شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ٻروچ طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2012۔

  1. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اظهار سومرو​
    هڪ شخص جيڪو پاڻ ۾ هڪ د‏ؤر سمايو ويٺو هو سو خاموشيءَ سان وڃي چوکنڊيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو. هو جيڪو پنهنجي مزاج ۽ انداز ۾ انتهائي سادو ۽ سڌو ماڻهو هيو، جنهن وٽ دنياوي ڏيکاءُ پري پري تائين نظر نه ايندو هو، جنهن کي مايا جي موهه ڪڏهن به نه موهيو، جيڪو زندگيءَ کي جدوجهد جي روپ ۾ ڏسندو رهيو ۽ پنهنجو حصو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهو ڪو ٻيو نه پر بدين جي علائقي ڪڍڻ جي مٽيءَ مان جڙيل شمشيرالحيدري هو، جيڪو ذات جو خواجه هو پر سڄي سنڌ کيس شمشير يا شمشيرالحيدريءَ طور سڃاڻندي هئي. هن جي شروعاتي تعليم ڪراچي جي سنڌ مدرسة الاسلام مان ٿي ۽ ائين هو انهن ٿورن سنڌي مسلمانن ۾ شامل هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جا رهواسي هئا، ڪراچي سان هن جو قرب حياتي جي آخري گهڙيءَ تائين جاري رهيو. شمشيرالحيدري جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات روايتي انداز ۾ شعر لکڻ سان ڪئي پر وقت سان گڏ هن جي شاعري جو موضوع ۽ لهجو تبديل ٿيندو ويو. هن عشق ۽ محبت کان شروع ڪيل شاعري جي شغف کي ڌرتيءَ سان پيار ۽ ظالم لاءِ ڌڪار تائين پهچايو. هن جي دل ۾ ويٺل باغي سدائين کيس وقت جي حڪمرانن کي للڪارڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيو ۽ هن سدائين پنهنجي دل جي سڏ کي ورنايو. اهو 60ع جي ڏهاڪي جو ايوبي آمريتي وارو دؤر هيو، جڏهن هن ون يونٽ خلاف پمفليٽ ڇپرايو ته کيس جيل موڪليو ويو. پر شمشير انهن کان ڊڄڻ وارو نه هيو، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سرگرم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ سان گڏ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جو باني به هو. شاعريءَ سان گڏ هن جي ٻي سڃاڻپ هڪ صحافيءَ واري هئي، هو پنهنجي دور جي مشهور ترين سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو پنهنجي دؤر جو مقبول سرگرم ايڊيٽر رهيو هو. هن سنڌي صحافت کي نئون روپ ڏيڻ ۾ ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هلال پاڪستان کان علاوه هو سنڌي ادب جي ٻن قدآور رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر به رهيو. شمشير جي اندر جو صحافي سچ چوڻ وارو هو، جنهن ڪري هن پنهنجي قلم ذريعي انالحق جو آواز اٿاريو ۽ ڪڏهن به لفظن تي سوديبازي نه ڪئي. جمهوريت سان پيار جي نتيجي ۾ کيس ضياء جي آمريت واري دؤر ۾ به سختيون سهڻيون پيون، پر هو هميشه اهو چوندو رهيو: ”جمهور جو آهنگ، بي آواز نه آهي“ شمشير جي ٽين سڃاڻپ ڊراما نگار ۽ ناول نگار واري هئي، جيتوڻيڪ هن سفرناما به لکيا پر ٽي وي لاءِ لکيل سندس ڊراما گهڻا مشهور ٿيا، خاص طور تي تاريخي موضوع تي لکيل سندس ڊرامو ڪاڪ محل پنهنجي دؤر جو مقبول ڊرامو هو، جيڪو اصل ۾ سندس ناول هو، جنهن کي هن ڊرامي جي صورت ڏني هئي. پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان ۽ ريڊيو پاڪستان سان شروع کان ئي سلهاڙيل رهيو، کيس اهو به اعزاز هو ته هو پي ٽي وي جي سنڌي نشريات جو پهريون ميزبان هو. شمشير جي چوٿين سڃاڻپ نقاد ۽ محقق واري به هئي، سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران هن آزاد نظم تي جيڪو تحقيقي مقالو لکيو هو اهو سندس تحقيق وارين صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وک ثابت ٿيو. شمشير لاءِ اهو مشهور هو ته ڪنهن به مشاعري يا ادبي گڏجاڻي ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر غلط اُچار يا غلط لفظ ۽ گرامر جو استعمال ڪندو هو ته ان کي شمشير جي سڌي تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ هو انتهائي سنجيده هو ۽ تنقيد ڪرڻ مهل هو ڪوبه رک رکاءُ ڪرڻ بدران سڌو، کرو ۽ بي حجاب رويو اختيار ڪندو هو. اها بي باڪي رڳو تنقيد تائين محدود نه هئي، پر هڪ بي لوث کري ۽ سچي ماڻهوءَ وانگر هن سدائين اهو چيو ۽ اهو ڪيو جيڪو هن کي درست لڳو ۽ هن کي پنهنجن فيصلن جي چونڊ تي ڪڏهن به پڇتاءَ نه رهيو. زندگيءَ کي ائين پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ڀرپور اطمينان وچان گذارن ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ اهو شايد شمشير جهڙن وڏن ماڻهن جو ئي ظرف آهي جو هو هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ باوجود هميشه زنده دل رهيا جيئن سندس هي شعر آهي ته: ”ميخانهء جهان ۾، لٽائي شرابِ زيست اي دوست، زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر!“ وري هڪ ٻي جاءِ تي هو پنهنجي ڪشاده دلي ۽ زندگيءَ سان هر حالت ۾ پيار ڪرڻ واري رويي جو اظهار ڪجهه هيئن ڪري ٿو: ”آئي نه راس مهر و محبت جي زندگي، ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪر.“ شمشير جي حيات انڊلٺ جي رنگن جهڙي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو هر پاسو هڪ ڌار رنگ وانگر چمڪي رهيو آهي، هن جي شاعري ڪڏهن به هن کي سٺو صحافي ٿيڻ کان نه روڪيو ۽ هن جي ناول نگاري هميشه هن کي سٺو ڊراما نگار بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي سفرنامن جو سلسلو اصل ۾ سندس تحقيق واري مزاج جو تسلسل هيو، ائين هو ادبي ڪارڪن به هو ته سماجي ورڪر به هو. پنهنجي دؤر جي سچ سان سدائين گڏ رهيو ۽ وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. هن جي حياتي هڪ ڀرپور ماڻهو جي حياتي هئي، جنهن زندگيءَ جي هر هڪ لمحي کي پوريءَ ريت محسوس ڪيو ۽ ان جو مڪمل ڪارج به ڪيو. هو پنهنجي شاعري ۾ به ائين سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو هيو، هن جي ٻولي سڌي، سادي ۽ سهڻي هئي ته وري سندس خيال ڪائنات جا سمورا رنگ سهيڙي آڻي سندس شعرن ۾ پوئيندا هئا: ”شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟ محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.“ يقيني طور سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جي همعصر ٽهيءَ جو مقبول شاعر اياز، نياز، تنوير ۽ امداد جهڙن شاعرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻوليءَ جي رلهيءَ ۾ نوان رنگ ٽاڪيندو رهيو. هو ان وقت به سچ ڳالهه ۽ حق ڳالهه ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندو هو، جڏهن سنڌ جو نانءُ وٺڻ ڪنهن پاپ وانگر هو ۽ وطن سان پيار ڪرڻ وارو احساس مڪمل طور تي ممنوع هو. هو پنهنجي شاعري ۾ ان دؤر جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪري ٿو: ”هر هر ٿيون اچن، وقت جي سوريءَ جون صدائون افسوس اناالحق جو آواز نه آهي.“ شمشير پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به خوش فهميءَ جو شڪار نه هيو، نه وري هن ڪڏهن اهڙي ڪا دعويٰ ڪئي، ڪو تمغو، ڪو ميڊل طلبيو، هن ته پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ پاڻ ئي ايتري حقيقت پسنديءَ واري ڳالهه ڪري ڇڏي جيڪا گهڻا ماڻهو صرف سوچڻ مهل ئي شايد ڪنن تي هٿ رکي توبهه ڪرڻ شروع ڪندا هجن. شمشير چوي ٿو ته: ”خيال توبهه جو مون کي به آهي، اي ناصح، ڪرڻ ڏي مون کي گناهن کي بيشمار اڃان.“ زندگي جي گناهن ۽ ثوابن کي کڻي ساڻ هلندڙ شمشير جي شخصيت جو سڀ کان قدآور پاسو هن جي علم سان محبت هئي، هو سنڌي سماج ۾ علم جي ذريعي هڪ اهڙي تبديلي ڏسي رهيو هو جيڪا جاگيرداريءَ جي بدبودار سماج مان نڪرڻ جو واحد هٿيار هئي. لاڙ جي ڪنهن قدر جدت پسند ۽ ترقي پسند ماحول مان اُسريل شمشيرالحيدري جيڪو سنڌي ادب جي آسمان تي سدائين چمڪندو رهيو، جنهن پنهنجي لفطن ۽ گيتن ذريعي پنهنجي ماڻهن کي جاڳائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جنهن صحافت جي قلم کي صحيفي جيترو مقدس بڻايو، جنهن ضمير کي ڪڏهن به وڪرو نه ٿيندڙ وکر سمجهيو، جنهن وطن تان سودو ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ تان سودو ڪرڻ جهڙو اڙانگو سمجهيو، اهو شخص جيترو سنجيده هو اوترو ئي حسين، رنگين ۽ دل نشين به هو، هن جي شاعري شمشير جي اندر جي حسناڪيءَ جي چغلي کائي ٿي: ”نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت، اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي ڀلي ڳالهه آهي.“ هو بي مقصد زندگي گذارڻ بدران سدائين هڪ ڪارج تحت جاکوڙيندو رهيو، هن پنهنجي حياتي ۾ ڪيئي روين جا خنجر سٺا، دلبر دوستن جا دوکا برداشت ڪيا، نفسانفسي واري دؤر ۾ معاشي تنگدستيءَ کي به منهن ڏنو، پر اکين جي ديد وڃڻ باوجود ان جي دل جي ديد باقي هئي، جڏهن هن اسلام آباد ۾ ساڻس ملهايل شام دوران حياتي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اهو چيو هو ته ”منهنجي لاءِ سرڪار کان ڪا مدد نه گهرو.“ اهو شمشير هميشه ائين ئي رهيو جيئن هڪ ارڏو اجگر هوندو آهي. هو سنڌي سماج لاءِ اتساهه ڏيندڙ رول ماڊل هو، جنهن وچولي طبقي ۾ اک کولڻ باوجود 1932ع کان 2012ع جو سفر مسلسل همت سان ڪٽيو ۽ ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون. هو پنهنجي زندگي جي ترجماني ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪري ٿو: ”زندگي ڪاڪ محل آهي، ڪو رنگا رنگي، جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جيان.“ شمشير جي مومل ڪير هئي، ان کي زندگيءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪهڙي مومل جي تلاش هئي، هو حياتيءَ جي پراسراريت مان ڇا ڳولهي رهيو هو، اهو به سندس لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: ”لامڪاني جي فساني کان وٺي لازماني جي زماني کان وٺي، جسم جي بي انتها تاريڪين ۾ جاودانيءَ جو سفر سرگرم آهي ازل جي آرزو تون به ڪنهنجي ابتدا، مان به ڪنهن جي انتها تنهنجي منهنجي زندگي تنهنجي منهنجي ماءُ جي دم دم دعائن جو اثر تنهنجي منهنجي زندگي جا صبح شام تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اميدن جو ثمر جسم جو هر هڪ جنم ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام بس ازل جي آرزو آهي مدام جاودانيءَ جي سفر ۾ تيز گام اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار زندگي تابندگي جا رزدار! اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع جسم جي تاريڪ راهن کان جدا مان ازل جي انتها تون ابد جي ابتدا اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا.“ ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ هن زندگيءَ جي سفر ۾ جسم جي تاريڪ راهن کان جدائي لاءِ جنهن ڏينهن جي چونڊ ڪئي، اهو سندس حياتيءَ ۾ آئيڊيل شخصيت واري حيثيت رکندڙ مولا علي جي شهادت جو ڏينهن هو. شمشير ڄڻ ته زندگيءَ ۾ به پنهنجي ڳالهه سان وفا ڪئي ۽ موت ۾ به هو سچو ۽ ثابت قدم رهيو.​
    سنڌ افيئرز تان ورتل​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو