز يا صدارتي اوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ هو چوي ٿو ته جتي اسين غلام هجون اتي حڪومت کان اوارڊ ڪيئن وٺجي؟

سندس اهو فيصلو صحيح آهي يا غلط ان تي به دوستن جي راء اچڻ گهرجي۔
 
Back
Top