نوري ڪيو ناز

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    نُوريءَ ڪيو ناز

    سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ضلعن ۾ ڪي نه ڪي اهڙا ماڳ مڪان موجود آهن، جيڪي تاريخي طور اهميت رکن ٿا ۽ گھمڻ ۽ ڏِسڻ وٽان آهن. نه صرف گھمڻ ۽ ڏسڻ وٽان، پر اهي هڪ دَور جو داستان پڻ پنهنجي اندر منجھ سمايون ويٺا آهن، جنهن کي پُڙهڻ، پُرجهڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان، هڪ تاريخي ضلعي ۽ شهر ٺـٽي جو نانءُ اچارڻ سان جيڪي ماڳ مڪانَ بنا دير ذهن جي اسڪرين تي اڀري اچن ٿا، تن ۾ بادشاهي مسجد، مڪليءَ جو تاريخي قبرستان ۽ ايشيا کنڊَ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ڪينجھر سرفهرست آهن. ڪينجھر نه صرف ايشيا جِي وڏي ۾ وڏي، ميلن ۾ پکيڙيل حسين ڍنڍ آهي، پر اها نوري نماڻي ۽ سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جي لازوال ۽ بي مثال محبت جي نشاني پڻ آهي. نوري ۽ ڄام تماچي سنڌ جا ٻه اهڙا امر ڪردار آهن، جن ننڍ-وڏائيءَ کي ڪڏهن نه ڏٺو، جن اميريءَ ۽ غريبيءَ جا فرق مِٽائي ڇڏيا، جن جي محبت جي ڪَٿا صدين کان وٺي پيار ڪندڙ سنڌين جي سيني ۾ هَلندي آئي آهي ۽ صدين تائين قائم ۽ دائم رهڻي آهي. سنڌ جي سائين، حضرت شاهه لطيف عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ سندن داستان کي ”سُر ڪاموڏ“ ۾ ڳايو آهي.
    شاهه سائين فرمائي ٿو:
    هيٺِ جَر، مٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وڻراهَه،
    اچي وڃي وچ ۾، تمــاچـــيءَ جِي سـاءَ،
    لڳي اُترَ واءَ، ڪينجھرُ هنـدورو ٿِـئـي.
    ڪيڏي نه وڻندڙ منظرنگاري آهي! اهڙو ته اتر جو واءُ ٿو لڳي، جو ڪينجھر هندورو بڻجي ٿِي پوي! ٻئي بيت ۾ شاهه فرمائي ٿو:
    هيٺ جَر، مٿي مڃرُ، ڪنڌيءَ ڪَونرَ تَرنِ،
    ورئي واهُوندَنِ، ڪينجھـر کـٿـورِي ٿِـئـي.
    جناب غلام محمد شاهواڻي جي جوڙيل ”شاهه جي رسالي“ ۾، نوري-ڄام تماچيءَ جي قصي بابت لکيل آهي ته ”سمي گھراڻي جو هاڪارو حاڪم، ڄام تماچي ٺٽي ۾ حڪومت ڪندو هو. سندس حد ۾ هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان، ڪينجھر ڍنڍ جي ڪَپ تي ڪيترائي مهاڻا رهندا هئا. اهي ڪاثر ڪري ڪارا ۽ ڪوجھا هوندا هئا، پر منجھن، نوريءَ نالي هڪڙي نينگر، نهايت حسين هوندي هئي. هڪ لڱا، ڪينجھر ڍنڍ تي سير ڪندي، ڄام تماچيءَ جي نظر وڃي نوريءَ تي پئي. هن جو نوراني نراڙ ۽ ناز ڀريا نيڻ ڏسي، ڄام جي من ۾ محبت جي ميخ لڳي ويئي؛ ترت ئي مهاڻن کان سڱ ڇڪيائين. مهاڻن جون ڏهه ئي گِهه ۾ پيون سو خوشيءَ سان قبول ڪيائون، پوءِ ته شاديءَ لاءِ منڊل منڊجي شادمانا ٿي ويا. نوريءَ سان ڏاڍا سنهج ۽ سولايون ٿيون، مهاڻن تان محصول معاف ٿي ويو ۽ ڍنڍ امداد ٿي ملين. آخر ڄام نوريءَ کي نوازي، آڻي محلات ۾ راڻين سان راڻي ڪري رهايو. ڄام جو نوريءَ تي ايترو ته آر هوندو هو، جو ڪڏهين ويهي مورڇل مٿانئس هڻندو هو، ته ڪڏهن شيل شڪار لاءِ پاڻ سان ڪينجھر ڍنڍ تي وٺي ويندو هوس. سو سڀ ڪا پيئي نوريءَ اڳيان نِمندي هئي. خود سَميون به اچيو هن جو نياز ڪنديون هيون. انهيءَ اوج ۽ عزت هوندي به، نوريءَ جو من نه وڌيو. هٺ ۽ وڏائيءَ جو منجھس نالو ئي ڪو نه هو.“
    حضرت سچل سرمست جي سرجيل ”سُر نوري“ مان ٻه بيت اوهان جي نذر:
    نـوريءَ ڪيـو نـازُ، ٿِـي ريـجھـائـي راوَ کـي،
    نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيو اُنهن جو ڪري.
    *
    بيـهــودا بي آب، هــئـا اڳـي ڪينـجھـرَ ڪـنـڌئـيـن،
    پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنهن جا جوڙَ جوابَ،
    ٻِـيـا سـڀ حــرفَ حـســابَ، مَــلاحـن مـعــافـــي ٿـيــا.
    ***
    هَٺُ، وڏائي، لَئه، آڪڙ ماڻهوءَ کي ڏاڍو نقصان رسائيندي آهي، پوءِ اهو ماڻهو مرد هجي يا عورت، جوان هجي يا پوڙهو. هَٺ توڙي وڏائيءَ کي هر سياڻي ۽ سمجُهو ماڻهوءَ سدائين پئي نِنديو آهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ نصيحتون پئي ڪيون آهن. هُونءَ به ڏسجي ته جن ماڻهن هَٺ ۽ آڪڙ کي ڇڏي، نهٺائيءَ ۽ نِوِڙت سان زندگي گذاري آهي، تن زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪجھ نه به ماڻيو هجي، ته به انهن سُڪون ضرور ماڻيو آهي ۽ پاڻ کي پُرسڪون رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هَٺ سان ماڻهوءَ جو من به بي سڪون بڻجي پوندو آهي. ڀلا، جيڪڏهن هَٺ ئي ڪرڻو آهي، ته پوءِ ڏسجي ته ان مان اسان کي حاصل ڇا ٿو ٿئي! سڀ کان اهم ڳالهه ته هَٺ سان ماڻهو اڪيلو بڻجي ٿو وڃي، ۽ اوهان چڱيءَ ريت ڄاڻو ٿا ته اڪيلائي ماڻهوءَ کي ڪيڏي نه تڪليف مان گذاريندي آهي! ڪنهن اهڙي سمي، جڏهن ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪو وٽس هجي، پر هٺيلي ماڻهوءَ وٽ ان وقت ڪو به ناهي هوندو، جيڪو سندس حال ڀائي ٿي سگھي ۽ سندس اڪيلائيءَ جي عذاب کي گھٽائي سگھي. ان ڪري هٺ کان وڌ ۾ وڌ پاسو ڪرڻ جي سِکيا سڀني مذهبن ۾ پڻ ڏني وئي آهي، نه صرف پاسو ڪرڻ جِي، پر ان کي مارڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي.
    ***
    پنهنجي طبيعت، مزاج ۽ رويي جي ڪري هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان مختلف آهي، نه ته شڪل صورت ته ماڻهن جي مڙيوئي هڪجھڙي آهي، پوءِ ڪو پورو ساترو آهي ته ڪو حسين لڳي ٿو، ڪو سانولڙو آهي ته ڪو ڳاڙهو يا ڀورو! پر اهي طبيعت، مزاج يا رويي جا اولڙا ماڻهن جي مُنهن يا مُک تي خاص طور ظاهر ٿيندا آهن، جنهن لاءِ اڄ ڪلهه ”چهري“ جو لفظ گھڻو استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻهوءَ جي ٻِي جسماني بيچينيءَ مان به اهڙين ڳالهين جو پتو پيو پوندو آهي، ته اهو ماڻهو پنهنجي من اندر ڪهڙي ڳالهه لڪايون ويٺو آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن جي منهن يا چهري مان سندس اندر جون ڳالهيون ظاهر نه ٿينديون آهن، اهڙا ماڻهو يا ته ڏاڍا گهرا هوندا آهن جيڪي پنهنجين ڀاونائن جو اظهار ناهن ڪرڻ چاهيندا يا وري ٻيا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي چهري تي ٻيو چهرو چڙهيل هوندو آهي، جيڪو سندن ڳالهين کي لڪائيندو آهي. اِهي اُهي ڳالهيون هونديون آهن جيڪي سندن مفاد پرستيءَ واريون، سندن خود غرضيءَ واريون هونديون آهن. اهڙا ماڻهو ڄڻ ته ٻهروپي هوندا آهن يعني ٻن روپن وارا، جن جون هڪ روپ ۾ هڪڙيون ڳالهيون ۽ ٻئي روپ ۾ ٻيون ڳالهيون هونديون آهن، اهي بظاهر هِڪُ هوندا آهن، پر اصل ۾ ٻيا هوندا آهن. ان ڪري اهڙن ماڻهن کي پرکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، پوءِ ڀلي ته سندن چهري تي ٻيو چهرو چڙهيل هجي. وفا ناٿن شاهيءَ جو ان حوالي سان هڪ شعر هن ريت آهي:
    پنهنجي چهري تي رکي چهرو ٻيو،
    پنهنجي عيبن کي لڪائينـدو رهيـو.
    وفا ناٿن شاهي سنڌ جو هڪ نالي وارو شاعر ٿي گذريو آهي. خاص طور هن غزل ايڏا ته ڀرپور ۽ ايڏا ته گھڻا لکيا آهن جو کيس ”سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر“ جو لقب به ڏنو ويو. وڏي ڳالهه ته سندس مادري ٻولي پنجابي هئي، پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ته خوبصورتيءَ سان شعر چيا آهن، جو مادري ٻولي سنڌي وارا ڪيترائي شاعر به مشڪل سان چئي سگھندا. اها وڏي ڳالهه آهي، جيڪا پڻ وفا ناٿن شاهيءَ کي انفراديت بخشي ٿي. وفا ناٿن شاهيءَ جو سرجيل هڪ خوبصورت غزل هن ريت آهي:
    اَڌ جوابن ۾، اڌ سوالن ۾،
    رات گذري پري جمالن ۾.

    جو به پيئندو ويو سو جيئندو ويو،
    ڇا هيو زهر جي پيالن ۾؟

    سج تپندا رهيا اميدن جا،
    عمر ڳرندي رهي ڪشالن ۾.

    ونڊ ۽ ورڇ کان سوا ڇاهي،
    مذهبن، ذاتين ۽ نالن ۾!

    هڪ ئي مشعل جي روشني آهي،
    مسجدن، مندرن، شوالن ۾.

    ڪو حقيقت جيان رهي ٿو ’وفا‘!
    منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾.

    ***
    دوستي وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هاڻي عام طور چيو ويندو آهي ”سچِي دوستي“. معنى ته، دوستيءَ اهڙا ته انداز بدلايا آهن، ٻين لفظن ۾ ڌوڪا به ڏنا آهن جو هڪڙي دوستي ”سچي“ ۽ ٻي دوستي ”ڪوڙي“ آهي. اها ڪوڙِي دوستي نالي ۾ ته دوستي آهي، نه ته اصل ۾ دشمني يا آزار آهي.... دوستي دوستَ سان سلهاڙيل آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دوست به سچا ۽ ڪُوڙا ٿين ٿا. سچا دوست ته قدرت جو انمول تحفو آهن، جيڪي پنهنجو سِر به دوست تي قربان ڪري ڇڏيندا آهن، پر ڪُوڙا دوستَ دوستيءَ جي نالي تي ڪارو چُٽو يا بدنما داغ آهن، جنهن کي ڏسڻ سان ڪراهت ايندي آهي. سچي دوستيءَ جو ڏيکاءُ ڪندڙ انهن ڪوڙن دوستن جيترو دوستيءَ کي بدنام ڪيو آهي اوترو دشمنيءَ به ناهي ڪيو. ڪنهن ماڻهوءَ جو چوڻ آهي ”منهنجو پهريون دوست ئي منهنجو پهريون دشمن آهي.“ جيتوڻيڪ اهڙا جملا دوستيءَ تان ايمان کڻائيندڙ آهن، پر دوست ۽ دوستيءَ جي واکاڻ ۾ به گھڻو ڪجھ چيو ويو آهي. مثال طور: ”دوست هزار به گھٽ، دشمن هڪ به وڌيڪ“ يا ”دوستي گلاب جو گل آهي، جنهن ۾ ڪوئي ڪنڊو نه آهي“ يا ”دوستيءَ جي قربت، بنسبت رشتي داريءَ جي قربت کان، بهتر آهي.“ بهرحال، دوست ۽ دوستيءَ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ايترو ته گھڻو ڪجھ ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ته دوست ڪجن يا نه، ڪنهن سان دوستي رکجي يا نه! تڏهن به ماڻهوءَ کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ اهڙي دوست جي سدائين گھرج محسوس ٿيندي رهندي آهي، جيڪو سندس حال ڀائي ٿِي سگھي، جيڪو ڏک جي ويل پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سگھي، پوءِ ڀلي ته ڪي دوست اهڙا به ڇو نه هجن جيڪي دلداريءَ بدران دل آزاري ڪندا هجن....
    ***
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪينجهر ۽ ڪينجهر جي حسن سان گڏ دوستيء جهڙي لاجواب رشتي تي لکيل اوهان جا ٻئي ليک وڻيا۔ خوبصورت لفظن سان بيان ڪيل لکڻي ۽ لفظن جي رواني سان گڏ شاعريء جي چونڊ به قابل تعريف آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو