ڪـلاچـيءَ جـي ڪُـن کان ڪـراچـيءَ تـائـين(ڪراچيءَ جي تاريخ) ليکڪاحسان حليم سنڌيڪار پروفيسر زاھد علي مگسي (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪتاب نمبر: 126) (مان ’’ آخر ڪراچي نالو ڪٿان آيو‛‛ پيج نمبر 23 کان 34 تان ڪمپوز ڪري توھان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آھي اميد ته توھان سڀني ساٿين کي ضرور پسند ايندو. جيڪڏھن ڪٿي ڪا غلطي ٿي وئي ھوندي ته ضرور نوٽ ڪرائڻ سان گڏ پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاه ڪندا.)ايس ايم درسپروگرام ڪوآرڊينيٽر ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ سي ڊي اين ملير آخر ڪراچي نالو ڪٿان آيوڪجھه وقت اڳ تائين انسان قطي طرح قدرت جي رحم ڪرم تي ھوندو ھو. سندس آبادي اڳي گھڻي ھوندي ھئي جتي کيس پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ جانورن لاءِ گاھ دستياب ھوندو ھو. کاڌي پيتي جي شين حاصل ڪرڻ لاءِ کيس زمين آباد ڪرڻي پوندي ھئي. يا پاليل ۽ شڪار ڪيل جانورن جي گوشت تي سندس انحصار ھوندو ھو. بندر (Ports) ٻيڙين ھلڻ لائق درياھن جي منھن وٽ وجود ۾ آيا. ۽ اُتي ئي وڌيا ۽ ترقي ٿي ڪيائون. جڏھن ندين جو پاڻي ان ھنڌ سڪي ويندو آھي ته اُھي بندر پڻ نه رھندا آھن ڇا ڪاڻ ته پاڻي نه ھجڻ ڪري يا گھٽ ٿيڻ ڪري منجھن مٽي ڀرجي ويندي آھي. اھو ئي سبب آھي ته ندين شھر اڏيا ۽ تباھ ڪيا آھن. ندين جڏھن به پنھنجو رخ تبديل ڪيو آھي ته ھنن جي انھيءَ تبديليءَ شھرن جي قسمت پڻ بدلائي ڇڏي آھي. اسان جي امڙ سنڌو ندي پڻ پنھنجي رُخ بدلائڻ ۾ ڪنھن حد تائين مشھور آھي. ھن جا مختلف جاين تي ڪيترائي آثار لڌا ويا آھن. ڪو وقت ھو جڏھن سنڌو ندي جو وھڪرو ٺٽي وٽ ھوندو ھو ۽ ڪنھن سمي وري موجوده ميرپور ساڪري جي ڀرسان وھندي ھئي. اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته ڦٽي (Phttee) جتي سندس جھاز اچي لنگرانداز ٿيو ھو اتان ڪلفٽن تي مقبرو (عبدالله شاھ غازي جو مقبرو) ۽ منھوڙي جو قلعو صاف نظر اچي رھيو ھو.ان جو مطلب اھو ته اانھن ڏينھن ۾ سنڌو ندي ڪراچي جي ويجھو ھئي ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. ڪيٽي ۾ مٽي ڀرجڻ ۽ ندي جي رخ جي تبديلي پڻ ڪراچي جي موجوده ترقي ۽ واڌاري جو ڪارڻ آھي. بدقسمتي سان ان باري ۾ گھڻو نه لکيو ويو آھي، جنھن ڪري اسان کي مجبورن سيٺ نائومل جي يادگيرين تي انحصار ڪرڻو پوندو . سيٺ نائومل جون يادگيريون 1915 ۾ سيٺ پاڻ چپرائي پڌريون ڪيون ھيون. ان ڪتاب جي ايڊيٽنگ سنڌ جي ڪمشنر سر، ايڇ ـ اي جيمس (Sir H.E. James) جيڪو 1891 کان 1899 تائين سنڌ جو حاڪم ھو ڪئي ھئي. ملڪ جي حاڪم جي طرفان ڪتاب جي ايڊيٽنگ ان جي اھميت ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو ھو. سيٺ نائومل ھتان جي ھڪ اھم واپاري خاندان جو فرد ھو. سيڍ نائومل جو اولاد ۽ سندس ٻيا مٽ مائٽ ۽ عزيز وڏا واپاري ۽ شاھوڪار ھئا. سندس حياتي شاھاڻي طرز تي گذرندي ھئي ھنن جي واپار جون ڪوٺيون وچ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ھونديون ھيون ۽ خاص طرح مسقط ۽ امان ۾. انھن علائقن ۾ سندن ٻيڙا (پاڻي جا جھاز) واپار سانگي ھلندا ھئا. ان زماني ۾ سامونڊي ٻيڙن جو زور ھوندو ھو. جھازن جي حفاظت لاءِ وٽن ھڪ ننڍي فوج پڻ ھوندي ھئي. 1700 عيسوي جي اوائل ۾ نائومل جي وڏن مان سيٺ پوڄو مل کڙڪ بندر (Kharak Bander) جيڪو نئن حب جي منھن وٽ ھوندو ھو، واپار سانگي رھندو ھو. اھو بندر ھن جي ٻيڙين بيھارڻ لاءِ بھترين ھو. انھن ڏينھن ۾ درياھ جي پيٽ صاف ڪرڻ ۽ اُتان گڏ ٿيل مٽي ھٽائڻ لاءِ جديد دؤر وانگر مشينون نه ھونديون ھيون. نتيجي ۾ ڏسندي ڏسندي ٻيٽ ٺھي پوندا ھئا. جڏھن ھڪ بندر بند ٿي ويندو ھو ته ماڻھو ٻئي بندر جي تلاش ۾ نڪري پوندا ھئا ۽ اھڙي طرح اُن ھنڌ وڃي آباد ٿيندا ھئا. جڏھن کڙڪ بندر انھن سببن ڪري بيڪار ۽ ڪنھن ڪم جو نه رھيو ته پوڄو مل مناسب جڳھه يا نئين بندر جي ڳولاءِ لاءِ پنھنجا ماڻھو ڊوڙايا. اھڙي طرح ڀوڄومل ۽ سندس خاندان آخر ڪار (ڪلاچيءَ جي ڪن) * وٽ اچي آباد ٿيا ۽ پنھنجون واپاري ڪوٺيون ھتي قائم ڪيائون. ھن ھنڌ تي ان وقت 20 يا 25 گھر مس ھئا. ۽ سڀ جا سڀ مھاڻن جا گھر ھئا. اھڙي طرح پوڄومل ۽ سندس خاندان کڙڪ بندر کان لڏي اچي ڪلاچي جي ڪُن ۾ رھيا ھئا. ڌاڙيلن کان ۽ ٻين جابلو ڦورن کان بچڻ لاءِ ھنن پنھنجي رھائشي جاين ۽ واپاري ڪوٺين جي چوڌاري ھڪ قلعو تعمير ڪرايو ھو، ان قلعي جي ڪري ڪُلاچي جو ڪن ھاڻي ڪلاچي ڪوٽ سڏجڻ لڳو ھو. ( ڪوٽ معنيٰ قلعو، بچاءُ لاءِ گول ديوار) ۽ اھو ڪوٽ اٽڪل 60 جريبن تي تعمير ڪيو ويو ھو. ھڪ جريب برابر آھي اڌ ايڪڙ جي ۽ اھڙي طرح اسان ڏسون ٿا ته اُن وقت ڪراچي جو شھر ٽيھن ايڪڙن تي مشتمل ھو. ان ڪوٽ کي ٻه دروازا ھوندا ھئا. کارو در جيڪو کاري پاڻي يعني سمنڊ طرف کلندو ھو ۽ مٺو در جيڪو لياري نئن جي مٺي پاڻي جي کوھن طرف کلندو ھو. ٻين لفظن ۾ ھڪ دروازو سمنڊ طرف کلڻ ڪري کارو در سڏبو ھو ته ٻيو مٺي پاڻي طرف کلڻ ڪري مٺو در سڏبو ھو. ان وقت جو ڪراچي ھاڻوڪي شھر جي ھڪ حصي کارا در تائين محدود ھوندو ھو. پوڄومل ۽ سندس خاندان جا جھاز ممڪن آھي ته ان ھنڌ اچي لنگر انداز ٿيندا ھجن جنھن کي اڄ ڪالھه بھار ڪالوني سڏيو وڃي ٿو. ڇا ڪاڻ اھڙو ڪو شخص اڃان به زنده آھي جنھن پنھنجي پيءُ ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي کان اُن زماني بابت ڪجھه ٻڌو ھجي ته ھتي ڇا ھو ۽ ڪيئن ھو؟ ڇا اسان اھو سوچڻ ۾ حق بجانب آھيون ته کارا در جي مٽي ۾ اُن پراڻي وقت جون ڪجھه نشانيون يا شيون دفن ٿيل آھن؟ مثلن اُن وقت جي توبن جا گولا يا سڪو جنھن کي ستارمس (Sitaramis) چيو ويندو ھو؟ اسان جي خيال ۾ ھنن مان ڪا نه ڪا شي کوٽائي کانپوءِ يقينا ملي سگھي ٿي. * نوٽ: ڪلاچي ھڪ مھاڻي عورت ھئي ڪن جو چوڻ آھي ته اھو مرد جو نالو ھو ــ ڪُن ــ درياه جي ڦيري يا گمري کي چوندا آھن، ڪيترا ان جي معنيٰ تلاءُ پڻ ڪندا آھن. ان وقت واپارين کي ھميشه حملي جو خطرو رھندو ھو، اھو ئي سبب آھي ته ھو پاڻ کي اھڙن خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رکندا ھئا. نائومل لکي ٿوته ڪوٽ جي تعمير تعمير کانپوءِ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سوچيو ويو ھو. نائومل جي لکڻ مطابق پوڄواڻي خاندان جي فرد آسودي مل ان موضوع تي ھڪ پاڪ دامن عورت بيبي مرادان کان پڻ صلاح ورتي ھئي. * جنھن پڻ ان تجويز سان اتفاق ڪيو ته ڪوٽ کي مضبوط ڪرڻ بھتر ٿيندو. * ھن پاڪ بيبي جي وڌيڪ تفصيل نه ٻڌائي وئي آھي ته ھو ڪير ھئي ڪنھن جو اولاد وغيره صرف سندس نالو ڄاڻايو ويو آھي.توبون، بندوقون، ضروري بارود وغيره مسقط ۽ امان مان گھرايو ويو.چند سؤ جوکيا، نومڙيا قبائلي محافظ طور مقرر ڪيا ويا ۽ اھڙي طرح ڪوٽ تيار ٿي ويو. ھن قلعي يا ڪوٽ جو تفصيلي تذڪرو برگيڊيئر ويلينٽ (Brig. Valiant) جڏھن 1839 ۾ ڪراچي، ٽالپر حاڪمن کان فتح ڪيو ھو، پنھنجي رپورٽ ۾ ڪيو آھي. جيڪا ھن حڪومت کي پيش ڪئي ھئي. ڪراچي ڪيمپ، 5 فيبروري 1839. برگيڊيئر صاحب ٻڌائي ٿو ته پنھنجي 3 فيبروري واري رپورٽ جي حوالي سان ڪمانڊر ــ ان ــ چيف صاحب جي اطلاع لاءِ اھو عرض ڪندي خوشي ٿو محسوس ڪيان ته ھر ميجيسٽي جي چاليھن ريجيمنٽ (40 Regiment) کانسواءِ ھڪ سو سپاھين جي جيڪي سرئن (Syran) شايد ملڪ شام مان ھن ھنڌ ڪراچي پھتا آھن. مون تمام تفصيل سان شھر ڪراچي ۽ ان جي قلعي يا ڪوٽ جو معائنو ڪيو آھي. قلعو واقعي مضبوط ٺھيل آھي ۽ ان تي ھڪ طرف بُرج ٺھيل آھي. ھر برج ۾ مختلف قسمن جون ٻه ٻه توبون رکيو ويون آھن. ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪيترن ئي سالن کان ساڳي جاءِ تي رکيل آھن. ڪوٽ جو ڀتيون مٽي ۽ گاري سان ٺھيل آھن برجن ۾ ٿورو گھڻو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي. قلعو ھٿرادو دڪو ٺاھي اُن جي مٿان ٺاھيو ويو آھي. ان جو ڀتيون 18 فوٽ کن ويڪريون ۽ قلعي کان اٽڪل 10 فوٽ مٿي آھن. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪيتري وقت کان وٺي قلعي جي مرمت نه ڪرائي وئي آھي. جنھن ڪري ان جو ڀتيون ۽ برج خسته حالت ۾ آھن. ماڻھو قلعي جي ڀتين ۾ ٿيل سوراخن يا ٽنگن مان ايندا ويندا آھن، قلعي کي دروازا آھن. انھن مٿان برج ھجڻ ڪري قلعي جو شان وڌي ويو آھي. برجن مٿان بلوچ پھريدار ھر وقت موجود رھن ٿا. مون قلعي جي ٻنھي دروازن تي يورپي نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ ھڪ سپاھي بيھاري ڇڏيا آھن. ڪنھن کي بنا اجازت جي قلعي جي اندر وڃڻ جي ممانعت آھي. ۽ وڌيڪ ته چند نان ڪميشنڊ آفيسر ۽ سپاھي پڻ قلعي اندر تعنيات ڪيا ويا آھن. ته جيئن گھٽين ۽ رستن تي گشت ڪندا رھن ته جيئن اسان جو ڪو ماڻھو ڪنھن خرابي جو مرتڪب ٿي نه سگھي. کاري طرف جيڪو دروازو کلي ٿو، ان پاسي مٺي پاڻي جي دستياب نه ھجڻ ڪري اھو شھر جي ٻئي پاسي کان لنگرانداز ٿيل جھازن کان حاصل ڪيو ويندو آھي. ٻين جڳھين تي ڪيترائي مٺي پاڻي جا کوه آھن. جن مان کوڙ سارو مٺو پاڻي حاصل ٿئي ٿو، ان ڪري ھتي ڪيترائي سٺا باغ موجود آھن. انھن کوھن مان پاڻي ڏھن کان ٻارھن فوٽن جي گھرائي تائين کوٽائي ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. اسان لاءِ اھا نئين ۽ عجيب ڳالھه ھئي ڇا ڪاڻ ته ھتي اچڻ کان اڳ ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ھو ته ھتي مٺي پاڻي جي سخت اڻاٺ آھي. اھا ڳالھه حقيقت جي برعڪس آھي. ھتان جو بندر (Port) بھترين آھي. جنھن ۾ ھر قسم جا جھاز سال جي سموري موسمن ۾ لنگرانداز ٿي سگھن ٿا. ان ڪري منھنجي ناقص راءِ ۾ اسان کي ھي بندر ان وقت تائين پنھنجي قبصي ۾ رکڻ گھرجي جيستائين اسان جون فوجون سنڌ ۾ موجود رھن، تنھن زماني ۾ ڪراچي اھڙو شھر ھو. ان کان اڳ ۾ جو اسان پنھنجي ڳالھه کي اڳ تي وڌايون، توھان جو ڌيان ھڪ اھم واقعي ڏانھن ڇڪائڻ چاھيان ٿو جيڪو توھان پاڻ به نوٽ ڪيو ھجي توھان محسوس ڪيو ھوندو ته انگريزن ڪيتري نه آساني سان ڪراچي ڪوٽ تي قبصو ڪيو ھو. ھڪ يورپين نان ڪميشنڊ آفيسر ھر ھڪ برج تي تعنيات ڪيو ويو ھو ۽ ڪجھه سپاھين کي شھر اندر امن امان قائم رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو ۽ بس. ھن افسوسناڪ واقعي يعني انگريزن جي ڪراچي فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ مير فتح علي ٽالپر والي سنڌ 2000 ھزار سپاھين تي مشتمل ھڪ مضبوط فوج ڪلاچي ڪوٽ فتح ڪرڻ لاءِ موڪلي ھئي ۽ لڳاتار ٽي دفعا ان فوج جو گھيرو ڪيو ھو ليڪن ان کي ناڪام ٿي واپس موٽڻو پيو ھو. اھڙي طرح ھن قلعي ٻه دفعا ٽن ٽن مھينن جي گھيري کي ناڪام ڪيو ھو. ليڪن ھاڻي ڇا ٿيو ھو؟ مٺ جيترا يورپي فوجي ان ساڳي قلعي کي فتح ڪن ٿا. ۽ پنھنجي قلعي کي برقرار رکڻ لاءِ صرف ھڪ ريجمنٽ جو رکڻ مناسب سمجھن ٿا ۽ بس ! ان جو سبب دريافت ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه آھي. ان وقت ملڪ سنڌ اندروني خلفشار جي ڪري ورھايل ھو. ملڪ جي مختلف طبقن ۽ مختلف مذھبن جي مڃڻ وارن جي وچ ۾ ڪو ايڪو نه ھو، بلڪ ھڪ مذھب جي مڃڻ وارن جي جدا جدا فرقن جي مڃيندڙ ۾ ڪو اتحاد ۽ ٻڌي نه ھئي. اھو ئي سبب آھي ته ان وقت غدارن ۽ مخبرن جي ڪمي نه ھئي ۽ جن ئي فاتح قوم جي آجيان ڪئي ھئي. انگريزن جي فتح ۽ وقت جي مقامي حڪومت جي ناڪامي ۽ شڪست جو سبب ٻين کان علاوه غدار عنصرن غداري اھم ڪردار ادا ڪيو ھو. بھرحال اسان وڏيون وڏيون ٻيرانگھون ڀري ڪيترين ئي صدين جو فاصلو طئي ڪري آيا آھيون. جنھن وقت جو اسان ذڪر ڪري رھيا آھيون، ان وقت ڪلاچي جي ڪوٽ ۾ ڪو به يورپي موجود نه ھو. سيٺ ڀوڄومل پنھنجو دڪان مس کڙو ڪيو ھو ۽ پنھنجي ڪاروبار جي تنظيم ۾ مصروف ھو. ڪراچي ٻئي پاسي شاھ بندر * جيڪو سنڌو ندي جي ڇوڙ وٽ اھن بندر ھوندو ھو آھستي آھستي لٽجڻ شروع ٿيو ھو ۽ جنھن ڪري اُتان جا ماڻھو لڏي اچي ڪراچي ۾ آباد ٿي رھيا ھئا. اھڙي طرح سان ھن شھر جي آبادي ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿي رھيو ھو. ان کان علاوه ڪراچي جي آبادي وڌڻ جو ھڪ ٻيو سبب پڻ ھو. ڊاڪٽر سورلي جي لکڻ موجب ’’ افغان چاھيو ٿي ته سمنڊ تائين پھچڻ جو ھڪ نئون رستو تيار ڪيو وڃي جيڪو ڪراچي، مڪران ۽ ڪلات کان ٿيندوسمنڊ تائين پھچي ھن رستي جو فائدو اھو ھو ته ان ذريعي ڪلھوڙن جي زير انتظام علائقي کان بچي سمنڊ تائين پھچي ٿي سگھيا. افغان جي اھڙي خواھش ۽ ضرورت ڪراچي جي موجوده حثيت ۽ واپاري مرڪز طور ترقي لاءِ جوبدار آھي‛‛ بھر حال سبب ڇا به ھجي ڪراچي جو شھر آباد ٿيڻ ۽ قائم رھڻ لاءِ وجود ۾ آيو ھو ۽ ڏينھن رات سندس ترقي ۾ اضافو ٿي رھيو ھو. ليڪن ان مھل تائين سندس اھميت ماڻھن جي دلين ۽ ذھنن ۾ پوري طرح واضع ٿي نه سگھي ھئي. ڪراچي جاگرافي لحاظ کان سنڌ جو حصو آھي سياسي ۽ انتظامي طرح سنڌ ۾ واپس اچڻ کان اڳ ۾ رياست قلات جو حصو ھئي. ليڪن غير سرڪاري طرح ھي ھڪ آزاد بندر (Free Port) ھوندو ھو. جيستائين منھنجي تحقيق جو تعلق آھي ته آءُ يقين سان چئي سگھان ٿو ته ھتي ڪو به سرڪاري عملدار (رياست قلات طرفان) مقرر نه ڪيو ويو ھو نه ئي ڪو ’’اجاريدار‛‛ ان رياست طرفان موڪليو ويو ھو. ان زماني ۾ اھو رواج ھوندو ھو ته ڪنھن به ھڪ شخص کي ٺيڪي تي ڍل (Revenue) جي وصولي جو اختيار ڏنو ويندو ھو ۽ جيڪو ان جو ڪجھه حصو پاڻ وٽ رکي باقي سرڪار جي حوالي ڪندو ھو. اھو ڪاروبار نھايت فائديمند ھو ڇا ڪاڻ ته ٺيڪيدار جي اختيارن تي بظاھر ڪنھن قسم جو ڪنٽرول يا ضابطو نه ھوندو ھو. اجاريدار تي ڪا به پابندي نه ھوندي ھئي. ۽ ھو آزادي سان جيڪا شرح محصول چاھيندو ھو وصول ڪندو ھو ۽ جيترو حصو چاھيندو ھو سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندو ھو. وڌيڪ ته اھو ملڪ جي گادي کان پري ھجڻ ڪري ان تي ضابطو رکڻ پڻ محال ھوندو ھو. جيترو پري اوترو ضابطو گھٽ. * ھي بندر غلام شاھ ڪلھوڙي ٻڌرايو ھو. واپارين ۾ بيچيني ۽ بي رحمي جو ھڪ ٻيو سبب پڻ ھوندو ھو ۽ اھو ھو ’’ٻٽي محصول‛‛ جو اصول (Principle of Double Taxation) واپارين کي ھڪ کان وڌيڪ جاين تي محصول ادا ڪرڻو پوندو ھو. مثال توھان ھڪ ھنڌ محصول ادا ڪري رسيد ورتي ۽ سمجھيو ته ھاڻي جند آزاد ٿي وئي ۽ ان بعد ڪنھن ٻئي جاءِ تي ڪو محصول ڏيڻو نه پوندو. ليڪن جڏھن توھان نئي جڳھه تي اھا رسيد ڏيکاريندو ته محصول اوڳاڙيندڙ شخص ان رسيد کي قبول ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري ڇا ڪاڻ ته سندس چوڻ آھي ته توھان پورو محصول نه ڏنو آھي ۽ پھرين جيتري يا ان جي لڳ ڀڳ ٻئي رقم ڏيڻي پوندي. سنڌ جي واپار ۽ تجارت جو ھڪ دلچسپ رڪارڊ مسٽر ڪالينڊر (Mr. Callender)اسان لاءِ ڇڏي ويو آھي. ھي شخص 1775 ۾ سنڌ ۾ آيو ھو. اھو زمانو ميان سرفراز خان ڪلھوڙي جي حڪومت جو ھو. ان رڪارڊ جو تعلق اسان جي ڪھاڻي سان آھي، ان جو ھڪ ننڍو حصو پيش ڪري رھيا آھيون: (ٺٽي ۽ شڪارپور جي وچ ۾ ججھو واپار ھلندو ھو، شڪارپور مان واپاري جيڪي شيون ٺٽي آڻيندا ھئا انھن ۾ شالون، زيور وغيره شامل ھوندا ھئا. ٺٽي مان ڌارين ملڪن مان آندل شيون ملڪ جي اندرين علائقن ۾ کڻي ويندا ھئا. ليڪن ھتان جي حڪومت تمام ڳرا محصول قائم ڪري رکيا آھن. ۽ اھي ملڪ جي مختلف حصن ۾ جدا جدا آھن. شرح پڻ مختلف اٿن ان ڪري گذريل اٺن يا ڏھن سالن اندر، ھتي ’’ ٺٽي ۾‛‛ واپار تمام ٿورو وڃي رھيو ھو. سمورو واپار ھاڻي ڪراچي Crotchy ڏانھن منتقل ٿي چڪو آھي، ۽ جتان واپارين جو رستو ھن شھزادي جي حڪومت کان وڌيڪ مضبوط آھي. ھتي آءُ اھو ٻڌائيندو ھلان ته ڪراچي کان ٿيندڙ واپار کي قندار جي پٺيان افغان حڪومت جو تحفظ حاصل آھي. ڪراچي مان ٿيندڙ واپار تي اڍائي سيڪڙو مقرر محصول ھن شھزادي (ميان سرفراز) جي حڪومت کي ڏنو ويندو آھي. اھو محصول خريدار جي منھن تي عائد ٿيل آھي. ليڪن اصل تڪليف جو سبب اھو آھي ته سرڪاري محصول عائد ڪندڙن ۽ دلالن جيڪي محصول جي وصولي لاءِ ذميوار آھن ۾ گھڻو فرق آھي. ليڪن مون کي يقين سان ٻڌايو ويو آھي ته ڪو به واپاري 15 سيڪڙو ڏيڻ کان سواءِ نه ٿو وڃي سگھي ۽ گھٽ ۾ گھٽ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.) ھن حوالي مان اھا ڳالھه محسوس ٿئي ٿي ته 1775 تائين ڪراچي ۾ سرڪار طرفان محصول عائد ڪرڻ تي ڪو عملدار مقرر ٿيل نه ھو. ليڪن 22 سيپٽمبر 1758 جي فرمان يا حڪم نامي ۾ جيڪو سنڌ جي مختلف حصن جي عملدارن ڏانھن جاري ڪيو ھو ۽ جنھن جو مقصد ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني) کي ڏنل مراعاتن کان واسطيدارن عملدارن کي آگاه ڪرڻ ھو، ان فرمان ۾ ’’ڪراچي‛‛ لفظ استعمال ڪيو ويوآھي. ان فرمان جو نقل ڊاڪٽر سورلي ’’ خفيه سياسي کاتي‛‛(Secret and political Department) جي رڪارڊ تان ھٿ ڪري ڇپايو آھي. 1774 جي سال دوران سنڌوندي ۽ خليج فارس (Persion) جي وچ واري ساحلي علائقي جي جاچ جو منصوبو بمبئي ۾ سٽيو ويو ھو. ان مھم لاءِ ٻه جھاز چونڊيا ويا ھئا. ھن مان ھڪ جو نالو ’’ دي فاڪس The Fox‛‛ ھو جنھن جي جانچ ڪپتان ليفٽينٽ رابنس (C.L. Robinson) جي حوالي ڪئي وئي ھئي. وري ليفٽينٽ پورٽر (Lt. Porter) جي حوالي ڪيو ويوھو. انھن ٻنھي جھازن جي امداد لاءِ ھڪ ننڍڙي شامل ڪئي وئي ھئي. سڪندر اعظم کان پوءِ اھا شايد ٻي اھڙي ڪوشش ھئي، پھرين ڪوشش سڪندر اعظم جي جنرل نير ڪوس (Near chus) جي ڪمان ان علائقي جي سروي تي موڪلي وئي ھئي. ان سروري اسان کي ڪيترن ئي نون نالن کان واقف ڪيو آھي. مثلاَََ َ: Eiros, Bibagta, Korokala وغيره. ليڪن انھن جي اصليت کان اسان اڃان نه واقف آھيون. اسان کي خبر پئجي نه سگھي آھي ته آيا اھي شھرن ، ٻيٽن جا نالا آھن يا نه؟ بھرحال اسان کي ھنن نالن جي پوري واقفيت حاصل نه ٿي سگھي آھي. ان مھم جي ھڪ ميمبر مسٽر ماسڪال (Mascall) جو تيار ڪيل نقشو ڏئي رھيا آھيون، ھن مٿي ڄاڻايل مھم تي وڃڻ تيار ڪيو ھو ۽ جيڪو صرف پنھنجو شوق پوري ڪرڻ لاءِ ان مھم تي ويو ھو. اھو نقشو مونجھارو پيدا ڪري ٿو ڇا ڪاڻ ته اھو نقشو ڪنھن ماھر جو تيار ڪيل نه آھي. توھان ڏسندؤ ته ھن شخص ھڪ وقت ھڪ نه پر ٽي نالا ڄاڻايا آھن ۽ ان مان ئي سندس ذھني مونجھاري جو اندازو ڪري سگھو ٿا. ماسڪال کي ڪنھن ھڪ نالي جو يقين نه ھو. آخر اھي ٻئي جھاز (يعني دي فاڪس ۽ دي ڊالفين) سڪندر جي بھشت (Alexander’s Haven) يا ڪياماڙي وٽ اچي لنگرانداز ٿيا ھئا. جھازن تان ڪنھن نامعلوم شخص کي شھر ڏسڻ لاءِ موڪليو ويو ھو. ان شخص شھر جي چوڌاري ھڪ قلعو ڏٺو ھو ۽ ان جي ھر طرف وري ساوڪ نظر آئي ھئي. قلعي ۽ شھر جي حفاظت لاءِ وري فوجي مقرر ٿيل ھئا جيڪي پنھنجي فرض پوري ڪرڻ ۾ مصروف ھئا. ان کان اڳ جو ھي اجنبي شخص پنھنجو ڪم مڪمل ڪري کيس شھر مان نيڪالي ڏني وئي ھئي. ان بعد ھن شخص پنھنجي آفيسرن کي پنھنجي رپورٽ پيش ڪئي ھئي. پورٽر ۽ رابنسن رپورٽ ٻڌڻ بعد ڪنھن اونھي فڪر ۾ غلطان ٿي ويا ھئا ھڪ گھري سوچ کين ورائي وئي ھئي. ليڪن ھنن ٻه ٽي ڏينھن وڌيڪ رھڻ جو فيصلو ڪيو ھو ته جيئن ماحول جو گھرائي سان جائزو وٺي سگھن. ان دوران ھڪ مقامي شخص جھازن کي ڏسڻ ۽ انھن جي عملي ۽ خلاصين جي اھميت معلوم ڪرڻ لاءِ جھازن تي اچي نڪتو ھو. ھن جڳھه کي ڇا چوندا آھن؟ ماسڪال روز ڏئي پڇيو ته جيئن ڳالھه واضع ٿئي. ڪلاچي ڪوٽ ڇا ڇا ٿو چوين؟ ’’ ڪلاچي ڪوٽ بھرحال ھي علائقو ڪنھن جي ذاتي ملڪيت آھي ۽ بنا اجازت ايندڙن ۽ حڪم عدولي ڪندڙن کي گولي سان ماريو ويندو‛‛ ’’ليڪن او باندر مُنھان ھن جڳھه جو نالو ڇا آھي؟ ڪلاچي ڪوٽ‛‛ بھرحال مسٽر ماسڪال کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آيو ۽ بيقراري سندس چھري مان صاف ظاھر نظر اچي رھي ھئي. وڃي کڏ ۾ پَـو توکي وڌيڪ ڪا خبر آھي؟ ھن شھر ۾ ڇا ٿيندو آھي؟ جيڪو ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو ان کي لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٿو، ڪولنجي؟ (Kolonji) ڇا ڪرانچي (Karanchi) باقي آئنده معلوم ڪبو شايد ڪجھه ٿيو به ھجي. ھنن سڀني ڳالھين جو نتيجو اھو نڪتو ته ڪلاچي ڪوٽ نقشي تي جاءِ وٺي نه سگھيو. اھڙي طرح ڪراچي گمنامي ۾ ئي رھي. سيٺ نائومل ۽ ڪراچي خوشي خوشي حياتي گذاري رھيا ھئا کين پنھنجي عام زندگي جي مسئلن کان سواءِ کين ٻيو ڪو مسئلو نه ھو سواءِ ھتان جي گندين گھٽين ۽ ڪچري ڀريل ماحول جي کين پنھنجي ديس کان پري ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ ڪا خبر نه ھئي ته اتي ڇا ٿي رھيو ھو اھو ته ھتي جي حالتن تي انھن واقعن جا اثرات مرتب ٿيندا. ڪلھوڙن سان معرڪي ۾ ان وقت جي قلات جي خان جو سالار جھارڪ خان مارجي ويو ھو ۽ ڪراچي ڪلھوڙن جي ھٿن مان نڪري قلات جي خان جي حاڪميت ۾ اچي وئي ھئي. خان ان بعد ھتي ھڪ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ھئي. ھڪ تاريخ نويس اسان کي ٻڌائي ٿو . ھن وقت تائين جيڪي حقيقتون اسان وٽ آھن سي انتھائي ناقص ھجڻ ڪري انھن تي ڪنھن قسم جي ڀروسو ڪري نه ٿو سگھجي. لالا ھتورام جي (تاريخ بلوچستان) پڙھڻ سان ان ڳالھه جو بخوبي اندازو ٿي سگھي ٿو. لالا ھتورام لکي ٿو ته احمد خان جي پٽ محراب خان کي ميان نور محمّد ڪلھوڙي ديرا مولا وٽ قتل ڪيو ھو. (ڇا محراب خان ۽ جھارڪ خان ساڳي شخص جا نالا آھن؟ يا اھو ٻن نالن وارو ھڪ شخص آھي؟) ھتورام وڌيڪ لکي ٿو ته : ’’ ڪراچي ۽ ڪوراڪا (Koraka) جا علائقا، دھلي جي بادشاھ پاران عيوضي طور (مٿين خون جو عيوضو) قلات جي خان کي ڏنا وياھئا. اھو علائقو مير نصير خان اول جي دور تائين قلات جي خان جي حاڪميت ۾ رھيو ھو. ان وقت اھو تمام ننڍو ۽ غير اھم علائقو ھو. ليڪن جيستائين مون کي خبر آھي ۽ آءُ معلوم ڪري سگھيو آھيان ۽ اڪثر تاريخ نويس ان ڳالھه تي متفق آھن مير فتح علي خان ٽالپر ولد مير صوبدار خان ٽالپر ۽ پوٽو مير بھرام خان ٽالپر ئي ھو جنھن ڪراچي ۽ آس پاس جو علائقو خان قلات کان ڇڏائي سنڌ ۾ شامل ڪيو ھو. ان باري ۾ وڌيڪ مواد اڳتي ايندو. برٽن پنھنجي ڪتاب (سنڌ) ۾ لکي ٿو ته : قديم وقت ۾ ڪراچي مڪران صوبي جو حصو ھوندو ھو ڇا مڪران جو صوبو ھو ڇڏيو ان ڳالھه کي اڳتي وڌون. بھرحال ڪلھوڙن کان ڪراچي حاصل ڪرڻ بعد خان قلات ھت پنھنجو گورنر مقرر ڪيو ھو. ڪراچي جي ان پھرين گورنر جو نالو ڇا ھو؟ اسان کي خبر نه آھي خدائي ٿو ڄاڻي 1793 ۾ شفي علي خان ھن علائقي ۾ خان پاران مقرر ٿيل ھو. چيو وڃي ٿو ته ھي شخص ظالم ۽ بي رحم ھوندو ھو. شھرين جي دانھن تي کيس بدلي ڪري سندس جاءِ تي حاجي سدو (Haji Sadu) نالي شخص کي مقرر ڪيو ويو ھو. حاجي سدو جو دؤر انتھائي مختصر ثابت ٿيو ڇا ڪاڻ ته مير فتح کي خان ٽالپر اڳ ۾ ئي قلات خان کان ڪلاچي ڪوٽ حاصل ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون ھيون.