منهنجي طرفان سموري سنڌ جي سورهين دوستن کي عيد جون لک لک واڌايون ....!!! محٻت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو. سنڌ سلامت، فيسبڪ ۽ انترنيٽ جي دنيا ۾ ايندڙ سڀني سنڌين ۽ سنڌ سڃڻن کي پيار ڀريا ڀاڪر پائي هٿ ادب جا ٻڌي عيد واڌايون ... عيد جو مقصد آهي پنهنجين خوشين ۽ غمن جي تورتڪ ڪرڻ ... جيستائين معاشري ۾ هڪ به انسان، انسانيت کان ڪريل زندگي گذاري ٿو ته عيد ڪهڙي ....؟؟؟؟؟ پر پوءِ به قومون پنهنجيون خوشيون ۽ غميون ملاحي ڄاڻن انڪري هر حال ۾ خوشيون ملاهڻ به همٿ آهي ... محبت آهي ... پنهنجائپ جو احساس آهي ... انڪري خوشين جهڙي ڳالهه آهي ته هڪٻئي سان خوشيون ونڊ ڪجن، پيار ڏجي، تحفا ڏجن، خرڇيون ڏجن ، مٺا سرها طعام کائجن... سلام، ڀاڪر ۽ ٽهڪ ڏجن ... منهنجي طرفان سڀني سڃڻن کي ڍير جيتريون دعائون، ۽ اڻ کٽ سڇائن سان عيد جون واڌايون ...جيئن بجلي آهي بادل سان.
خير مبارڪون ادا نثار صاحب توهان جن کي به دل جي گهراين سان محبت ڀريل چاهت سان خلوص ڀري عيدالفطر مبارڪ هجي۔
سڀني دوستن کي عيد جون واڌايون ۔۔۔۔۔۔۔ هن دفعي ڳوٺ ۾ هجڻ ڪري نيٽ سهولت ناهي۔ ڪجهه ڏينهن سنڌ سلامت جي دوستن کان ڏور رهڻو پوندو۔ اڄ خيرپور شهر ۾ هجڻ ڪري اوهان کي عيد مبارڪ چوڻ جو موقعو مليو آهي۔ دعا آهي ته هي عيد اوهان سڀني سڄڻن لاء کوڙ ساريون خوشيون کڻي اچي۔
اسلام عليڪم ڪل عام وانتم بخير سڀني سڄڻڻ ۽ دوستن کي مون احقر پاران پڻ دل جي گهرائن سان عيد جو خوشيون مبارڪون هجن ۽ پلس روزه ، نماز ، تراويحون پڻ مبارڪ هجن ، الله تعالى کان دعا آهي دوست جتي هجن خوشيون انهن جو مقدر هجي ، والسلام عليڪم
منهنجي طرفان سڄي قوم کي ۽ خاص ڪري سنڌ واسين کي دل جي گهراين سان عيد مبارڪ قبول پوي ۔ کيمچند سوٽهڙ ننگرپارڪر ٿر