رياضت ٻرڙواکين کي به دل جي سفارش ٿِي ماري سنڌ جي سدا حيات ۽ عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري اسان لاءِ راهه جي مشعل وانگر آهي. هن جي بيتن ۽ واين ۾ ڪي عام خيال ناهن ٻڌايل، پر انهن ۾ ته زندگيءَ جي ازلي ۽ ابدي حقيقتن جي اُپٽار ڪيل آهي. اسان جي خوش قسمتي آهي ته شاهه سائينءَ جا اهي اڻ ملهه بيت ۽ وايون ”شاهه جي رسالي“ ۾ سانڍيل آهن، جتان اسان انهن کي پڙهندا رهون ٿا ۽ انهن بيتن ۽ وايُن ۾ روايتي قصن ۽ داستانن کي بنياد بڻائي شاهه لطيف جيڪي زندگيءَ جا راز ٻڌايا آهن ۽ جدوجهد جا ڏَس ڏنا آهن، اهي اسان جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جو ڪارج گذريل ٽن سَو سالن کان مسلسل ڪري رهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو شاهه سائينءَ جا بيت ۽ وايون اسان جي عام ماڻهن جي سينن ۾ پڻ دل اندر ڌڙڪي رهيا آهن. اکيون مُنهن ميهار ڏي، رکيون جن جوڙي، رِيءَ سَنڊَ، سيد چئي، تارِ گِهڙَنِ توڙي، تنِين کي ٻوڙي، سائِرُ سگھي ڪينَ ڪِي. اسان کي گھرجي ته وري وري پيا شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيون، ان کي سمجھون ۽ سمجهايون. ”شاهه جو رسالو“ ڪو عام شعرن جو ڪتاب ناهي، هيءُ ته اسان سنڌين لاءِ ۽ تِهان پوءِ ٻين سمورن انسانن لاءِ خاص الخاص ڪتاب آهي، جيڪو ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي تجربن سان ڀرپور ڪتاب آهي. شاهه سائينءَ جا ٻه مشهور بيت هن ريت آهن: چاوَتَ پائي چِتَ ۾، سنهو ڪَتيو جَن، تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو. محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اَڻ توريو ئي اَگھائِيو. پهرئين بيت ۾ هڪ خاص لفظ ”چاوت“ آيو آهي جنهن جي معنى آهي ”نفرت“. شاهه سائين ان بيت ۾ فرمائي ٿو ته ڀلي ته ڪيڏو به نفاست وارو ڪم ڪجي، ڪيڏو به سهڻو ڪم ڪجي، پر جيڪڏهن ان ڪم ۾، ان ڪَتڻ ۾، ماڻهوءَ من ۾ نفرت رکي آهي، ته پوءِ پرکيندڙَ يعني صراف ان کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آڻيندا ۽ ڄڻ ته اهو ڪم اجايو هوندو.... وري ٻئي بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته ڀلي ته ڪو معمولي، گھٽ اهميت رکندڙ، رواجي نظر ايندڙ ڪم ڪجي، جنهن لاءِ اهو چئجي ته رڳو رنڊا روڙيا آهن، پر جيڪڏهن اهو ڪم محبت منجھان ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ان جي تور تَڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي، ان ڪم جا پرکيندڙ، ان کي سمجھندڙ، اهو ڪم اگھائي ڇڏيندا، اهو قبوليت جوڳو هوندو.... هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسان نفرت منجھان ڪو نفاست وارو ڪم ٿا ڪريون يا وري محبت منجھان رنڊا روڙيون ٿا. مقصد کي ثانوي ۽ نيت کي پهرين حيثيت حاصل آهي. اوهان پاڻ به ڏاها ماڻهو آهيو، زندگيءَ جي تجربن مان گذريا آهيو ۽ مسلسل ان عمل مان گذري رهيا آهيو، ڪيئن ٿا سمجھو! اوهان انهن بيتن کي پنهنجيءَ زندگيءَ جي ڪِرتن سان لاڳو ڪري سوچيو، ياد ڪيو، ته اوهان ڪهڙا ڪم چاوَت منجھان ۽ ڪهڙا ڪم محبت منجھان ڪيا آهن؟ اسان اهي ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جيڪي ڪارگر آهن سڄيءَ انسانذات لاءِ يا ڪجھ ماڻهن لاءِ، ۽ اهي ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جيڪي نقصانڪار آهن ٻين انسانن لاءِ، ۽ ان طرح اسان لاءِ پڻ. ***پو ملامت ڪرءِ ضمير متان! ڪيڏِي ڇڪتاڻ آ، نڪر ته گھران! رات هيءَ آ، چڪورَ هلِي آءُ! چنڊ بڻجي وري ٻران، نه ٻران. معاف ڪر اي حساس ماڻهوئـڙا! تنهنجِي دهليز ڏي متان نه وران. رڻ سان تنهنجو هي ضدُ اجايو آ، شام کان اڳ ٺران، ته ڪيئن ٺران! موت ”آڪاش“! ناهه ڪو مهڻو، بس دعا ڪر، غدار ٿِي نه مران. سنڌ جي نوجوان ۽ بهترين شاعر علي آڪاش جو هيءُ خوبصورت غزل اوهان جي نذر.... اسان جي شاعرن ۾ وڻندڙ ڏات ۽ ڏانءُ آهي ۽ انهن جي فڪر ۽ فن ۾ سٺي سگھ آهي. اسان جي شاعرن جي سوچ ۽ سمجھ عام ماڻهوءَ جي مسئلن ۽ مامرن کي سمجھي ٿي ۽ انهن جو اظهار پنهنجن شعرن ۾ ڪري ٿي. سندن محبت جا جذبا عام ماڻهوءَ جي محبت جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا ۽ انهن جذبن، احساسن ۽ اُمنگن کي خوبصورت لفظن جو لباس اوڍائن ٿا.... ٻئي طرف، سنڌ جي نالي وارو ۽ لِيجينڊ شاعر شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ انيڪ رنگ ۽ روپ آهن. هُو ٻوليءَ جو وينجھار هو، جنهن نثر ۽ نظم جي انيڪ صنفن ۾ خوبصورت تصنيفون سرجيون. خاص ڪري سندس قومي ۽ رومانوي شاعريءَ کي وڏي حيثيت حاصل آهي. هو اهڙو شاعر هو، جنهن سنڌ جي ٽن نسلن کي متاثر ڪيو. سندس ذڪر کان سواءِ سنڌي ادب جو ذڪر اڻپورو رهندو. هن پنهنجيءَ شاعريءَ سبب جيل به ڪاٽيا، ته تڪليفون به سَٺيون. هن بيت، وائيءَ، گيت، غزل، نظم ۽ ٻين ڪيترين ئي صنفن ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. کيس جيترو به خراج پيش ڪجي، گھٽ آهي. سنڌ جون ادبي ۽ تحريرون ۽ تحريڪون شيخ اياز جي فني ۽ فڪري اثرن کان آجيون ناهن.... شيخ اياز جو سرجيل هڪ خوبصورت گيت هن ريت آهي، جنهن ۾ پڻ وڇوڙي جا وڍَ اظهاريل آهن: رات جا تارا چوَن ٿا، تون نه ايندينءَ. ڪيترا جگنو هِتي آيا ويا، پو به سڀ چارا چَون ٿا- تون نه ايندينءَ. دل ته تو سان ايتري هُئي، ڇا چَئون! پو به سڀ چارا چون ٿا- تون نه ايندينءَ. ڪيترو ڪينجھر اڪيلو ٿو لڳي، پو به سڀ چارا چون ٿا- تون نه ايندينءَ. پيار کي جينجھاڙيو آهي اِئين! پو به سڀ چارا چون ٿا- تون نه ايندينءَ.***26 جُون تي، منشيات يعني ”نشي جي استعمال خلاف عالمي ڏينهن“ سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اوهان ڀليءَ ڀتِ ڄاڻو ٿا ته نشي جي عادت اهڙي آهي، جو جنهن ماڻهوءَ کي لڳندي آهي، نه رڳو ان کي تباهه ۽ برباد ڪندي آهي ۽ کيس موت جي حوالي ڪندي آهي، پر اهڙيءَ ماڻهوءَ جو سڄو ڪٽنب به تڪليف ۽ پيڙا مان مسلسل گذرندو رهندو آهي.... نشي سان نه رڳو سوين جوان پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن، پر ڪيترا ته بيمارين جي وَر چڙهي پل پل عذاب مان گذرندا رهندا آهن. اسان کي پنهنجي چوڌاري اهڙا انيڪ ڪٽنب نظر ايندا جن جا فرد ڪنهن نه ڪنهن نشي جو شڪار ٿي، اجل کي وڃي پَرتا.... ٻئي طرف اسان اهو پڻ ڏٺو آهي ته جن ماڻهن پئسي جي لالچ ۾ نشي جو واپار ڪيو، انهن جي خاندان جا فرد پڻ نشي پَتي جو شڪار ٿِي، جوانيءَ جي سرحدن کي به پار ڪري نه سگھيا ۽ پنهنجي حياتي موت جي حوالي ڪري ويا. انهن ماڻهن ٻين ڪٽنبن جي نوجوان کي شڪار بڻايو، ته موت وري انهن جي نوجوانن کي به نه بخشيو، جھڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. پنهنجي کوٽيل کاهيءَ ۾، اهي پاڻ به ڪِري پيا.... نشي مان ماڻهوءَ ڇا حاصل ڪيو آهي، ان تي سوچجي ته وڇوڙا ۽ ڏُک ئي ماڻهوءَ کي مليا آهن. چڱيءَ شَيءِ مان ئي چڱائي ٿيندي آهي، بُريءَ مان به ڪڏهن ڪجھ چڱو مليو آهي ڇا! 26 جُون ”ٽارچر، ڏنڀَ جو شڪار ٿيلن سان ساٿ ڏيڻ جو پڻ عالمي ڏينهن“ آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن ٽارچر جو شڪار ٿيل ماڻهو پاڻ کي اڪيلو نه سمجھن. هُو اڳي ئي پيڙا مان گذريل آهن، اهڙي سمي کين اڪيلائيءَ جو احساس نه ٿئي ۽ هُو زندگيءَ جي ڪٺن مرحلي تي پاڻ سان گڏ ڪجھ ماڻهن کي بيٺل ڏِسن.... اسان ڏسون ٿا ته اسان جي سماج ۾ ٽارچر ڏيڻ جا رجحان وڌندا پيا وڃن، پوءِ اهو جسماني ٽارچر هجي يا ذهني. ذهني ٽارچر ته اڃا به خراب رويو آهي، جنهن کي پنهنجي سماج مان ختم، ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ***احمد خان ”مدهوش“ ڪو رواجي شاعر نه هو. هُو موجوده روايتي دَور جي اهم شاعرن مان هڪ منفرد شاعر هو، جنهن کي مختلف فنڪارن ڳائي سنڌ جي جھر جھنگ تائين پڻ پهچايو. هن جا ڪيترائي ڪلام مشهور آهن، جن ۾ ”سِر لڳي سهڻي سڄن سان، سِر لڳي/دل جي دلبر، من جي من سان سِر لڳي“، ”ڪنهن سان اوريان دل جون ڳالهيون/چوريان پوريان دل جون ڳالهيون“، ”هِي جو توکي جانِ من ويٺو ڏسان/خالقِ اڪبر جو فن ويٺو ڏسان“، ”پيار ڪر، پيار ۾ حياتي آ/ورنه آزار ۾ حياتي آ“ ۽ ٻيا ڪيئي ڪلام شامل آهن.... احمد خان مدهوش جي هڪ غزل جون چند سٽون اوهان جي نذر: جي سامهـون اچين ٿـو، تابـش ٿِـي مــاري، لڪين ٿـو ته ڳولا جـي خواهـش ٿي مـاري. جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي، جـي پـرچـي پـويـن ٿـو، نـوازش ٿي ماري. اکـيـن تـي نــه الــزام ”مـدهــوش“ ڌرجــانءِ، اکـيـن کـي بـه دل جـي سـفارش ٿي ماري. ***
عشق جي شرعتا اکين کان ٿي ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔ پر دل جي چاهت ئي آهي جيڪا اکين کي مجبور ٿي ڪري ته ڪنهن سان چاهه رکجي ۽ ڪنهن سان دل اڙائجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺو ليک، وڻندڙ