رياضت ٻرڙو”جي تو وٽ ڪوئِي گيت نه آ“ ماڻهن جي مزاجن جا ته انيڪ قسم آهن پر انهن مان هِڪڙا ماڻهو خاموش طبع هوندا آهن، جيڪي عام طور ماٺ رهڻ پسند ڪندا آهن. اُهي يا ته پنهنجيءَ سوچ ويچار ۾ رهندا آهن يا وري ماٺ ذريعي پاڻ کي پُرسڪون رکندا آهن. انهن ماڻهن جي دنيا ئي ڌار هوندي آهي، جنهن ۾ هُو پاڻ سان يا پنهنجي اندر ۾ موجود هستيءَ سان مگن هوندا آهن. اهڙن ماڻهن کان ٻيا ماڻهو عام طور بيزار نه ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ماٺ رهندڙ ماڻهن جي زبان کان ٻيا ماڻهو بچيل رهندا آهن، صرف اهي ئي انهن کان بيزاريءَ جو اظهار ڪندا آهن جيڪي يا ته ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا آهن يا وري اهڙن لٻاڙي هوندا آهن.... چيو ويندو آهي ته تلوار جي ڦَٽ مان ته ماڻهو ڇُٽي ويندو آهي، پر زبان جو ڏنگيل سدائين سور سهندو رهندو آهي. ٻئي پاسي، تلوار جو ڦٽُ جسم کي ۽ زبان جو ڏنگُ روح کي گھائل ڪندو آهي، ان ڪري خاموش رهندڙن جي زبان جي ڏنگ کان به ماڻهو بچي سگھندو آهي.... ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڏاهن ۽ سياڻن ماڻهن اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ کي بيحد پسند پئي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته تنهائيءَ ۾ کين دنيا جَهانَ ۽ ان جي اسرارن ۽ رمزن تي سوچڻ ويچارڻ جو موقعو ملندو آهي. ان ريت اهي نه صرف ڪائنات جي اسرارن کي پنهنجي اندر جي سوجھري سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر زندگيءَ جي رمزن کي به پروڙڻ ۽ پرکڻ لڳندا آهن.... ٻيا ماڻهو وري گَھڻ ڳالهائو هوندا آهن. انهن کي ڳالهائڻ کان سواءِ مزو ئي ناهي ايندو، پوءِ اهو ڳالهائڻُ ڪم وارو هجي يا اجايو، ان مان ڪو مطلب نڪري يا نه، اهي ڳالهائڻ ئي پسند ڪندا آهن. ڏسجي، ته عام طور سندن ڳالهين ۾ اجايون ۽ فضول ڳالهيون ئي هونديون آهن، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي بس ڳالهائڻو ئي هوندو آهي، بنا ڪنهن ڪاما يا فُل اسٽاپ جي. اهي نان اسٽاپ هوندا آهن.... ڪنهن ڏاهي جو ڪُجھ هن ريت چوڻ آهي ته مان ڳالهائيندي، ڳالهه جي خراب ٿيڻ کان ڊڄان ٿو.... ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي، ته ڳالهه ته ڪجي، اها به ڪم جي، پر ان ۾ به اهو کُٽڪو رهي، ته متان ڳالهه ۾ لفظن جو فرق ٿي وڃي ۽ مورڳو ئي ڳالهه خراب ٿي پوي ۽ برائي پکيڙي! پر ڳالهائُو ماڻهو، اِهو ڏسندا ئي ناهن، ته ڳالهه خراب ٿئي پئي يا نه، انهن کي ته بس پنهنجي وات ۾ زبان کي مَروٽا سروٽا ڏيڻا هوندا آهن. اهي پاڻ کي ڪچهرين جا مور سمجھندا آهن، جڏهن ته سندن لٻاڙ تي ڪو اياڻو ماڻهو ئي خوش ٿي سگھي ٿو. سياڻو ته انهن کان پاسو ڪيون گذري ويندو آهي. ان ڪري واتوڙين کان بچڻ انتهائي ضروري آهي. انهن وٽ ويهڻ کي قيمتي وقت وڃائڻ ئي چئبو. انگريزيءَ ۾ چوِڻي آهي: ”He who kills the time, he is a killer“ يعني جيڪو وقت وڃائي ٿو، اهو قاتل آهي. ان ڪري وقت جو قدر ڪرڻ ضروري آهي. گذري ويندڙ وقت ڪنهن به وَرائي ناهي آندو، پوءِ اهو ڪيڏو نه بدتر ٿيندو ته اسان پنهنجو وقت واتوڙين ۽ بڪواس ڪندڙن وٽ ويهي وڃائي ڇڏيون ۽ هر لحاظ کان ڏوهي بڻجي پئون.... ٻئي طرف ڏسجي، ته صفا خاموش طبع هجڻ به سٺو ناهي ۽ نه ئي رڳو واتوڙي هجڻ يا گھڻ ڳالهائو هجڻ به ڪو چڱو آهي. وچين واٽ بهتر آهي، يعني نه ته ماڻهو ڳالهائي ئي نه، يا جنهن وقت ڳالهائڻ ضروري هجي، ته ان وقت به ماٺ رهي، ۽ نه ئي ماڻهو رڳو ڳالهائيندو رهي، پوءِ ڪو ٻُڌي يا نه، يا ٻڌي ته ويٺو بيزاريءَ مان نهاري ۽ مُنهن گھنجائي ۽ دل ۾ ويٺو گاريون ڏئي يا غلط سلط سوچي.... پاڻ سڳورن جو فرمان آهي: ”سچي ۽ مِٺي ڳالهه به صدقو آهي.“ ڏسجي ته اها ڳالهه ٻنهي فردن سان لڳي ٿِي، يعني خاموش طبع ماڻهو مڙيوئي گھٽ ڳالهائيندو، ان ڪري سچي ۽ مِٺي ڳالهه به گھٽ ڪندو، جڏهن ته گھڻ ڳالهائوءَ کي اها خبر ئي نه پوندي ته هُو سچ ٿو ڳالهائي يا ڪَچ ۽ مِٺو ٿو ڳالهائي يا ڪَڙو.... حضرت علي عليه سلام جن جو قول مبارڪ آهي ته ”جهالت سان ڳالهائڻ ۾ ڪا ڀلائي نه آهي، حڪمت سان ڳالهائڻ ۾ ڀلائي آهي.“ ٻئي هنڌ پاڻ چيو اٿن: ”توهان جون ڳالهيون توهان جي عمل کان وڌيڪ نه هجن.“ وڌيڪ چون ٿا: ”سٺو ڳالهايو، جيئن اوهان جي سڃاڻپ ٿي سگھي، ڇو ته انسان پنهنجيءَ زبان هيٺان لڪل آهي“.... ٻئي ڪنهن مفڪر جو چوڻ آهي: ”خبردار، تنهنجي زبانَ، تنهنجي خيال کان اڳتي نه هلي وڃي.“ هي سڀ چڱائيءَ ڀريون ڳالهيون، چٽيءَ طرح اسان کي ٻڌائن ٿيون، ته حد کان وڌ ڳالهائڻ اجايو آهي، ماڻهوءَ کي گھرجي ته هو سٺيون ڳالهيون ڪري، پر اهي عمل کان وڌي لٻاڙ ۾ شامل نه ٿين. جيڪڏهن لٻاڙ ۾ ڳالهه شامل ٿي وئي ته ان کي جهالت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ٿو سڏي سگھجي.... سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪيڏو نه چڱو چيو آهي ته: ايڏي چُپ اپار چڱي ته ناهي يار! جي تو وٽ ڪوئي گيت نه آ، ڪا جيءَ منجھان جھونگار. ايڏِي چُپّ چڱي ته نه آهي! ڀُڻ جُهڻ، ڪا ڀڻڪار! زنجيرن لئه زور نه آهه جي، ڪا جھيڻي جھڻڪار! ڪاري رات ابد تائين آ، اوندهِه تارون تار. پوءِ به ٿي ڪا جيءَ جھروڪا، لُنءَ لُنءَ منجھ لغار! پوءِ به ڏئي ڪا واءُ وراڪا، ڪونجڙين ڪُڻڪار! چڱي ته ناهي يار! ايڏي چُپ اپار. ***اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪيئي بيماريون موجود آهن، جن ۾ مُوذي مرض هيپاٽائيٽس پڻ شامل آهي. هڪ تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موجود هر ڏهين ماڻهوءَ کي هيءُ خطرناڪ مرض هيپاٽائيٽس بِي يا سِي موجود آهي ۽ هن مرض ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. هيپاٽائيٽس جا مختلف قسم ٿين ٿا جن ۾ اي، بِي، سِي، ڊِي ۽ اِي شامل آهن. ڄاڻڪن جو چوڻ آهي ته هيپاٽائيٽس اي ۽ اِي جي ڪارڻن ۾ گدلي پاڻيءَ جو استعمال، وات جون بيماريون ۽ غير صحتمند کاڌ خوراڪ شامل آهي، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بِي، سِي ۽ ڊِي جي پکيڙڻ ۾ استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال، اڻ محفوظ جنسي لاڳاپا ۽ رت جي منتقلي شامل آهي.... هڪ ڊاڪٽر جي چوڻ موجب پاڪستان ۾ هن مرض ۾ واڌ جو هڪ سبب حجمَ ۽ ميڊيڪل اسٽاف آهي، جڏهن ته يورپ ۾ ان جو مکيه ڪارڻ نشي جو گھڻو واهپو ۽ جنسي لاڳاپا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ مريض جي ان مرض جو شڪار ٿيڻ ۾ سندس مرضي شامل ناهي هوندي.... پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ٽيپو سلطان موجب هن مرض جو هڪ سبب لڏپلاڻ به آهي. خاص طور گذريل مها ٻوڏ ۾ هي مرض گھڻو پکيڙيو. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن هن مرض کي روڪڻ لاءِ ڪيئي پروگرام پڻ هلائي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ اهڙيون آٽو ڊِسپوزيبل سرنجون جاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي جيڪو هڪ ڀيرو استعمال ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر استعمال ٿي نه سگھنديون. جڏهن ته هيپاٽائيٽس جو شڪار مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ پڻ اُپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون. جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان گھڻو وڌيڪ سٺو اهو آهي ته ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر ڪري ڏجي ۽ استعمال ٿيل سرنجن تي پابنديءَ جي فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪجي. ان سان ماڻهن کان مريض جو شڪار ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو. (ذريعو بِي بِي سِي اردو ڊاٽ ڪام) ***
ٻئي طرف ڏسجي، ته صفا خاموش طبع هجڻ به سٺو ناهي ۽ نه ئي رڳو واتوڙي هجڻ يا گھڻ ڳالهائو هجڻ به ڪو چڱو آهي. وچين واٽ بهتر آهي، يعني نه ته ماڻهو ڳالهائي ئي نه، يا جنهن وقت ڳالهائڻ ضروري هجي، ته ان وقت به ماٺ رهي، ۽ نه ئي ماڻهو رڳو ڳالهائيندو رهي، پوءِ ڪو ٻُڌي يا نه، يا ٻڌي ته ويٺو بيزاريءَ مان نهاري ۽ مُنهن گھنجائي ۽ دل ۾ ويٺو گاريون ڏئي يا غلط سلط سوچي.. ماڻهن ، انهن جي عادتن ۽ مزاجن تي تمام سهڻو ليک آهي۔ سچ ته واقعي وڻندڙ ليک ۔۔۔۔۔۔۔۔