عيد مبارڪ

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    عيد مبارڪ

    پهرينءَ شوال تي، فطري واري عيد ٿي، جنهن کي عوامي ٻوليءَ ۾ روزن يا رمضان واري عيد ۽ پڙهيل حلقن ۾ عيدالفطر چيو ويندو آهي. عيد جي فلسفي ۽ فطرٖي بابت گھڻن ئي عالمن تفصيل سان ڪتاب به قلمبند ڪيا آهن، ته تقريرن ۽ خطبن ۾ به ويچار ونڊيا آهن، جن جو ورجاءُ ان عيد تي پڻ لفظن جي مَٽ سَٽ سان ڪيو ويو. هتي اسان ان حوالي سان وڌيڪ ڪجھ چوڻ جي جسارت ڪو نه ٿا ڪريون، جو پنهنجي ايتري علميت ۽ عمليت ناهي. البت، ايترو سادگيءَ سان ايترو عرض ضرور ڪبو ته عيدَ جو ڏينهن، هڪ خوشيءَ جي موقعي تي ٻين انسانن کي پنهنجيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن نه صرف پنهنجن عزيزن قريبن سان ملڻ جو ڏينهن آهي، پر ويجھو ۽ پري کان ڪَهي آيل دوستن ۽ ساٿين سان ٽهڪ ڏيڻ، ڀاڪرين پوڻ ۽ يادون ونڊڻ جو ڏينهن آهي. ان حوالي سان، مان اوهان سان هيءَ ڳالهه share ڪيان ته قنبر جي علي خان محلي ۾ رهندڙ اسان جا دوستَ ستار هڪڙو ۽ غلام حسين هڪڙو ٻنهي ’وڏين‘ عيدن تي يعني عيدالفطر ۽ ذوالحج جي عيد تي، پنهنجيءَ اوطاق تي سالن کان وٺي دوستن کي ڪَٺي ڪندا آهن. مون کي اتي ويندي 23، 24 سال گذري ويا آهن. اتي، شهر جا توڙي ٻاهران ٻين شهرن مان ڪَهي آيل سڀ دوست ملندا آهيون، ڀاڪر پائيندا آهيون، ڪچهريون ڪندا آهيون، کِل ڀوڳ ڪندا آهيون، انيڪ موضوعن تي گفتگو ڪندا آهيون، کائيندا پيئندا آهيون ۽ هڪ ڀرپور ڏينهن گذاريندا آهيون. مان کي پڪ آهي ته اهي محبتي سلسلا ڪيئي هنڌن تي هلندڙ هوندا، جيڪي اسان جي زندگيءَ جي انهن ڏينهن کي بيحد يادگار بڻائيندا آهن.
    عيد جو ڏينهن ”عيد مبارڪ“ چوڻ ۽ ”خير مبارڪ“ وصول ڪرڻ جو ڏينهن ته آهي ئي، پر هيءُ ڏينهن پنهنجائپ سان مُرڪون ڏيڻ ۽ مرڪون ميڙڻ جو به ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي موقعو ٿو ڏئي ته جيڪڏهن ڪو اسان کان رُٺل آهي، ته کيس پرچائي وٺون، جيڪڏهن ڪو اسان کان پرڀرو آهي ته کيس ويجھڙو ڪيون، جيڪڏهن ڪنهن جيءَ دل ۾ ڪي رنجشون آهن ته اهي ختم ڪرايون. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسان پڻ ڪنهن عزيز قريب، مِٽ مائٽ، سنگتيءَ ساٿيءَ يا پاڙيسريءَ کان ڪاوڙيل آهيون ته پنهنجيءَ ڪاوڙ کي ختم ڪريون ۽ ناراضگيون وساري وٽن ڪَهي وڃون. جيڪڏهن ڪو ٻيو اسان وٽ اچي نه ٿو سگھي ته اسان وٽس هَلي وڃون ۽ هٿ ٺوڪين انائن جو نه ئي پاڻ شڪار ٿيون، نه ئي ٻين کي شڪار ٿيڻ ڏيون. ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪي دُوريون آهن، ته هِن اهم ڏينهن تي، انهن کي ويجھڙائين ۾ بدلائڻ جا جتن ڪيون. چڱائيءَ هونئن به بهتر آهي، پر جيڪڏهن هن ڏينهن تي خاص طور ڪبي، ته ان سان اصلي خوشيءَ جو مزو ماڻي سگھبو. اِها ئي اُها روحاني خوشي هوندي آهي جيڪا دلين ۾ مَوجزن ٿي سرمستيءَ جا گيت آلاپيندي آهي....
    هن ڀيري به سرڪار عيد جي موڪلن جو عام اعلان ڪيو. اوهان چڱيءَ پر ڄاڻو ٿا ته هنن ڪجھ ڏينهن جي موڪلن ۽ عيد جي خوشيءَ ڀرئي موقعي ڪارڻ ٻين شهرن ۾ ڪمائيندڙ فرد پنهنجن اباڻن گھرن ڏانهن ورندا آهن ۽ گھر ڀاتين سان ملي ڏاڍا سَرها ٿيندا آهن.
    عيد ڏينهن عام طور ٿيندو ايئن آهي ته ڪنهن به گھر جا سڀئي مرد ۽ ٻار گڏجي عيد نماز پڙهڻ لاءِ عيدگاهه ويندا آهن. اسان پڻ ورهَن جا ورهه ان سلسلي جو حصو رهيا آهيون. مان کي ياد آهي اسان سڀ قنبر شهر جي اولهه ۾ واقع وڏي عيدگاهه ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئاسين، جتي مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب پيش امامت ڪندو هو. اتي وڏي رونق هوندي هئي. کائڻ پيئڻ جون شيون کپائيندڙ، ڦوڪڻا کپائيندڙ ۽ ٻارن جا رانديڪا کپائيندڙ به ججھا، ته وٺڻ وارا ٻار به سوَن جي ڳاڻيٽي ۾. ڄڻ ميلي جو ڏيک هوندو هو، وڏو چهچٽو مچندو هو. نماز پڙهندڙن ۾ ان فرق جي ڪا اهميت نه هئي ته ڪير ٻانهون ٻڌي ٿو نماز پڙهي ۽ ڪير کولي. مقصد عيد نماز پڙهڻ هو. دعا گُھري، پنهنجن ۽ دوستن توڙي واقفن کي عيد واڌايون ڏئي، موٽندي قبرستان ۾ آرامي وڏن کي قل بخشي، گھر ورندا هئاسين، ته عيد ماني تيار.... پر هاڻي ڳالهه ئي اور ٿي وئي آهي. عيدگاهون ۽ مسجدون به دلين وانگر ورهائجي ويون آهن، ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويا آهن، مخصوصيت وڌي وئي آهي. ٻيو ماڻهو ٻئي هنڌِ، پنهنجِي مسجد ۽ عيدگاهه يا امام بارگاهه ۾ هليو وڃي، نه ته پنهنجي نقصان جو ذميوار پاڻ هوندو. سهپ واري ڌرتي اسهپ جو شڪار ٿِي وئي آهي! ٻئي کي پنهنجي پسند تي ڇڏڻ بدران، چاهيو ٿو وڃي ته ٻيا هنن جي پسندن تي هلن. ان حوالي سان هيءَ گھڙي اڃا به سوچڻ جي آهي، ممڪن آهي ته اڳتي هلي اهڙو موقعو به هٿن مان نڪري وڃي....
    هنن موڪلن جي ڏينهن ۾ عيد گذاري، ٻئي ڏينهن يعني گيدَ تي، عام طور ماڻهو گھمڻ ڦرڻ، پڪنڪ ڪرڻ به نڪرندا آهن. وڏن شهرن ۾ ته اهڙا ڪيئي تفريحي ماڳ آهن جتي گھمڻ لاءِ وڃي سگھبو آهي ۽ سڄو ڏينهن مزو وٺبو آهي، پر اسان جِن شهرن ۾ رهون ٿا، اتي اهڙا ڪي موقعا ميسر ناهن، نه ته ڪي سٺا باغ آهن ۽ نه ئي ڪي بهتر تفريحي هنڌَ.... ان ڪري ٿئي ايئن ٿو ته يا ته ماڻهو ڪچهريون ڪري ئي وقت گذارن ٿا يا وري پنهنجي اوسي پاسي ۾ جيڪڏهن ڪو تاريخي ماڳ مڪان آهي ته اتان چڪر هڻي اچن ٿا. جھڙوڪ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان اڪثر ڪري ماڻهو موهين جي دڙي گھمڻ ويندا آهن، خيرپور، گنبٽ يا راڻي پور ۽ ٻين ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهو ڪوٽ ڏيجي جو چڪر هڻندا آهن، پر ان جو نتيجو ڏاڍو ڏکوئيندڙ نڪرندو آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ موهين جي دڙي يا ڪوٽ ڏيجي جي ڀيلَ ٿيندي آهي. نوجوانَ پنهنجي ناسمجھيءَ ۽ تاريخ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب موهين جي دڙي جي گھٽين ۾ بي درديءَ سان موٽر سائيڪلون ڀڄائيندا آهن يا وري ڊهندڙ ڀتين تي چڙهندا آهن جنهن سان ان تاريخي ماڳ ڏاڍو نقصان رَسندو آهي، جيڪو اسان جي پنج هزار ساله سڌريل تهذيب جو اهڃاڻ آهي. ٻئي طرف ڪوٽ ڏيجي سان به اهڙي ئي ڪارِ ڪئي ويندي آهي، فرق صرف ايترو آهي ته اُتي بائيڪن جي ڊوڙ ناهي لڳندي. بهرحال، ان طرف سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي ۽ تفريحي ماڳ مڪان ميسر ڪري ڏيڻ جي پڻ گھڻي گھرج آهي.
    ***
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    رياضت سائين اميد ته پنهنجي ڪٽنب ۽ سنگت سميت خوش هوندو شال
    اوهانجي لکڻي پڙهي سوچيم ته اقتباس وٺجي ، پر هت ته هڪ هڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ايترو ته ڳرو آهي جو ان کي عليحده نه ٿو ڪري سگهجي ، لڳي ايئن ٿو ته اوهان صحبت جمال محبت جمال وارن سان اوهانجو گهرو واسطو آهي ، اوهان جيڪو ذڪر ڪيو آهي هڪڙو ڪٽنب جو جيڪي سڀني سڄڻن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي گڏ ڪن ٿا ، الله سائين انهن جي ان روايت کي قيامت تائين قائم رکي ۔ 1980 يا 1981 ۾ سائين حُسام الدين هڪڙو جو آهڙن ئي آرهڙ جي ڏينهن ۾ رمضان جي عيد تي سندس مهمان ٿيو هيس ، يقين ڪريو اهڙي محفلن سان ريس ( ساڙ ۽ حسد نه ) ٿيندي آهي ۔ اوهان هتڙي دوستن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۔ انهي لاء منهنجي دعا آهي او منهنجا پروردگار اي منهنجا ربّ اهڙي ڪاوڙ ۽ ناراضگي تي پنهنجي رحمت نازل ڪر جنهن سان پيار ۽ محبت وڌي ۽ ِويجهي آمين ثم آمين الله سائين اوهان سڀني کي توفيق عطا ڪري جو پنهنجي سنڌ ۾ اهڙيون اوطاقن جو سلسلو قائم رکن ۔
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني ادا رضوان علي جمالي،
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ صحبت جمال منهنجا ڀائر آهن۔ سائين حسام الدين هڪڙي سان منهنجون پڻ ڪجهه ڪچهريون ٿيون هيون۔ سندن ئي محلي علي خان ۾ اسان دوستن جون ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رياضت سائين اوهان کي به عيد واڌايون

    اوهان جو تمام سهڻو مضمون پر پوء به ماڻهو الائي ڇو انائن جي زنجيرن مان نڪري ناهن سگهيا۔ ماڻهن جا رويا عجيب ۽ نرالا ٿيندا ٿا وڃن۔ ڪاش ڪو محبت جي ٻولي سمجهي ۽ ان جي ڦل جو مزو وٺي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو