• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرديس جي عيد

نادر عباسي

سينيئر رڪن
ڇا ٻڌايان ڪهڙي حال ۾ ايندي آهي پرديس جي عيد۔
نڪري ايندا آهن ڳوڙها جڏهن ياد ايندي آ پنهنجي ديس جي عيد۔
رهن خوش گهر ۾سڀ پنهنجا ،،،،،،،،،،،،،،،
جنهن جي ڪري رئاريندي آهي اسان کي پرديس جي عيد۔
ايندا آهن جڏهن ياد گلن جهڙا چهرا ،،،،،،
اها گهڙي اسان کي ڪيترو تڙپائيدي آ پرديس جي عيد ،،،،،،،
ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملون ڪنهن کي چئون پنهجو۔
بس ايئن ئي گذري ويندي آ تنهائي ۾ پرديس جي عيد۔
چوندا آهيون هر بار پرديس جي آهي هي آخري عيد۔
مٿئين سال وري اچي ويندي آ پرديس جي عيد۔

582 اٽيچمينٽ ڏسو
 
ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملون ڪنهن کي چئون پنهجو۔
بس ايئن ئي گذري ويندي آ تنهائي ۾ پرديس جي عيد۔
چوندا آهيون هر بار پرديس جي آهي هي آخري عيد۔
مٿئين سال وري اچي ويندي آ پرديس جي عيد۔

يار اوهان ته صفا روئاري ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس اهڙي صورت ۾ يادون ئي رهجي وينديون آهن ۽ يادن جي سهاري عيدون ڪرڻيون پونديون آهن ۔۔۔۔۔ سڀني لاء دعا ته شال هر عيد پنهنجن سان ڪن۔
 
منهنجا سڄڻ توهان پنهنجي ڌرتي کان صرف جسماني پري آهيون توهان جو روح سنڌ ۾ آهي، هاڻ ته توهان لا سنڌ سلامت جو اهڙو اڱڻ آهي جتي توهان ڄڻ سنڌ ۾ ويٺا آهيو۔ اداس نه ٿيو عيد ته احساسن ۾ هوندي آهي ۽ توهان جي احساس ۾ سنڌ موجود آهي ته پو توهان سنڌ کان پري ڪٿي آهيو۔ سنڌ ته توهان جي ساهه جي سٽ ۾ وسي ٿي، عيد جي ڏهاڙي هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀري پنهنجي احساس کي هوائن ۾ شامل ڪجو پو ان هوائن کي اکيون ٻوٽي سنڌ ڌرتي جو تصور ڪري پنهنجي پيارن جو احساس جياري هوائن کي ڀاڪر ۾ ڀري عيد مبارڪ چئي ڏجو۔ يقين ڄاڻجو توهان جو ڀاڪر سنڌ ۾ پهچي ويندو۔
ڪهڙي خبر عيد ڏهاڙي سنڌ سلامت تي نه اچي سگهون توهان کي دل جي گهراين سان عيد مبارڪ
 
Back
Top