عيد اميرن جي.......!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2012۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    بابا او بابا:
    جي پُٽ
    بابا اڄ هي خوش ڇو ٿا ٿين، هنن هي رنگين ڪپڙا ڇو پهريا آهن...؟
    پٽ اڄ عيد آھي، تڏهن هي خوشيون پيا ڪن
    بابا پوء اسان نوان ڪپڙا ڇو نه پاتا آهن..؟
    پُٽ اسين مسڪين ماڻهون، ڪمايون ۽ کائون اسان ڀلا انهن اميرن جي جُتي ۾ پير ڪيئن وجھنداسين
    او بابا:
    مونکي ڪپڙا وٺي ڏي نه
    بابا آء به انهن ٻارن سان کيڏڻ چاهيان ٿو
    او بابا.............!!!




    بابا بيوسي سبب روئيندو رهيو.....................!!!!


     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اهي بيوسيون ۽ مايوسيون هر دور ۾ رهيون آهن، هي ٻٽو نظام سالن کان رائج آهي، ڪي امير ته ڪي فقير، ڪي شاهه ته ڪي گدا ۔۔۔۔ بس زندگي جو وهنوار پيو هلي ۔۔۔۔۔۔۔ دعاگو آهيون ته سنڌ جيڪا ستابي هئي تنهن سنڌ ۾ شال ڪو غريب نه هجي ۔۔۔۔ !!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    شاه صاحب به الله سائين کي هن ريت چيو آهي

    تون رحيم تون ڪريم توکي چارو ناهي چوڻ جو
    ڪن کي نه ڏي ٻيڪ ٻڪري جي ڪن کي ڌڻي بخشين ڌڻ
    ڪن کي نه ڏي دام دمڙي جو ڪن کي مايا بخشين مڻ
    ڪن کي ته پالين پالڪن ۾ ڪن کي پهائين پاهڻ
    تيهائون تاهڻ ته ڏڪن لڱ للطيف جا​
     
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    بلڪل هن مهگائي جي دور ۾ غريب ماڻهو لائي زندگي گزارڻ به هڪ وڏي ڳالھ آهي
    اهڙيون عيدون ۽ خوشيون ته پري جي ڳالھ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو