رياضت ٻرڙوجهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس ماڻهوءَ جي مزاج يا طبيعت ۾ شامل آهي ته خوبصورتيءَ کي پسند ڪندو آهي. حسن کيس موهيندو رهيو آهي ۽ حسناڪين کان هُو متاثر ٿيندو رهيو آهي. دراصل فطرت ۾ سونهن سمايل آهي، ان ڪري ماڻهوءَ به فطرت جو حصو هئڻ ناتي سونهن پسند يا سونهن جو پوڄاري رهيو آهي. ماڻهوءَ جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي. ماڻهوءَ فطرت مان مسلسل پئي پِرايو آهي، ان ڪري هن جو فطرت سان ويجھو تعلق هئڻ ناتي سونهن سان به ويجھو ناتو رهيو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر استاد بخاريءَ جي گيت جو سٽون ذهن تي تري ٿيون اچن ته: زنــدگـيءَ تي ناهه ڪـوئـي ڀـروســـو،حُسنَ کي پوڄي وٺو، پـوڄـي وٺــــو.حُـــــســـنُ مـــــــون لاءِ مـظـهــرِ اللھ آ،حسن منهنجي سوچ، منهنجو ساهه آ،حـسـن تــي مـنـهـنـجــو وڏو ويـســاهه آ،جنهن ڪيو ايمان منهنجي کي پڪو،حسـن کـي پـوڄـي وٺـو، پـوڄـي وٺــو.واقعي به ايئن ئي ته آهي. ڀلا جيڪڏهن سنسار ۾ سونهن نه هجي ها، خود سنسارُ سهڻو نه هجي ها، ته چوڌاري ڪيڏي نه مونجھ هجي ها، ماڻهو بدصورتيءَ کي ڏسِي ڏسِي ان جو هيراڪ ته ٿي وڃي ها، کيس سونهن جو ڪو به احساس ته نه هجي ها، پر هو پاڻ بدصورتيءَ جو هڪ مثال هجي ها.... فطرت ۾ سونهن آهي، حُسن سمايل آهي، خوبصورتي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ ۾ به سونهن آهي، ماڻهوءَ ۾ به حسن جو ڏيک آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ به وڏي خوبصورتي پرٽيل آهي، پر جيئن ته ماڻهو سڄيءَ ڌرتيءَ تي پکڙيل آهي، هن نيون نيون ۽ ٻيون ٻيون حسناڪيون پَسيون آهن، ان ڪري سونهن کي پَسڻ ۽ پرکڻ جا طور طريقا به ماڻهوءَ وٽ ٻيا ٻيا آهن، پر انهن سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي سونهن کي پسڻ ۽ سونهن کي ساراهڻ، ۽ حاصل مطلب ته، پاڻ به سونهن جو چِٽيندڙ بڻجڻ.... سونهن جو هڪ اظهارُ سنڌ جي نالي واري شاعر سعيد ميمڻ به پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي: تنهنجي گھر جي مٿان- چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي! چوڏهينءَ ڇوليون کيرَ جون، مان ڪَپرَ جي مٿان- چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي! پيرَ ناريءَ جا واريءَ تي، رات ٿرَ جي مٿان- چنڊ بيهي رهيو آ، سَکي! فطرت جي سونهن ۾ انيڪ روپ ۽ رنگ آهن، جيڪي اسان کي موهيندا آهن. ڏينهن جي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجي خوبصورتي رکي ٿي، ته رات جي حسناڪي وري دل ۽ دماغ تي اثر ئي ٻيو ڪندي آهي.... فطرت جو صبح جيڪي افق ۾ رنگ وکيريندو آهي، تن جا اکڙين ۾ جيڪي رنگ رچندا آهن، اهي صرف ڏسڻ سان ئي تعلق رکن ٿا، ساڳيءَ طرح پکين جون لاتيون ڪنن ۾ امرت گيت اوتينديون آهن، ته ڪائنات جا حسين نغما ڄڻ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندا آهن، ۽ هن سنسار تي بي اختيار ۽ بي پناهه پيار ايندو آهي. صبح سمي جي دنيا هڪ نئين دنيا هوندي آهي، جنهن کي منجھند تائين سمهندڙَ ڪڏهن به پَسي نه سگھندا ۽ نه ئي ان جي احساس کي لفظن منجھان سمجھي سگھندا.... فطرت جو حسن شهرن ۾ ناهي هوندو، اهو ته ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ رچيل هوندو آهي. ڳوٺ جي خوبصورتي جنهن فضا ۾ ساهه کڻندي آهي، ان فضا ۾ گهرا گهرا ساهه کڻي ئي، ان جي چاهه کي اندر ۾ اوتجي، ته فطرت جي موج ۽ مستيءَ سان گڏ ان جِي نرميءَ جو به احساس ٿئي، باقي جيئي ته هَر هڪ ٿو، پر سوال آهي ته ان جيئڻ کي به ڪو جيئڻ چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ ماڻهو حسناڪين کان، سونهن ۽ سنگيتن کان وانجھيل هجي ۽ وقت کي گذاريندو هجي! ڏينهن جي سونهن کي ته ٻن چئن لفظن ۾ اظهاريوسين، پر رات جي سونهن، جيڪا چنڊ ۽ ستارن ۾ پوئيل آهي، تنهن کي ڪيئن بيان ڪجي! جيڪا وسعت ستارن جي دوريءَ ۾ آهي، اها انهن کي هڪ ٻئي جي ڪيڏو نه ويجھو رکيون ويٺي آهي! چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ نيڻن کي جيڪا ٿڌاڻ ملي ٿي، تنهن لاءِ لفظن جي وڏي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ ستارن جي جوت جيئن ڪاري آسمان تي چمڪَ ٽاڪي ٿي، ان حسن کي ڀلا اکڙين ۾ ڪيئن سمائي سگھجي ٿو! چنڊ نه هوندي، رات- تارن کي ٽاڪي پئي. ماڻهو پڻ هن ڌرتيءَ تي هڪ حسين جاندار جي حيثيت رکي ٿو، پوءِ اهو معصوميت جي صورت ۾ ٻار هجي، مردانگيءَ وارو حُسن رکندڙ مرد هجي، نفاست رکندڙ من موهڻي عورت هجي يا بزرگيءَ وارو ڄمار ۾ پهتل ٻاجھ ڀريو وجود ـــــــ ماڻهو هر روپ ۽ رنگ، عمر ۽ انداز ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هستي آهي.... ڀلا، ٻار جي لاغرض پيار ۾ ڪيڏو نه وڏو سنسار سمايل هوندو آهي! ٻار جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي نه ڪَنن ۾ ماکي اوتيندڙ مٺاڻ هوندي آهي! ٻار جي ٽهڪن ۽ مُرڪن ۾ ڪهڙي نه پنهنجائپ هوندي آهي ۽ ٻار جي رُسامي ۾ اڻ مَئي معصوميت، پوءِ اهو ٻار پُٽ هجي يا ڌيءَ! اها ڳالهه بي معنى آهي ته پُٽ افضل آهي ۽ ڌيءَ ڪمتر، جيڪو ايئن سوچي ٿو، تنهن کي پنهنجيءَ سوچ تي افسوس ڪرڻ گھرجي.... ٻئي طرف مرد جي سونهن، سندس حسنُ زندگيءَ سان جدوجهد ۾ سمايل آهي، جيڪو مرد اها جدوجهد ڪري ٿو، اهو ڪوجھو هوندي به حسين آهي ۽ جيڪو اها جدوجهد نه ٿو ڪري، اهو حسين هوندي به زندگيءَ جي سونهن کان وانجھيل آهي، ان سونهن کي اهو مرد ٿُـڏي ٿو.... ظاهري سونهن پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مرد جي جيءَ جِي سونهن، جيڪا حسناڪي هن ڌرتيءَ کي بخشي آهي، ان جي بيان لاءِ دفتر گھرجن، ٻن چئن جملن توڙي گفتن ۾ ان کي پوريءَ طرح ته ڇا، ٿورو به ٻڌائي نه ٿو سگھجي. تنهن کان سواءِ، ڏسجي ته دنيا جي تاريخ ۾ مرد جي جسماني سونهن کي پڻ اهميت حاصل رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته حسين مردن انيڪ خوبصورت ۽ خوب سيرت عورتن توڙي مردن کي پئي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي. شعر ۽ ادب جو مطالعو ڪجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته عورتن سان گڏ مردن جي سونهن ۽ عاشقيءَ جا قصا پڻ وڏي چاهه سان لکيا ۽ ڳايا ويا آهن.... ٻئي طرف، عورت جي سونهن، سندس خوبصورتي، هن جو حُسن وڏو موهه رکي ٿو جنهن مرد جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ سوڌو ڪائنات جي سونهن سان به ٽڪرُ پئي کاڌو آهي. جيتوڻيڪ عورت جي سيرت کي پڻ اهميت ملندي رهي آهي، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان کان گھڻو وڌيڪ، پهرينءَ چونڊ ۾، عورت جي تَن جِي سونهن ۽ مُنهن جي مهتابيءَ کي ئي پسند ڪيو پئي ويو آهي. عورت جي عزت، اهميت ۽ شجاعت کي ثانوي پئي ليکيو ويو آهي.... عورت جي سونهن جو اظهار خاص ڪري مصوريءَ ۽ شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جيڪي ئي پڻ اهو ذريعو آهن ته ماضيءَ ۾ ڪيل عورت جي حسناڪيءَ بابت ڄاڻڻ جو. هاڻ به بنيادي ذريعو اهي ئي آهن، جيتوڻيڪ پرنٽ ميڊيا ۽ خاص اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان حوالي سان تمام گھڻو ابلاغ ٿي رهيو آهي، جنهن عورت جي سونهن کي بازاري وکر بڻائڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي. اهو هڪ نهڪاري رُخ آهي، جيڪو عورت جي سونهن بابت وڏي شَد سان، ورِي ورِي اظهارجِي رهيو آهي.... بهرحال، عورت جي سونهن کي انيڪ ماڻهن پنهنجي پنهنجي ذهني ۽ بياني سگھ آهر ٻڌائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن جو اظهار پراڻ پسند، ته ڪنهن جو نواڻ پسند پئي رهيو آهي. ڪنهن برشن ۽ رنگن سان عورت جي حُسن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چِٽيو آهي، ته ڪنهن لفظن جي انتخاب وسيلي ان سونهن جا گيت ڳاتا آهن. جــهـــڙا گـل گـلاب جـا، تـهــڙا مـٿـن ويــــس، چوٽـا تيـل چـنـبـيـلـيا، هـا هــا هــو هَــمــيــشَ، پَسيو سونهن سيد چئي، نيهن اَچن نيـشَ، لالــــڻَ جــي لِـبـيــسَ، آتــڻِ اکـــرُ نـه اُڄَـهــــي. (شاهه) تنهن کان سواءِ، بزرگيءَ واري پد تي پهتل وجود ـــــــ بابا توڙي امان، ڏاڏو توڙي ڏاڏِي يا نانو توڙي نانِي ـــــــ گھر ۽ ڪُٽنب جي سونهن ۽ خوبصورتي آهن، اهي گھرَ ۽ ڪُٽنب جا وڏا آهن، پر بدقسمتيءَ سان کين نـظر انداز ڪيو وڃي ٿو. گھر تڏهن ئي مڪمل بڻجندو آهي جڏهن ان ۾ ڪو وڏو رهندڙ هوندو آهي.... اهي سڀئي بزرگ اسان جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ ۽ دعائن جا در آهن. انهن جي هئڻ سان گھر ۾ پنهنجائپ ۽ ميٺ محبت جو احساس پيدا ٿئي ٿو. وڏن جون صلاحون سدائين مخلصيءَ سان ڀرپور هونديون آهن، جن ۾ هر هڪ ڀاتيءَ لاءِ سِڪ ۽ برابريءَ جو سمنڊ مَوجزن هوندو آهي ۽ پيار جون ڇوليون سڀني کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتيون هونديون آهن. اوهان ڪڏهن ته ان پيار جي سونهن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.... سونهن صرف جوان چَمڙيءَ ۾ ناهي هوندي، اها پوڙهي ابي ۽ امڙ جي گُھنجن ۾ به هوندي آهي، ته ڏاڏا، ڏاڏيءَ ۽ نانا، نانيءَ جي ڏڪندڙ هٿن ۾ به هوندي آهي. سونهن، حسن ۽ خوبصورتيءَ جا تصور ڪي ننڍڙا ۽ بيٺل تصور ناهن، اهي ته انتهائي وڏا، وسيع ۽ اڳتي وڌندڙ تصور آهن. اسان جا وڏا، ڪائنات جي حسناڪيءَ جو هڪ حصو آهن، جيڪا هو پنهنجي اولاد، يعني اسان ۾ منتقل ڪن ٿا، ۽ ان ريت سونهن جي منتقليءَ جي تسلسل کي برقرار رکن ٿا.... سونهن سدا حيات آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سدا رهڻي آهي. ***
جــهـــڙا گـل گـلاب جـا، تـهــڙا مـٿـن ويــــس، چوٽـا تيـل چـنـبـيـلـيا، هـا هــا هــو هَــمــيــشَ، پَسيو سونهن سيد چئي، نيهن اَچن نيـشَ، لالــــڻَ جــي لِـبـيــسَ، آتــڻِ اکـــرُ نـه اُڄَـهــــي. (شاهه) تمام بهترين سائين۔