ڏياريءَ جو واڌيون هجن...

'مختلف موضوع' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2009۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    دوستو ڪهڙا حال آهن اميد ٿي ڪجي ته مزي ۾ هوندا اسين به بس هتي ڏياريءَ هي ڏينهن تي خوش آهيون پر خوش هوندي به اندر ۾ مزو ڪونهي

    اڄ هر طرف خوشي جو ماحول آهي هر طرف صرف چمڪندڙ روشنيون پيون نظر اچن. هر طرف کان بس ڦٽاڪن جا آواز پيا ٻڌڻ ۾ اچن ايئن پيو لڳي ڄڻ سارو عالم ڦٽاڪن جي روشنيءَ سان روشن هجي. سموري فضا ۾ بارود جي بدبوءَ آهي. ڀلا ايندي به ڇونه ڏياري پوري هڪ سال کانپوءِ واپس آئي آهي. هر پاسي بس مٺائيءَ جي مهڪندڙ خوشبوء........... جتي ڪٿي جليبين جا تڙڪا، معصوم ڪومل ۽ سونهن ڀريا چهرا ۽ ماڻهن جي هن ميلي ۾ مان اڪيلو بلڪل اڪيلو....

    منهنجو پريوار ته اڄ مونسان گڏ آهي. جنهن ۾ بابو سائين، هڪ ڀاءُ ۽ ڀاڀي ۽ سندن پنجن ٻارن جي فوج، باقي منهنجا ٻه ڀائر سنڌ ۾ آهن ۽ منهنجي اڪيلي ڀيڻ پڻ سنڌ ۾ آهي. انهن سڀني جي هوندي به مان اڪيلو آهيان.

    منهنجا پنهنجا، منهنجا دوست، جيڪي پڻ سنڌ ۾ آهن. افسوس جو مان انهن کي ڏياريءَ جون واڌيون روبرو به نه ٿو ڏئي سگهان اڄ جڏهن مان لکي رهيو آهيان منهنجي اکين مان لڙڪ ڄڻ باهه جي چڻگ جيان ڪي بورڊ کي ساڙي رهيا آهن. منهنجون آڱريون صفا فنا ٿي چڪيون آهن...


    معاف ڪجو باقي مان سڀاڻي لکندس....... وڌيڪ لکڻ جي همت ڪونهي پر پوءِ به پنهنجن جي ياد ۾ ڀڳل ٽٽل شاعري جنهن کي استاد نثاز ناز تصيح ڪري ڏيندو اها توهان سان ونڊيا پيو...
    ياد آيا دوست سارا اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي
    ڪيا مون ويس ڪارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي

    ڪڏهن ٿيندو ديدار نصيٻ سهڻي سائينءَ جو ؟؟
    ڇا وارا ٿيندا نيارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي

    نه رهي ميٺاج مٺائيءَ ۾ هتڙي.
    نه آهن ڄمون جيئي لطيف وارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي

    اسين اڪيلا بس اڪيلائي آهي قسمت ۾
    اسين آهيون پرديس ۾ پيارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي​


    اڄ جي رات جو احوال سڀاڻي ڏيندس جنهن لاءِ مان معذرت خواهه آهيان.

    دعائن ۾ ياد
    sindhsalamatsaathsal
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مبارڪ هجي توهان کي هي ڏياري اي پيارا
    اهي ئي اوهان لاءِ ڏينهن هوندا آهن خوشين وارا۔۔
    ملندا هڪ ڏينهن سڀ پنهنجا اوهان کي۔۔
    ڪندا ڏياري گڏجي اوهان جي گهر جا فرد سارا۔۔

    يار رنجيت توهان کي ڏياري جي مبارڪ ڏيڻ ته وسري وئي۔۔۔
    ڏياري مبارڪ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    مون جي طرفان به ادا ديوالي مبارڪ هجي توهان کي shal judy hujeen
     
  4. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Sain khair mubarak, mhrbaoi
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا اوهان کي هن سنڌ سلامت جي طرفان ديوالي جون لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔۔

    اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن شال رب ڪريم اوهان جي پنهنجن کي جلد ئي ملائيندو ۽ ايڏا وڏا وڇوڙا نه رهندا۔۔۔

    اسان جي واڌائين کي شال قبول ڪريو۔۔۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا رنجيت پنهنجي خوشين ۾ اسان کي به شامل ڪرڻ تي۔۔۔ توهان جي مهرباني
    هتي پاڪستان ۽ خصوصاََ ڪراچي ۾ به ڏياري موقعي جي حساب سان ملهائي وئي ڪجهه تصويري جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    جي ٿي سگهي ته اتان جي سنڌين کي ڏياري ملهائيندي تصويري نظاري جي صورت ۾ ونڊ ڪريو ۽ کين اسان سنڌ وارن ۽ سنڌ سلامت ساٿ طرفان به کوڙ ساريون مبارڪون ڏيو۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا رنجيت نمستي
    توهان کي توهان جي سڀني کان وڏي ، ڀلاري ۽ خوشين ڀرئي موقعي ڏياري واري ڏڻ تي مون مسڪين پاران \\ڍير ساريون واڌايون۔ هي ڇا خوشين ڀرئي ڏينهن تي اکين ۾ ڳوڙها، نه نه رنجيت مٺا ائين ڪونه ٿيندو۔ سڀ نصيب جون ڳالهيون آهن، بي بولڊ ادا، پنهنجي شُڀ ڏينهن کي محبتن سان خوشين سان ٽهڪ ڏئي ملهائي، ڌڻي سائين ڪندو، جُدائين جا ڏينهن ڪٽبا، وري ميلا ٿيندا۔ اڙي ها مُنهنجي پاران سموري هند جي سنڌين کي ڏياريءَ جون واڌايون ضرور پهچائجان۔
    ماندي ٿي نه مارئي تُنهنجو الله ڀي آهي
    هو سئو ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي منجهه لاهي
    هو اهڙو ئي مالڪ آهي جو ماڳ پهچائيندئي مارئي۔​

    سنڌي سدائين گڏ۔ هر غم ۾ هر خوشيءَ ۾ اسان توکان چريا ڪنهن به پل جُدا ناهيون ٿيا۔ تُنهنجي دل سان گڏ اسان سنڌ واسين جي دل به صرف سنڌ ڪارڻ ۽ سنڌين جي سلامتي ڪارڻ ڌڙڪي ٿي۔ يقين ڄاڻجان ادا رنجيت شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    sadayeen gudsadayeen gudshabash

    [​IMG]
     
  9. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سڀني دوستن کي ودايون
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو