رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
مون چيو:
”ريل جي پٽڙين وانگر
اسان همسفر آهيون
ساٿي آهيون
سدا گڏ هلون پر
ڪڏهن نه ملون “
تو چيو :
”ريل جي پٽڙين کي سدائين ساڳيءَ وٿي تي هلڻ گهرجي
اهي
جيڪڏهن ملنديون
يا
فاصلا گهٽائينديون
يا وڌائينديون
ته
وڏا حادثا ٿي پوندا“
مرحوم الطاف عباسي جو آخري نظم