نثارابڙو
نائب منتظم

بابا شمشير الحيدري کي عيد جي ڏينهن جي ڀيٽا ....
بس ڪجهه پل ....
اي موت! بيهي رهه،
نه گهٽاء فاصلن کي،
بي نور اکڙين جي ويرانين کي ڏس،
ڏڪندڙ هٿن جي لرزش کي ڏس،
ڏس توسان، اکيون ملائي،
ڪجهه چئي رهيو آهيان،
وڙهي رهيون آهيان،
جهور جسم سان ۽ بلند حوصلي سان،
آءُ ڏات ڌڻي، آءُ سراپا سچ،
توسان هلڻ کان انڪار ڪريانٿو،
ها! آءُ زندگيءَ سان پيار ڪريانٿو،
دل جي نازڪ رڳن ۾،
اميدن جي لاٽ ٻاري،
آس ۽ نراس جي چو واٽي تي،
تخيل جي اڏام سان،
آڪاش جي بلندين تان،
ڌرتيءَ جي، خوشبوءَ کي،
پنهنجي ساه ۾ سمائي،
ڪو گيت لکڻ ٿو چاهيان.
انوکي نور سان سڀ ڪجهه ڏسانٿو،
پنهنجو پاڻ تي حيران ۽ نازان،
امر آهيان، مرڻو نه آهيان،
بس! قلندري ٻيڙي جو فقير،
هر فڪر تي بي نياز مولائي آهيان،
ڇا آهي؟ درد نٿو ڄاڻان،
زندگيءَ جي تلخين جو زهر،
زم زم ڪري پيتو اٿم،
۽ پي رهيو آهيان،
تون ڇا مونکي مات ڏيندين،
آءُ توکي مات ڏيانٿو.
اي موت جا فرشتا!
ڇو منهن گوڏن ۾ هڻي روئي رهيو آهين،
نه رو پنهنجي بيوسيءَ تي،
ڇا ياد ڪندين،
توسان گڏ هلان ٿو،
پر! ٿورو ترس يار،
توکان ڪجهه پل گهرانٿو،
پنهنجن پيارن سان گڏ گذارڻ واسطي،
اي موت! بيهي رهه!
نه گهٽاءِ فاصلن کي،
توسان گڏ هلانٿو،
بس ڪجهه پل گهرانٿو!
(بابا سائين شمشير الحيدريءَ جي ڳڻتيءَ جوڳي حالت تي لکليل هڪ خيال)
نسيم حيدري