ادا سائين ڪافي دفعا ڪجهه لکڻ لا۽ ويٺس پر ڪي بورڊ سمجهه ۾ نه آيو ائين اچانڪ مون جي بابا سائين گذاري ويو ان ڪري مان ڪمپيوٽر کان پري رهيس ايئن سنگت کي سلام نه ڪري سگيس ، توهان سڀني دوستن کي عرض آهي ته مون جي بابا سائين جي لا۽ دعا گهرندا ته الله سائين ان کي جنت فردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ، توهان سڀني جي مهرباني .
السلام عليڪم ادا قادر ڪلهوڙو صاحب ، الله سائين توهان جي والد صاحب کي جنت فردوس ۾ جڳهه عطا ڪري آمين ، ادا قادر صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا دعائن ۾ ياد
ادا الله سائين کان دعا آهي ته توهان جي والد صاحب کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرماءِ ۽ توهان کي صبرِ جميل جي توفيق ڏئي۔۔۔ ان سان گڏ توهان کي اسان هن سنڌ جي فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔
ادا قادر ڪلهوڙو صاحب اوهان جو اسم شريف تمام پيارو آهي۔۔۔ پر جيڪڏهن اوهان قادر جي اڳيان عبد آهيو ته مان اوهان عبدالقادر ڪلهوڙو چوندس، جيڪڏهن اوهان غلام قادر آهيو ته به اوهان جي مان خادم آهيان پر سائين معاف ڪجو اوهان جو پورو اسم شريف انهي ٻنهين مان الائي ڪهڙو هوندو پر مان اوهان کي عبدالقادر ڪلهوڙو ئي لکندس يا پڙهندس ڇو جو نجو قادر نالو الله سائين جل شان هو کي ٿو سونهي۔۔۔۔۔۔ دوست اوهان کي هن سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ ۽ ڌڻي در دعاڳو آهيون ته شال رب ڪريم اوهان جي والد صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين، ۽ اوهان جي والد کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه نصيب عطا فرمائي آمين۔۔۔۔ عبدالقادر ڪلهوڙا صاحب اوهان وڏا وڙ آهن جو اوهان سنڌ سلامت تي ڪهي آيا آهيو۔۔۔۔ ساٿ سلامت سنڌ سلامت
ادا الله سائين کان دعا آهي ته توهان جي والد صاحب کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرماءِ ۽ توهان کي صبرِ جميل جي توفيق ڏئي۔۔