قالوانالله وَ انا عليه راجعون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر قربان جهتيال به وڇوڙي جو داغ ڏئي ويو ، الله تعالىٰ کيس جنت الفردوس عطا ڪريس ۽ پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري ۔
 
29wv66a.jpg
انالله وَ انا عليه راجعون


ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر، سماجي ورڪر، ادبي ميدان ۾ سرگرم رهندڙ ، صحافي، پبلشر ۽ سٺو انسان ڊاڪٽر قربان علي جهتيال سدائين ياد رهندو۔ سندس مغفرت ۽ بلند درجن لاء دعاگو آهيون۔​
هن پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاريا آهن، هن هوش سنڀاليو ته لکڻ شروع ڪيو. هزارين گيت، غزل، وايون، چوسٽا، ٽيڙو ۽ بيت سرجيا. هن جا مضمون، تبصرا، خاڪا ۽ ڪهاڻيون به ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت جو سچو ڪارڪن آهي. 5 ڀيرا ”ساس“ جو ضلعي دادو جو ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سان 1989ع کان سلهاڙيل رهيو آهي. 5 سال ڦلجي اسٽيشن ۾ مفت ”جمع ڪلينڪ“ هلايائين. ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ريڊيو جي دنيا ۾ به ڇانيل رهيو. سندس ادارت هيٺ ”ريڊيو پبليڪيشن ڦلجي اسٽيشن“ جا 12 پرچا ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ ريڊيو متعلق وسيع معلومات ۽ ادبي مواد سهيڙيل آهي. پنهنجي علائقي ۾ ريڊيو جا چار وڏا فنڪشن به ڪرايائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر، فنڪار شامل ٿيا.​
 
Back
Top