• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
احمد خان مدھوش
دُعا
اي خُـــدائــي عــزوجَـــلَ ڪــار سازِ لَــمَ يَزّلَ
ڏِيـــجَ توفِيـق عَـمَل، مـاڻـِيـون مـحنت جــو ڦَل
دِيــــن ڏي اِيــــمان ڏي ، قُــــــوَت عِــــرفانَ ڏي
فِــڪَــر عــالــِيشان ڏي بــي مِثال و بـي بَــدل
عَـــقـــلَ ڏي اَدراڪَ ڏي، ھَــــر ارادو پاڪَ ڏي
خُلق ّ جي پوشاڪَ ڏي رنگ اُلفت سان رَتـل
عَـــــــــزَم ڏي اِيــجاد ڏي طــــاقــت فـــولادّ ڏي
حوصّــــلا آزاد ڏي جُــــرئتـُـون مــِثـل جَـبـَل
عِــلــم ڏي اَڀـيـاسّ ڏي دِل گُـھريـو اَلماسَ ڏي
نِعمت اِجسَاسَ ڏي ڪَر اسان تي ڪا ڪَھَل
قومَ جي خاطِر جِيئون قومَ جي خاطِر مَرُون
پيارَ جــو جَــذبــو رَکُون ھَر گَھڙِي ۽ ھَر مـَھَـل
موڪليندڙ: ايس ايم درس
 
Back
Top